Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 17:14 - Sindhi Bible

14 مون تنهنجو ڪلام کين ڏنو آهي؛ ۽ دنيا جي ساڻن نہ پيئي، ڇالاءِ جو اهي دنيا جا نہ آهن، جيئن آئون پڻ دنيا جو نہ آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 مون تنهنجو سنديش انهن جي حوالي ڪيو آهي. سو سنسار انهن کان نفرت ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تہ جيئن آءٌ سنسار جو نہ آهيان، تيئن اهي بہ سنسار جا نہ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 مون تنهنجو پيغام انهن جي حوالي ڪيو آهي. سو دنيا انهن کان نفرت ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ جيئن آءٌ دنيا جو نہ آهيان، تيئن اهي بہ دنيا جا نہ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 مون انھن کي تنھنجو ڪلام ڏنو آھي پر دنيا انھن کان نفرت ڪري ٿي، ڇالاءِ⁠جو اھي دنيا جا نہ آھن جيئن آءٌ دنيا جو نہ آھيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 17:14
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ تنهنجي ۽ زال جي وچ ۾ دشمني، ۽ تنهنجي نسل ۽ زال جي نسل جي وچ ۾ دشمني وجهندس: هو تنهنجو مٿو چٿيندو ۽ تون هن جي کڙي ڏنگيندين.


بي انصاف ماڻهو سچي جي لاءِ ڪراهت جهڙو آهي، ۽ جيڪو سنئين سڌي رستي تي آهي سو وري شريرن جي لاءِ ڪراهت جهڙو آهي.


۽ مون هڪڙي مهيني ۾ ٽن ريڍارن کي ماريو؛ ڇالاءِ جو منهنجي جان انهن کان بيزار هئي، ۽ هنن جي روح ۾ منهنجي لاءِ ڌڪار هئي.


۽ هنن چيس تہ هائو، اسان کي طاقت آهي. يسوع چين تہ جيڪو پيالو آئون پيان ٿو، سو اوهين بہ پيئندا؛ ۽ جيڪا بپتسما آئون وٺان ٿو، سا اوهين بہ وٺندا.


جيئن آئون هن دنيا جو نہ آهيان، تيئن اهي بہ هن دنيا جا نہ آهن.


ڇالاءِ تہ ڪلام جو تو مون کي ڏنو، سو مون کين ڏنو آهي، ۽ اُهو هنن قبول ڪيو آهي، ۽ سچ پچ ڄاتو اٿن تہ آئون تو وٽان آيو آهيان، ۽ ايمان آندو اٿن تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.


ٿيڻي نہ آهي جو دنيا اوهان سان نفرت ڪري، پر مون سان نفرت ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ آئون هن بابت شاهدي ٿو ڏيان تہ سندس ڪم بڇڙا آهن.


۽ هن چين تہ اوهين آهيو هيٺ جا، ۽ آئون آهيان مٿان جو: اوهين هن دنيا جا آهيو، آئون هن دنيا جو نہ آهيان.


نہ قائن وانگر، جو انهي بڇڙي مان هو، ۽ پنهنجي ڀاءُ کي قتل ڪيائين. ۽ هن ڇو انهي کي قتل ڪيو؟ ڇالاءِ جو سندس ڪم برا هئا، ۽ سندس ڀاءُ جا ڪم راستبازيءَ جا هئا.


اي ڀائرو، جي دنيا اوهان سان دشمني ٿي رکي تہ عجب ۾ نہ پئو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ