Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 17:17 - Sindhi Bible

17 سچ جي وسيلي کين پاڪ ڪر، تنهنجو ڪلام سچ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 بيشڪ تنهنجيون ڳالهيون سچيون آهن. سو سچ جي وسيلي انهن کي مخصوص ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 بيشڪ تنهنجيون ڳالهيون سچيون آهن. سو سچ جي وسيلي انهن کي مخصوص ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 انھن کي سچ جي وسيلي مخصوص ڪر. تنھنجو ڪلام سچ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 17:17
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هاڻي، اي خداوند خدا، تون خدا آهين، ۽ تنهنجون ڳالهيون سچ آهن، ۽ تو اُنهيءَ چڱي ڪم جو پنهنجي ٻانهي سان واعدو ڪيو آهي:


تنهنجن قاعدن جي وسيلي مون کي سمجهہ ٿي ملي؛ تنهن ڪري آءٌ هر ڪنهن ڪوڙيءَ واٽ کان نفرت ٿو ڪريان.


مون تنهنجو ڪلام پنهنجيءَ دل ۾ رکيو آهي، تہ آءٌ تنهنجي برخلاف گناهہ نہ ڪريان.


تنهنجون شاهديون هميشہ جي لاءِ راست آهن: مون کي سمجهہ ڏي تہ آءٌ جيئرو رهان.


تنهنجي ڪلام جو مطلب سچ آهي؛ ۽ تنهنجيءَ راستبازيءَ جا سڀ فيصلا هميشہ تائين قائم رهندا.


ب جوان ماڻهو ڀلا ڪهڙيءَ طرح پنهنجي چال صاف رکندو؟ تنهنجي ڪلام موجب انهي جي خبرداري ڪرڻ سان.


خداوند جو ڪلام خالص آهي، انهيءَ چاندي وانگر جا کوري ۾ آزمايل هجي، ۽ ست ڀيرا صفا ڪيل هجي.


هاڻي انهي مثال جو مطلب هي آهي: ٻج آهي خدا جو ڪلام.


پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪِريا سي اُهي آهن، جي ڪلام ٻڌي سچيءَ ۽ سالم دل ۾ اُن کي سانڍيو رکن ٿا، ۽ صبر سان ڦل پيا اُپائين.


ڪلام جو مون اوهان کي ٻُڌايو آهي، تنهن جي ڪري اوهين اڳيئي پاڪ آهيو.


۽ انهن جي خاطر آئون پاڻ کي پاڪ ٿو ڪريان، تہ اهي پڻ سچ ۾ پاڪ ٿين.


۽ اوهان کي سچ جي خبر پوندي، ۽ سچ اوهان کي آزاد ڪندو.


پر مون، جنهن اوهان کي سچ چيو آهي، جو خدا کان ٻُڌو اٿم، تنهن شخص کي مارڻ جي ٿا ڪريو: ابراهيم تہ ائين ڪين ڪيو.


۽ ايمان جي وسيلي هنن جون دليون پاڪ ڪري، اسان جي ۽ هنن جي وچ ۾ ڪوبہ فرق ڪونہ رکيائين.


پر اسين سڀيئي بي نقاب چهري سان خداوند جو جلال ڏسي، درجي بدرجي خداوند جي روح جي وسيلي سندس جلالي صورت ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون.


بشرطيڪ جيڪا سچائي مسيح ۾ آهي، سا اوهان ٻُڌي آهي ۽ منجهس اها تعليم حاصل ڪئي آهي.


انهي لاءِ تہ هو ڪلام سان پاڻيءَ جي غسل ڪري انهي کي ڌوئي صاف ڪري پاڪ بنائي،


پر اي ڀائرو، خداوند جا پيارا، اسين ٻَڌل آهيون تہ هميشہ اوهان جي لاءِ خدا جا شڪرانا بجا آڻيون، ڇالاءِ جو خدا شروع کان اوهان کي انهي لاءِ چونڊي ڪڍيو هو تہ روح جي وسيلي پاڪ ٿيو، ۽ سچ تي ايمان آڻيو، ۽ نجات حاصل ڪريو.


تنهنڪري بڇڙائيءَ جي سڀ گندگي ۽ زيادتي ڇڏي، اُهو پوکيل ڪلام تحمل سان قبول ڪريو، جو اوهانجن روحن کي بچائي ٿو سگهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ