Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 17:22 - Sindhi Bible

22 ۽ جلال جو تو مون کي ڏنو آهي، سو مون کين ڏنو آهي؛ تہ اُهي هڪ ٿين، جيئن اسين هڪ آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 سو تنهنجي اها جوت جنهن ۾ تو مون کي شريڪ ڪيو آهي تنهن ۾ مون کين شريڪ ڪيو آهي، تہ جيئن اهي گڏجي هڪ ٿين جهڙيءَ طرح اسين پاڻ ۾ هڪ آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 سو تنهنجو اهو جلوو جنهن ۾ تو مون کي شريڪ ڪيو آهي تنهن ۾ مون کين شريڪ ڪيو آهي، تہ جيئن اهي گڏجي هڪ ٿين جهڙيءَ طرح اسين پاڻ ۾ هڪ آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 اھو جلوو جو تو مون کي ڏنو آھي سو مون کين ڏنو آھي، تہ جيئن اھي گڏجي ھڪ ٿين جھڙيءَ طرح اسين پاڻ ۾ ھڪ آھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 17:22
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن انهن ٻارهن ڄڻن کي پاڻ وٽ سڏيو، ۽ انهن کي ٻہ ٻہ ڪري روانو ڪيائين؛ ۽ کين ڀوتن تي اختياري ڏنائين؛


تہ اوهين منهنجيءَ بادشاهت ۾ مون سان گڏ ميز تي کائو پيئو؛ ۽ اوهين تختن تي ويهي اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي عدالت ڪندا.


۽ ڪلام مجسم ٿيو، ۽ فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ٿي اسان وٽ اچي رهيو؛ (۽ اسان سندس اهڙو جلال ڏٺو، جهڙو پيءُ جي هڪڙي ئي جو جلال).


۽ هن جي ڀرپورائيءَ مان اسان سڀني کي مليو آهي، يعني فضل تي فضل.


اُنهي ڏينهن اوهان کي خبر پوندي تہ آئون پنهنجي پيءُ ۾ آهيان، ۽ اوهين مون ۾ ۽ آئون اوهان ۾.


اي بابا، منهنجي مرضي آهي تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن، سي پڻ جتي آئون آهيان، اُتي مون سان هجن؛ انهي لاءِ تہ جو جلال تو مون کي پنهنجي پيار سان دنيا جي شروع کان اڳي ڏنو آهي سو هو ڏسن.


سو هو مجلس منجهان هن ڪري خوشيون ڪندا نڪري ويا، تہ انهي نالي جي ڪري اسان کي بي عزت ڪرڻ جو لائق سمجهيو اٿن.


۽ جن کي هن اڳيئي مقرر ڪيو، تن کي سڏيائين بہ؛ ۽ جن کي سڏيائين، تن کي راستباز بہ ٺهرايائين؛ ۽ جن کي راستباز ٺهرايائين، تن کي جلال بہ بخشيائين.


پر اسين سڀيئي بي نقاب چهري سان خداوند جو جلال ڏسي، درجي بدرجي خداوند جي روح جي وسيلي سندس جلالي صورت ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون.


تنهنڪري اسين مسيح جي طرفان ايلچي آهيون، ڄڻ تہ اسان جي وسيلي خدا اوهان کي منٿ ٿو ڪري، ۽ اسين اوهان کي مسيح جي پاران نيزاري ٿا ڪريون، تہ خدا سان ميل ميلاپ ڪريو.


۽ اسين جي هن سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا آهيون، سي هيءُ بہ عرض ٿا ڪريون، تہ خدا جو فضل جو اوهان تي ٿيو آهي، سو اجايو نہ وڃي.


۽ رسولن ۽ نبين جي بنياد تي اڏيل آهيو، جنهن جي ڪنڊ جو خاص پٿر خود مسيح يسوع آهي؛


ڇالاءِ جو مسيح جي خاطر اوهان ئي تي اهو فضل ٿيو آهي تہ نہ رڳو هن تي ايمان آڻيو، پر هن جي لاءِ ڏک بہ سهو.


هاڻي آئون اوهان جي خاطر پنهنجن ڏکن ۾ خوش ٿو رهان، ۽ مسيح جي مصيبتن جي ڪمي سندس بدن، يعني ڪليسيا جي لاءِ پنهنجي بدن ۾ پوري ٿو ڪريان.


جيڪي اسان ڏٺو ۽ ٻُڌو آهي، سو اوهان کي بہ ٻُڌايون ٿا، تہ اوهين بہ اسان سان شريڪ ٿيو: ۽ اسان جي شراڪت پيءُ سان، ۽ سندس فرزند يسوع مسيح سان آهي.


۽ جيڪو هن جي حڪم تي عمل ٿو ڪري، سو هن ۾ قائم ٿو رهي ۽ هو انهي ۾. ۽ انهي مان اسين ڄاڻون ٿا تہ هو اسان ۾ رهي ٿو، يعني انهي روح مان جو هن اسان کي ڏنو.


پيار اسان ۾ هن طرح ڪامل ڪيو ويو آهي تہ عدالت جي ڏينهن اسان کي تسلي هجي، ڇالاءِ جو جيئن هو آهي تيئن اسين بہ هن دنيا ۾ آهيون.


۽ انهي شهر جي ڀت جا ٻارهن بنياد هئا، ۽ انهن تي گهيٽي جي ٻارهن رسولن جا نالا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ