Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 18:12 - Sindhi Bible

12 تنهن تي انهيءَ ٽوليءَ ۽ سندس عملدار، ۽ يهودين جي حوالدارن يسوع کي جهلي ٻَڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 تڏهن رومي سپاهين جي ٽولي، سندن عملدار ۽ يهودين جي پهريدارن يسوع کي گرفتار ڪيو ۽ کيس ٻڌي قابو ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 تڏهن رومي سپاهين جي ٽولي، سندن عملدار ۽ يهودين جي پهريدارن عيسيٰ کي گرفتار ڪيو ۽ کيس ٻڌي قابو ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 سپاھين جي پلٽڻ، سندن عملدار ۽ يھودين جي پھريدارن عيسيٰ کي گرفتار ڪيو ۽ کيس ٻڌي قابو ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 18:12
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن انهيءَ هنڌ آيا جنهن جو خدا ڏس ڏنو هوس؛ تڏهن ابرهام اتي قربانگاهہ جوڙي ۽ اتي ڪاٺيون ٺاهي رکيائين، ۽ پنهنجي پٽ اسحاق کي ٻڌي ڪاٺين جي مٿان رکيائين.


پوءِ هن کين نگهبانيءَ جي لاءِ پهريدار سپاهين جي ڪپتان جي گهر ۾، انهي ساڳئي قيد خاني ۾ کڻي وڌو، جتي يوسف بند ٿيل هو.


خداوند ئي خدا آهي، ۽ هن اسان کي سوجهرو ڏنو آهي: اوهين قربانيءَ کي قربانگاهہ تي رسين سان ٻڌو، يعني قربانگاهہ جي سڱن سان.


۽ جن يسوع کي جهليو هو، سي هن کي سردار ڪاهن قائفا جي گهر وٺي ويا، جتي فقيهہ ۽ بزرگ اچي گڏ ٿيا هئا.


۽ هن کي ٻَڌي وٺي ويا، ۽ وڃي پلاطس حاڪم جي حوالي ڪيائونس.


تڏهن حاڪم جا سپاهي يسوع کي محلات مان وٺي ويا، ۽ سڄي پلٽڻ وٽس آڻي گڏ ڪيائون.


۽ هو يسوع کي سردار ڪاهن وٽ وٺي آيا: ۽ اُتي سڀيئي سردار ڪاهن ۽ بزرگ ۽ فقيهہ هن وٽ اچي گڏ ٿيا.


۽ سردار ڪاهنن صبح ٿيڻ شرط بزرگن ۽ فقيهن ۽ سڄي صدر مجلس سان صلاح مشورت ڪئي، ۽ يسوع کي ٻَڌي وٺي ويا، ۽ پلاطس جي حوالي ڪيائونس.


پوءِ هو جهلي وٺي ويس، ۽ سردار ڪاهن جي گهر وٺي آيس. پر پطرس پريان پريان پٺيان پئي آيو؛


پوءِ يهوداهہ پلٽڻ جي سپاهين جي ٽولي هٿ ڪري، ۽ سردار ڪاهنن ۽ فريسين کان حوالدار وٺي، شمعدانن ۽ مشعلن ۽ هٿيارن پنوهارن سان اُتي آيو.


هاڻي قيصريہ ۾ ڪرنيليس نالي هڪڙو ماڻهو هوندو هو، جو انهيءَ پلٽڻ جو صوبيدار هو، جنهن کي اطالياني پلٽڻ ڪري سڏيندا هئا.


۽ هو کيس ماري وجهڻ جي سعيي ۾ هئا، تہ پلٽڻ جي سردار کي خبر وڃي پهتي تہ ساري يروشلم ۾ وڳوڙ پئجي ويو آهي.


جڏهن پولس کي قلعي منجهہ وٺي وڃڻ تي هئا، تڏهن هن پلٽڻ جي سردار کي چيو تہ مون کي موڪل آهي تہ توکي ڪجهہ چوان؟ تنهن تي هن چيس تہ توکي يوناني ٻولي اچي ٿي ڇا؟


جڏهن ڏاڍو تڪرار ٿي پيو، تڏهن پلٽڻ جي سردار کي اهو ڊپ ٿيو تہ متان پولس کي ڏاري ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏين، تنهنڪري سپاهين کي حڪم ڏنائين تہ وڃي گوڙ مان هن کي زوريءَ قلعي ۾ وٺي اچو.


۽ فلستين اچي پڪڙيس، ۽ سندس اکيون ڪڍي ڇڏيائون؛ ۽ غزہ ۾ وٺي آيس، ۽ پتل جي ٻيڙين سان ٻڌائونس؛ ۽ هو قيدخاني ۾ جنڊ پيهڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ