Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 17:9 - Sindhi Bible

9 آئون هنن لاءِ ٿو سوال ڪريان: دنيا لاءِ نٿو ڪريان، پر اُنهن لاءِ، جي تو مون کي ڏنا آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي تنهنجا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 آءٌ انهن لاءِ پرارٿنا ڪريان ٿو، پر سنسار سان واسطو رکندڙن لاءِ نہ. هائو، انهن ماڻهن لاءِ ئي آءٌ پرارٿنا ڪريان ٿو جيڪي تو مون کي ڏنا آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي تنهنجا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 آءٌ انهن لاءِ دعا گھران ٿو، پر دنيا سان واسطو رکندڙن لاءِ نہ. هائو، انهن ماڻهن لاءِ ئي آءٌ دعا گھران ٿو جيڪي تو مون کي ڏنا آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي تنهنجا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 آءٌ انھن لاءِ دعا گھران ٿو. دنيا لاءِ آءٌ دعا نہ ٿو گھران پر انھن ماڻھن لاءِ جيڪي تو مون کي ڏنا آھن، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي تنھنجا آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 17:9
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر مون تو لاءِ دعا گهُري تہ تنهنجي ايمان کي لوڏو نہ اچي: ۽ جڏهن تون ڦري موٽي مون ڏانهن اچين، تڏهن پنهنجن ڀائرن جي مدد ڪج.


پوءِ يسوع چيو، تہ اي بابا، هنن کي معاف ڪر، ڇالاءِ جو خبر ئي ڪانہ ٿي پوينِ تہ ڇا ٿا ڪريون. ۽ هو سندس ڪپڙا ورهائي پُکا وجهڻ لڳا.


۽ چارڻ وارا اهو حال ڏسي اُٿي ڀڳا، ۽ وڃي شهر ۽ ٻهراڙيءَ ۾ اها خبر ٻڌايائون.


۽ آئون پيءُ کي سوال ڪندس، ۽ هو اوهان کي ٻيو مددگار ڏيندو تہ اُهو اوهان سان هميشہ تائين رهي،


جيئن تو هن کي سڀني ماڻهن تي اختياري بخشي آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي تو کيس ڏنا آهن، تن کي هو هميشہ جي زندگي بخشي.


آئون رڳو هنن لاءِ سوال نٿو ڪريان، پر انهن لاءِ بہ، جي سندن تعليم ٻُڌي مون تي ايمان آڻيندا:


جيڪي ماڻهو تو مون کي دنيا مان ڏنا آهن، تن کي مون تنهنجو نالو ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي: اُهي تنهنجا هئا، ۽ تو اُهي مون کي ڏنا آهن، ۽ انهن تنهنجو ڪلام بجا آندو آهي.


جيڪي بہ پيءُ مون کي ڏئي ٿو، سي مون وٽ ايندا، ۽ جيڪو مون وٽ اچي ٿو، تنهن کي آئون اصل ڪڍي ڪين ڇڏيندس.


جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن جي مرضي هيءَ آهي، تہ جيڪي بہ مون کي ڏنو اٿس، تنهن مان ڪجهہ بہ نہ وڃايان، پر پوئين ڏينهن ان کي جياري اُٿاريان.


تنهنڪري جيڪي سندس وسيلي خدا کي ويجهو ٿا وڃن، تن کي هو پوري پوري طرح بچائي ٿو سگهي، ڇو جو هو سندن شفاعت لاءِ هميشہ جيئرو آهي.


ڇالاءِ جو مسيح انهي هٿ جي جوڙيل پاڪ جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جا حقيقي پاڪ جاءِ جي نموني جهڙي آهي؛ پر خود آسمان ۾ داخل ٿيو، انهي لاءِ تہ هاڻي خدا جي حضور ۾ اسان جي واسطي حاضر ٿئي.


اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين خدا جا آهيون، پر سارو جهان انهي بڇڙي جي قبضي ۾ آهي.


۽ اهو وڏو ازدها يعني اهو قديم نانگ، جو ابليس ۽ شيطان سڏبو آهي، ۽ ساري جهان کي گمراهہ ڪندو آهي، سو زمين تي اُڇلايو ويو، ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ هيٺ اُڇلايا ويا.


۽ سڀني زمين جي رهاڪن انهن جي بندگي ٿي ڪئي، سواءِ اُنهن جي، جن جا نالا دنيا جي پيدائش کان وٺي ذبح ڪيل گهيٽي جي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.


۽ جي ڪنهن جو نالو زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ ڏٺو ويو تہ انهي کي بہ باهہ جي ڍنڍ ۾ اُڇلائي وڌائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ