Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 17:12 - Sindhi Bible

12 جيسين آئون ساڻن هوس، تيسين تنهنجو نالو جو تو مون کي ڏنو آهي، تنهن ۾ کين رکندو آيو آهيان: ۽ مون انهن جي سنڀال ڪئي آهي، ۽ جيڪو برباد ٿيڻو هو، تنهن بنا ٻيو ڪوبہ منجهانئن برباد نہ ٿيو؛ اِنهي لاءِ تہ پاڪ لکيت پوري ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 جيستائين آءٌ انهن سان گڏ هئس، تيستائين تنهنجي انهيءَ پوِتر ذات جيڪا تو منهنجي وسيلي ظاهر ڪئي آهي، تنهن ۾ کين قائم رکندو آيو آهيان ۽ سندن سنڀال ڪئي اٿم. انهن مان مون ڪوبہ نہ وڃايو آهي، سواءِ انهيءَ جي جيڪو برباد ٿيڻو هو، تہ جيئن پوِتر شاستر جي لکت پوري ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 جيستائين آءٌ انهن سان گڏ هئس، تيستائين تنهنجي انهيءَ پاڪ ذات جيڪا تو منهنجي وسيلي ظاهر ڪئي آهي، تنهن ۾ کين قائم رکندو آيو آهيان ۽ سندن سنڀال ڪئي اٿم. انهن مان مون ڪوبہ نہ وڃايو آهي، سواءِ انهيءَ جي جيڪو برباد ٿيڻو هو، تہ جيئن پاڪ ڪلام جي لکت پوري ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 جيستائين آءٌ انھن سان گڏ ھوس، تيستائين تنھنجي انھيءَ نالي جي قدرت سان جيڪو نالو تو مون کي ڏنو آھي، کين سلامت رکندو آيو آھيان. مون انھن جي سنڀال ڪئي آھي. جيڪو برباد ٿيڻو ھو تنھن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ منجھائن برباد نہ ٿيو آھي، تہ جيئن پاڪ لکت پوري ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 17:12
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجو گهرو دوست، جنهن تي منهنجو ڀروسو هو، ۽ جنهن منهنجي ماني کاڌي، تنهن منهنجي برخلاف لت کنئي آهي.


آئون اوهان سڀني جي ڳالهہ نٿو ڪريان: جن کي مون چونڊيو آهي تن جي مون کي خبر آهي: پر هيءُ انهي لاءِ، تہ اُها پاڪ لکيت پوري ٿئي تہ ”جو منهنجي ماني ٿو کائي، تنهن ئي مون تي لت کنئي.“


جيڪي ماڻهو تو مون کي دنيا مان ڏنا آهن، تن کي مون تنهنجو نالو ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي: اُهي تنهنجا هئا، ۽ تو اُهي مون کي ڏنا آهن، ۽ انهن تنهنجو ڪلام بجا آندو آهي.


ائين انهي لاءِ ٿيو، تہ ڪلام جو هن چيو هو تہ ”جيڪي تو مون کي ڏنا، تن مان مون هڪڙو بہ نہ وڃايو،“ سو پورو ٿئي.


جيڪي بہ پيءُ مون کي ڏئي ٿو، سي مون وٽ ايندا، ۽ جيڪو مون وٽ اچي ٿو، تنهن کي آئون اصل ڪڍي ڪين ڇڏيندس.


انهيءَ لاءِ تہ اهو هن خدمت ۽ رسالت ۾ اُها جاءِ وٺي، جنهن تان يهوداهہ خارج ٿيو، ۽ پنهنجي جاءِ ڏانهن هليو ويو.


انهي ڪري خدا بہ هن کي گهڻو سر بلند ڪيو، ۽ کيس اهو نالو ڏنائين جو سڀني نالن کان اعليٰ آهي؛


ڪنهن بہ طرح ڪنهن ماڻهوءَ جي فريب ۾ نہ اچجو: ڇالاءِ جو اهو ڏينهن تيسين نہ ايندو، جيسين پهرين گمراهي نہ اچي، ۽ گناهہ جو شخص، يعني برباديءَ جو فرزند ظاهر نہ ٿئي.


۽ وري هي تہ ”آئون هن تي اعتقاد رکندس.“ ۽ وري هي تہ ڏس ”انهن ٻارن سميت جي خدا مون کي ڏنا آهن.“


اهي نڪتا تہ اسان منجهان ئي آهن، مگر اُهي اسان جا ڪين هئا؛ ڇالاءِ جو جي هو اسان منجهان هجن ها، تہ اسان سان گڏ ٿي رهندا اچن ها: پر هو نڪري ويا آهن، انهي لاءِ تہ ظاهر ٿئي تہ هو سڀ اسان منجهان ناهن.


۽ هن جون اکيون باهہ جا شعلا آهن، ۽ هن جي مٿي تي گهڻا تاج آهن، ۽ هن جو هڪڙو نالو لکيل آهي، جو انهي کانسواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ ٿو ڄاڻي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ