Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 18:20 - Sindhi Bible

20 يسوع جواب ڏنس تہ مون کُليو کُلايو دنيا سان ڳالهايو آهي، مون هميشہ عبادتخانن ۽ هيڪل ۾، جتي سڀ يهودي اچي ڪَٺا ٿيندا آهن، اتي تعليم ڏني آهي؛ ۽ ڳُجهو ڪي بہ ڪين چيو اٿم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 يسوع وراڻيس تہ ”مون سنسار سان کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. آءٌ هميشہ ڀڳتيءَ وارين جاين ۽ هيڪل ۾ سکيا ڏيندو رهيو آهيان، جتي سڀ ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن. مون ڳجھيءَ طور ڪابہ ڳالهہ نہ چئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 عيسيٰ وراڻيس تہ ”مون دنيا سان کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. آءٌ هميشہ عبادت‌خانن ۽ هيڪل ۾ تعليم ڏيندو رهيو آهيان، جتي سڀ ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن. مون ڳجھيءَ طور ڪابہ ڳالهہ نہ چئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 عيسيٰ وراڻيس تہ ”مون دنيا سان ھميشہ کليو کلايو ڳالھايو آھي. مون عبادت⁠خانن ۽ ھيڪل ۾ تعليم ڏني آھي، جتي سڀ يھودي اچي گڏ ٿيندا آھن. مون ڪابہ ڳالھہ ڳجھي نہ چئي آھي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 18:20
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ پنهنجن ڀائرن ۾ تنهنجو نالو پڌرو ڪندس: ۽ جماعت جي وچ ۾ تنهنجي تعريف ڪندس.


مون وڏي جماعت ۾ تنهنجيءَ راستبازيءَ کي ظاهر ڪيو آهي؛ اي خداوند، تون ڄاڻين ٿو تہ آءٌ پنهنجو منهن بند نہ ڪندس.


مون ڳجهہ ڳوهہ ۾، يا زمين جي ڪنهن اونداهي جاءِ ۾ ڪلام نہ ڪيو آهي؛ مون يعقوب جي اولاد کي ڪونہ چيو تہ مون کي اجايو ڳوليو: آءٌ خداوند سچ ٿو ڳالهايان ۽ راستيءَ جون ڳالهيون ظاهر ٿو ڪريان.


اوهين منهنجي ويجهو اچو، اوهين هي ٻڌو؛ شروعات کان وٺي مون ڳجهہ ڳوهہ ۾ نہ ڳالهايو؛ جنهن وقت کان وٺي اهو هو، تنهن وقت کان آءٌ اتي آهيان: هاڻي خداوند خدا مون کي ۽ پنهنجي روح کي موڪليو آهي.


تنهنڪري جي هو اوهان کي چون، تہ ڏسو، هو رڻ پٽ ۾ آهي، تہ متان ٻاهر نڪتا آهيو. جي چون تہ ڏسو، هو اندرين ڪوٺين ۾ آهي، تہ متان اعتبار ڪريو.


اوڏيءَ مهل يسوع ميڙاڪن کي چوڻ لڳو تہ جيئن ڪنهن ڌاڙيل تي ڪاهي اچبو آهي، تيئن اوهين بہ مون کي جهلڻ لاءِ تراريون ۽ لٺيون کڻي آيا آهيو ڇا؟ آئون هر روز هيڪل ۾ ويهي تعليم ڏيندو هوس، ۽ اوهان مون کي ڪين پڪڙيو،


تڏهن سردار ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چوڻ لڳو تہ هن ڪفر بڪيو آهي: شاهدن جي ٻي اسان کي ڪهڙي گهرج آهي؟ ڏسو، اوهان ڪفر جي ڳالهہ ٻڌي آهي،


۽ يسوع ساري گليل ۾ هنن جي عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو، ۽ بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو، ۽ سڀني قسمن جي مرضن، ۽ سڀني قسمن جي بيمارين کان ماڻهن کي ڇُٽائيندو گهمندو رهيو.


پوءِ يسوع سڀني شهرن ۽ ڳوٺن ۾، ۽ عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو، ۽ بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو، ۽ سڀني قسمن جي مريضن، ۽ بيمارن کي ڇُٽائيندو گهُمندو رهيو.


اها ڳالهہ هن کُلي کُلائي ڪئي. پوءِ پطرس هن کي جهلي جهڻڪڻ لڳو.


۽ هو روز ڏينهن جو هيڪل ۾ تعليم ڏيندو هو، ۽ رات جو ٻاهر نڪري زيتون جي ٽڪر تي وڃي ٽڪندو هو.


۽ هو اُنهن جي عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو رهيو، ۽ سڀني پئي سندس واکاڻ ڪئي.


تون مون کان ڇو ٿو پڇين؟ جن ٻُڌو آهي، تن کان پڇ تہ مون کين ڇا ڇا چيو آهي: ڏس، جيڪي مون چيو آهي، تنهن جي کين خبر آهي.


اهي ڳالهيون هن ڪفرناحوم ۾ هڪ عبادتخاني ۾ تعليم ڏيڻ وقت چيون.


پوءِ جڏهن عيد جا اڌ جيترا ڏينهن گذريا، تہ يسوع هيڪل ۾ ويو ۽ تعليم ڏيڻ لڳو.


۽ ڏسو، هو کُليو کُلايو بيٺو ڳالهائي، ۽ اُهي ڪي ڪين ٿا چوَنس. ائين آهي ڇا تہ سردار سچ پچ ڀانئين ٿا تہ هيءُ مسيح آهي؟


پوءِ يسوع هيڪل ۾ تعليم ڏيندي وڏي آواز سان چيو، تہ اوهين مون کي سڃاڻو ٿا، ۽ خبر بہ اٿوَ تہ آئون ڪٿان جو آهيان؛ ۽ آئون پاڻو پاڻ نہ آيو آهيان، پر جنهن موڪليو اٿم، سو سچو آهي، جنهن کي اوهين نٿا سڃاڻو.


ڇالاءِ تہ ڪوبہ اهڙو ڪونهي جو جيڪي ڪري سو لڪائي، ۽ پوءِ بہ ڀانئين تہ مشهور ٿيان. جي تون اهي ڪم ٿو ڪرين تہ جهان کي پاڻ پڌرو ڪري ڏيکار.


۽ صبح جو سوير وري هيڪل ۾ آيو، ۽ سڀ ماڻهو اچي وٽس مڙيا، ۽ هو ويهي کين تعليم ڏيڻ لڳو.


مون کي اوهان جي بابت گهڻو ڪي چوڻو آهي، ۽ فيصلو ڪرڻو آهي: پر جنهن مون کي موڪليو آهي سو سچو آهي، ۽ جيڪي کانئس ٻُڌو اٿم، سو ئي جهان کي ٻُڌايان ٿو.


ڇالاءِ جو بادشاهہ جنهن سان صاف صاف بيٺو ڳالهايان، تنهن کي اها بہ خبر آهي، ۽ پڪ اٿم تہ انهن مان ڪابہ ڳالهہ کانئس لڪل ڪانهي؛ ڇو جو اها ڳالهہ ڪنڊ پاسي ۾ ڪانہ ٿي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ