Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 17:10 - Sindhi Bible

10 ۽ سڀ جيڪي منهنجو آهي سو تنهنجو آهي، ۽ تنهنجو سو منهنجو: ۽ مون کي منجهن جلال مليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 جيڪي منهنجا آهن سي سڀ تنهنجا آهن ۽ جيڪي تنهنجا آهن سي منهنجا آهن ۽ انهن جي وسيلي منهنجي جوت ظاهر ٿي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 جيڪي منهنجا آهن سي سڀ تنهنجا آهن ۽ جيڪي تنهنجا آهن سي منهنجا آهن ۽ انهن جي وسيلي منهنجو جلوو ظاهر ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 جيڪي ڪجھہ مون وٽ آھي سو تنھنجو آھي ۽ جيڪي ڪجھہ تو وٽ آھي سو منھنجو آھي ۽ انھن جي وسيلي منھنجو جلوو ظاھر ٿيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 17:10
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر يسوع ٻُڌي چيو تہ هيءَ بيماري موت جي نہ آهي، پر خدا جي جلال جي واسطي آهي، تہ انهي ڪري خدا جي فرزند جي وڏائي ٿئي.


۽ يسوع جواب ڏيئي چيو، تہ اُها گهڙي آئي آهي جنهن ۾ ابن آدم جو جلال ظاهر ٿيندو.


تہ سڀيئي پٽ جي عزت ڪن، جهڙيءَ طرح ڪ پيءُ جي عزت ٿا ڪن. جيڪو پٽ جي عزت نٿو ڪري، سو پيءُ جي عزت نٿو ڪري، جنهن هن کي موڪليو آهي.


۽ يهودي توڙي يوناني جي افسس ۾ رهندا هئا، تن سڀني کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پئجي ويئي ۽ ڊپ وٺي وين، ۽ خداوند يسوع جي نالي جي تعريف ٿيڻ لڳي.


۽ اُهي منهنجي سبب خدا جي وڏائي ظاهر ڪندا هئا.


جو منهنجي دل جي آرزو ۽ اُميد اها آهي، تہ آئون ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ شرمندو نہ ٿيان، بلڪ ڏاڍيءَ بهادريءَ سان هميشہ وانگر هاڻي بہ منهنجي بدن ڪري مسيح جي وڏائي ٿئي، پوءِ توڙي جيئرو رهان يا مري وڃان:


ڇالاءِ جو اُلوهيت جي ساري معموري مجسم طور منجهس ٿي رهي،


سو انهي ڏينهن ٿيندو، جڏهن هن جي اچڻ ڪري، سندس پاڪ ٿيلن ۾ سندس جلال ظاهر ٿيندو، ۽ جن ايمان آندو آهي، تن سڀني ۾ تعجب جو سبب ٿيندو، ڇالاءِ جو اوهان اسان جي شاهديءَ تي ايمان آندو.


تہ اسان جي خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي فضل موجب، اسان جي خداوند يسوع جو نالو اوهان منجهہ جلال پائي، ۽ اوهين بہ منجهس جلال پايو.


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، ۽ شاهي ڪاهنن جي جماعت، ۽ پاڪ قوم، ۽ خدا جي اهڙي اُمت آهيو، جا سندس خاص ملڪيت آهي، تان تہ انهي جون خوبيون ظاهر ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان ڪڍي، پنهنجي عجيب روشنائيءَ ۾ سڏيو آهي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ