Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 17:25 - Sindhi Bible

25 اي سچا بابا، دنيا توکي نہ سڃاتو، پر مون توکي سڃاتو آهي؛ ۽ هنن پاڻ ڄاتو آهي تہ تو مون کي موڪليو آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 اي سچا پتا! سنسار تو کي نہ ڄاتو، پر آءٌ تو کي ڄاڻان ٿو. هنن چيلن بہ ڄاڻي ورتو آهي تہ تو مون کي موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 اي سچا بابا! دنيا تو کي نہ ڄاتو، پر آءٌ تو کي ڄاڻان ٿو. هنن شاگردن بہ ڄاڻي ورتو آهي تہ تو مون کي موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 اي سچا بابا! دنيا تو کي نہ سڃاتو پر مون تو کي سڃاتو آھي ۽ ھنن کي اھا خبر آھي تہ تو مون کي موڪليو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 17:25
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين ظاهر ڪري ٻڌايو ۽ انهي کي ويجهو آڻيو؛ ڀلي تہ اُهي پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪن: ڪنهن قديم زماني کان اهو ڏيکاريو آهي؟ ڪنهن پراڻي وقت کان اهو ظاهر ڪري ٻڌايو؟ مون خداوند ائين نہ ڪيو آهي ڇا؟ ۽ مون کان سواءِ ٻيو خدا ڪونهي؛ يعني عادل خدا ۽ نجات ڏيندڙ؛ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


منهنجي پيءُ سڀ ڪجهہ مون کي سونپي ڇڏيو آهي، ۽ پٽ کي پيءُ کانسواءِ ڪوبہ ڪونہ ٿو سڃاڻي؛ نڪي ڪو پيءُ کي پٽ کانسواءِ ٿو سڃاڻي، ۽ اُنهي کانسواءِ جنهن کي پٽ اهو ظاهر ڪرڻ گهري.


۽ شمعون پطرس ورندي ڏيئي چيو تہ تون مسيح، زندہ خدا جو فرزند آهين.


سڀيئي شيون مون کي منهنجي پيءُ سونپي ڇڏيون آهن: ۽ پيءُ کانسواءِ ڪوبہ ڪونہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آهي؛ نڪي پٽ کانسواءِ، ۽ انهي کانسواءِ جنهن تي پٽ اُهو ظاهر ڪري؛ ٻئي ڪنهن کي اها خبر آهي تہ پيءُ ڪير آهي؟


ڪنهن بہ ماڻهوءَ خدا کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي؛ هڪڙو ئي فرزند، جو پيءُ جي هنج ۾ آهي، تنهن ئي ظاهر ڪيو اٿس.


جيئن ڪ پيءُ مون کي سڃاڻي ٿو، تيئن آئون پيءُ کي سڃاڻان ٿو؛ ۽ آئون رڍن لاءِ پنهنجي جان ٿو ڏيان.


پر اهي سڀ ڳالهيون هو منهنجي نالي ڪري اوهان سان ڪندا، ڇالاءِ جو جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن کي نٿا سڃاڻن.


ڇالاءِ تہ پيءُ پاڻ اوهان کي پيار ٿو ڪري، ڇالاءِ جو اوهان مون کي پيار ڪيو آهي ۽ ايمان آندو اٿوَ تہ آئون پيءُ وٽان آيس.


۽ اُهي ڳالهيون جو هو ڪندا، سو انهيءَ ڪري جو هنن نہ پيءُ کي سڃاتو آهي، ۽ نہ مون کي.


هاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ توکي سڀني ڳالهين جي خبر آهي، ۽ ضرور ئي ڪونہ اٿيئي تہ ڪو توکان پڇي، انهيءَ مان اسان کي ايمان آيو آهي تہ تون خدا وٽان آيو آهين.


۽ هن کانپوءِ آئون دنيا ۾ نہ آهيان، پر اهي دنيا ۾ آهن، ۽ آئون تو وٽ ٿو اچان. اي پاڪ بابا، پنهنجو نالو جو تو مون کي ڏنو آهي، تنهن ۾ اُنهن کي رکي وٺ، تہ اُهي هڪ ٿين، جيئن اسين پاڻ هڪ آهيون.


جيئن تو مون کي دنيا ۾ موڪليو آهي، تيئن مون بہ کين دنيا ۾ موڪليو آهي.


تہ اهي سڀ هڪ ٿين، جيئن تون اي بابا، مون ۾، ۽ آئون تو ۾، تيئن اهي پڻ اسان ۾ ٿين: انهي لاءِ تہ دنيا ايمان آڻي تہ تو مون کي موڪليو آهي.


آئون هنن ۾ ۽ تون مون ۾، تہ اهي پوريءَ طرح سان هڪ ٿي ڪماليت کي پهچن؛ انهي لاءِ تہ دنيا کي خبر پوي تہ تو مون کي موڪليو آهي، ۽ انهن کي پيار ڪيو اٿيئي، جيئن تو مون کي پيار ڪيو آهي.


۽ هميشہ جي زندگي هيءَ آهي، تہ هو تو هڪ سچي خدا کي، ۽ يسوع مسيح، جنهن کي تو موڪليو آهي، تنهن کي سڃاڻن.


ڇالاءِ تہ ڪلام جو تو مون کي ڏنو، سو مون کين ڏنو آهي، ۽ اُهو هنن قبول ڪيو آهي، ۽ سچ پچ ڄاتو اٿن تہ آئون تو وٽان آيو آهيان، ۽ ايمان آندو اٿن تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.


ڇالاءِ تہ خدا فرزند کي جهان ۾ انهي لاءِ ڪين موڪليو تہ جهان جي عدالت ڪري؛ پر انهي لاءِ تہ ان جي وسيلي نجات ملي.


پوءِ جڏهن ٽي چار ميل کن ڪاهي ويا، تڏهن ڏٺائون تہ يسوع سمنڊ تي پنڌ ڪندو ٻيڙيءَ جي ويجهو پيو اچي، ۽ هو ڊڄي ويا.


آئون سڃاڻانس ٿو، ڇالاءِ تہ آئون وٽانئس آهيان، ۽ انهي ئي مون کي موڪليو آهي.


تڏهن اُهي چوڻ لڳس تہ تنهنجو پيءُ ڪٿي آهي؟ يسوع جواب ڏنو تہ اوهين نڪي مون کي ٿا سڃاڻو، نڪي منهنجي پيءُ کي: جي مون کي سڃاڻو ها تہ جيڪر منهنجي پيءُ کي بہ سڃاڻو ها.


اوهان هن کي نہ سڃاتو آهي، پر آئون کيس ڄاڻان ٿو؛ ۽ جيڪڏهن چوان تہ آئون نٿو ڄاڻانس، تہ جيڪر اوهان جهڙو ڪوڙو ٿيان: پر آئون ڄاڻانس ٿو، ۽ سندس ڪلام تي هلان ٿو.


ڇالاءِ جو مون گهُمندي گهُمندي اوهان جي عبادت جي شين تي غور ڪيو، تہ هڪڙي قربانگاهہ ڏٺيم جنهن تي لکيل هو، ”نامعلوم خدا جي لاءِ.“ سو جنهن جي ڄاڻڻ سڃاڻڻ کانسواءِ اوهين عبادت ٿا ڪريو، تنهن جي آئون اوهان کي خبر ٿو ڏيان.


تہ تون سندن اکيون کولين، تہ هو اونداهيءَ کان سوجهري ڏانهن، ۽ شيطان جي اختياريءَ کان خدا ڏانهن ڦرن؛ ۽ انهيءَ لاءِ تہ مون تي ايمان آڻڻ ڪري گناهن جي معافي ملين، ۽ جيڪي پاڪ ٿيا آهن، تن سان گڏ ورثو ملين.


۽ جهڙيءَ طرح هنن خدا کي سڃاڻڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح خدا بہ کين ناپسند خيالن ۾ ڇڏي ڏنو تہ نالائقيءَ جا ڪم ڪندا وتن؛


سمجهدار ڪوبہ ڪونهي، ڪوبہ اهڙو ناهي، جو خدا جو طالب هجي؛


هائو، هينئر ئي هو پنهنجي راستبازي ظاهر ٿو ڪري، انهي لاءِ تہ هو پاڻ بہ راستباز رهي ۽ جيڪو يسوع تي ايمان ٿو آڻي، تنهن کي بہ راستباز ٺهرائي.


ڇالاءِ جو جڏهن خدا جي ڏاهپ موجب جهان پنهنجي ڏاهپ سان خدا کي نہ سڃاتو، تڏهن خدا جي اها مرضي ٿي تہ مناديءَ جي بيوَقوفيءَ جي وسيلي، ايمان آڻڻ وارن کي نجات ڏئي.


راستباز ٿيڻ لاءِ هوش ۾ اچو ۽ گناهہ نہ ڪريو، ڇالاءِ جو ڪن کي خدا جي ڪابہ خبر ڪانهي: آئون اوهان کي انهي لاءِ ٿو چوان تہ من شرم اچيوَ.


ڇالاءِ جو هن دنيا جي سردار بي ايمانن جي دلين کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي؛ انهي لاءِ تہ مسيح، جو خدا جي صورت آهي، تنهن جي جلال جي خوشخبريءَ جي روشني انهن تي نہ پوي.


۽ جيڪي خدا کي نٿا سڃاڻن ۽ جيڪي اسان جي خداوند يسوع جي خوشخبري نٿا مڃين، تن کان بدلو وٺندو.


۽ هرڪو ماڻهو، پنهنجي هم وطن کي توڙي پنهنجي ڀاءُ کي هيئن چئي نہ سيکاريندو تہ خداوند کي سُڃاڻ: ڇالاءِ جو ننڍا توڙي وڏا سڀيئي مون کي سڃاڻندا.


جي اسين پنهنجا گناهہ باسينداسين تہ هو اسان جا گناهہ معاف ڪرڻ، ۽ اسان کي سموري ناراستيءَ کان پاڪ ڪرڻ ۾ سچو ۽ عادل آهي.


۽ سڀني زمين جي رهاڪن انهن جي بندگي ٿي ڪئي، سواءِ اُنهن جي، جن جا نالا دنيا جي پيدائش کان وٺي ذبح ڪيل گهيٽي جي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.


۽ مون پاڻين جي ملائڪ کي هيئن چوندو ٻُڌو تہ اي قدوس، تون جو آهين ۽ جو هُئين، تون عادل آهين، ۽ تو ئي اهڙو انصاف ڪيو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ