Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 18:1 - Sindhi Bible

1 جڏهن يسوع اهي ڳالهيون چئي چڪو، تڏهن پنهنجن شاگردن سان گڏ قدرون جي نهر جي پار لنگهي ويو، جتي هڪڙو باغ هو، جنهن ۾ پاڻ ۽ سندس شاگرد ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 جڏهن يسوع اها پرارٿنا ڪري چڪو، تڏهن هو پنهنجي چيلن سان گڏ نڪري يروشلم جي ٻاهران قدرون جي برساتي نهر مان پار لنگھي هڪڙي باغ ۾ داخل ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن عيسيٰ اها دعا گھري چڪو، تڏهن هو پنهنجي شاگردن سان گڏ نڪري يروشلم جي ٻاهران قدرون جي برساتي نهر مان پار لنگھي هڪڙي باغ ۾ داخل ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 جڏھن عيسيٰ اھا دعا گھري چڪو، تڏھن پنھنجي شاگردن سان گڏ قدرون جي برساتي نھر مان لنگھي ھُن ڀر ويو. اتي ھڪڙو باغ ھو جنھن ۾ ھو پنھنجي شاگردن سميت داخل ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 18:1
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند خدا آدم کي عدن جي باغ ۾ رکيو، انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ جي باغباني ڪري ۽ سنڀالي.


تنهنڪري خداوند خدا هن کي عدن جي باغ مان ڪڍي ڇڏيو، تہ زمين، جنهن مان هو نڪتو آهي، تنهن کي پوکي.


۽ ساري ملڪ رڙيون ڪري رُنو ۽ ساري قوم لنگهي هلي: بادشاهہ بہ قدرون جي نهر لنگهيو ۽ سڀ ماڻهو بہ لنگهي بيابان جو رستو ڏئي هليا.


۽ پنهنجي ماءُ معڪہ کي بہ هن راڻي ٿيڻ کان برطرف ڪيو، ڇالاءِ جو هن هڪڙي يسيرت جي لاءِ هڪڙي ڪراهت جهڙي مورت بنائي هئي؛ ۽ آسا اُها مورت وڍي ڪيرائي ڇڏي، ۽ قدرون نهر وٽ اُها ساڙي ڇڏيائين.


ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن تون ٻاهر ويندين ۽ قدرون جي نهر لنگهندين، انهيءَ ڏينهن پڪ ڄاڻج تہ ضرور مرندين: تنهنجو خون تنهنجي ئي سر تي پوندو.


۽ آخز جي مٿينءَ ڪوٺيءَ جي ڇت تي جي قربانگاهون يهوداہ جي بادشاهن جوڙايون هيون، ۽ جي قربانگاهون خداوند جي گهر جي ٻن ايوانن ۾ منسي جوڙايون هيون، سي بادشاهہ ڊهرائي خاڪ ڪري ڇڏيون، ۽ اُها خاڪ اُتان کڻائي قدرون جي نهر ۾ اُڇلارائي ڇڏي.


۽ بادشاهہ سردار ڪاهن خلقياہ، ۽ ٻئي درجي وارن ڪاهنن ۽ دربانن کي حڪم ڏنو تہ خداوند جي هيڪل مان اُهي سڀ باسڻ ڪڍي ٻاهر ڪن جي بعل جي لاءِ، ۽ يسيرت جي لاءِ، ۽ آسمان جي سڀني تارن لاءِ جوڙايا هئائون: پوءِ هن اُهي يروشلم جي ٻاهران، قدرون جي ٻنين ۾ ساڙائي ڇڏيا، ۽ انهن جي خاڪ بيت ايل ۾ کڻائي ويو.


۽ هن خداوند جي گهر مان يسيرت ڪڍي يروشلم جي ٻاهران قدرون جي نهر وٽ آڻي، انهي کي قدرون جي نهر تي ساڙيو ۽ لتاڙي خاڪ ڪيائين، ۽ اُها خاڪ عام ماڻهن جي قبرن تي اُڇلايائين.


۽ بادشاهہ آسا جي ماءُ معڪہ کي بہ هن ملڪہ جي درجي تان لاهي ڇڏيو، ڇالاءِ جو انهيءَ يسيرت لاءِ هڪڙي ڪراهت جهڙي مورت جوڙي هئي، ۽ آسا اها مورت وڍي ڇڏي، ۽ انهيءَ کي قدرون نهر تي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيائين.


۽ ڪاهن خداوند جي گهر جي اندرئين ڀاڱي ۾ ان کي صاف ڪرڻ لاءِ ويا ۽ خداوند جي گهر جي ايوان ۾ خداوند جي هيڪل منجهہ جيڪا گندگي ڏٺائون سا ٻاهر ڪڍي آندائون. ۽ لاوي اها ڪڍي قدرون جي نديءَ ڏانهن کڻي ويا.


۽ هو اُٿيا ۽ يروشلم ۾ جيڪي قربانگاهون هيون، ۽ لوبان ساڙڻ جون سڀ قربانگاهون کڻي ويا، ۽ وڃي قدرون جي نديءَ ۾ اُڇلايائون.


پوءِ آءٌ رات جو چڙهي نهر جي پاسي کان ويس، ۽ ڀت ڏٺم، ۽ اتان موٽي واديءَ واري دروازي کان اندر گهڙي، وري هليو آيس.


۽ مڙهن ۽ ڪيريءَ جي سڄي وادي، ۽ سڀ ٻنيون قدرون جي نهر تائين، ۽ اُڀرندي ڏي گهوڙي واري دروازي جي ڪنڊ تائين، خداوند جي لاءِ پاڪ ٿينديون؛ اُهو پٽي ڪڍيو نہ ويندو، ۽ نہ وري ڪڏهن هيٺ اُڇلايو ويندو.


تون انهيءَ کي ٽڪر ٽڪر ڪري مٿس تيل اوتج: اها کاڌي جي قرباني آهي.


۽ جڏهن هو زبور ڳائي چڪا تڏهن زيتونن جي جبل ڏانهن هليا ويا.


پوءِ يسوع هنن سان گڏجي گتسمني نالي هڪڙي هنڌ آيو، ۽ پنهنجن شاگردن کي چيائين تہ اوهين هتي ويهو، جيسين ڪ آئون هوڏانهن وڃي دعا گهران.


۽ جڏهن زبور ڳائي چڪا، تڏهن هو زيتونن جي جبل ڏانهن هليا ويا.


۽ هو هڪڙي هنڌ آيا، جنهن کي گيتسمني سڏيندا هئا، ۽ هن پنهنجن شاگردن کي چيو، تہ اوهين هتي ويٺا رهو، جيسين ڪ آئون دعا گهران.


اُٿو، هلو تہ هلون: ڏسو، جيڪو مون کي جهلائي ٿو سو ويجهو آيو آهي.


پر هيءُ انهي لاءِ ٿو ٿئي تہ دنيا کي خبر پوي تہ آئون پيءُ کي پيار ٿو ڪريان، ۽ جيئن پيءُ مون کي حڪم ڏنو آهي، تيئن ئي ٿو ڪريان. اُٿو، هلو تہ هتان هلون.


سردار ڪاهن جي نوڪرن مان هڪڙو اُنهي جو مائٽ هو، جنهن جو ڪَن پطرس ڪَپيو هو، تنهن چيس تہ مون توکي ڪين ساڻس باغ ۾ ڏٺو؟


۽ اسان وٽ اچي، پولس جو ڪمربند کڻي، پنهنجا هٿ پير ٻَڌي چوڻ لڳو، تہ پاڪ روح هيئن ٿو چوي، تہ جنهن شخص جو هي ڪمربند آهي، تنهن کي يهودي يروشلم ۾ هن طرح ٻَڌندا، ۽ غير قومن جي حوالي ڪري ڇڏيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ