Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 16:33 - Sindhi Bible

33 اهي ڳالهيون مون اوهان کي انهيءَ لاءِ چيون آهن تہ مون ۾ اوهان کي اطمينان ملي. دنيا ۾ اوهين مصيبت ۾ آهيو: پر دلجاءِ ڪريو، آئون دنيا تي غالب آيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

33 مون اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جيئن مون ۾ اوهان کي شانتي ملي. سنسار ۾ اوهين تڪليفون سهندا رهو ٿا، پر همت نہ هاريو. مون سنسار تي سوڀ حاصل ڪئي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 مون اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جيئن مون ۾ اوهان کي سلامتي ملي. دنيا ۾ اوهين تڪليفون سهندا رهو ٿا، پر همت نہ هاريو. مون دنيا تي فتح حاصل ڪئي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

33 مون اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ لاءِ ٻڌايون آھن تہ جيئن مون سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان کي اطمينان ملي. ھن دنيا ۾ اوھان کي ڏک ملندا پر دلجاءِ ڪريو جو مون دنيا تي فتح حاصل ڪئي آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 16:33
46 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آئون اوهان کي اطمينان ڏيئي ٿو وڃان؛ پنهنجو اطمينان اوهان کي ٿو ڏيان، ائين نٿو ڏيانوَ، جيئن دنيا ٿي ڏئي. اوهين پنهنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو.


ڇالاءِ جو جيڪو خدا مان پيدا ٿيو آهي، سو دنيا تي غالب ٿو پوي؛ ۽ اهو غلبو جنهن دنيا کي فتح ڪيو آهي، سو اسان جو ايمان آهي.


هاڻي خداوند جو اطمينان جو چشمو آهي، سو پاڻ اوهان کي هميشہ ۽ هر طرح اطمينان ڏيندو. شل خداوند اوهان سڀني سان هجي.


اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، اوهين خدا جا آهيو، ۽ اُنهن تي غالب پيا آهيو؛ ڇالاءِ جو جيڪو اوهان ۾ آهي سو اُنهي کان وڏو آهي جو دنيا ۾ آهي.


۽ خدا جو اطمينان، جو سمجهہ کان بلڪل ٻاهر آهي، سو اوهان جي دلين ۽ خيالن جي مسيح يسوع ۾ نگهباني ڪندو.


پنهنجي ايمان تي قائم رهي، سندس مقابلو ڪريو، ڇوتہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان جا ڀائر، جي دنيا ۾ آهن، سي بہ اهڙن ڏکن ۾ پيا گذارين.


پنهنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو، اوهين خدا تي ايمان ٿا رکو، مون تي بہ ايمان رکو.


هائو، ۽ اُهي سڀ جي مسيح يسوع ۾ ديندار ٿي رهڻ ٿا گهُرن، سي ستايا ويندا.


۽ شاگردن جي دلين کي مضبوط ڪندا رهيا، ۽ ايمان تي قائم رهڻ لاءِ سمجهائيندا رهيا، ۽ چوندا هئا تہ ضرور آهي تہ اسين گهڻيون مصيبتون سهي خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿيون.


جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون پنهنجي تخت تي پاڻ سان ويهاريندس، جهڙي طرح ڪ آئون پاڻ بہ غالب پيس، ۽ پنهنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.


هن ڪري جو هن ٿوري وقت تائين گناهہ جي خوشين ماڻڻ جي بدران، خدا جي اُمت سان ڏک سهڻ زيادہ پسند ڪيو؛


۽ مون هن کي چيو تہ اي منهنجا سائين، تون ئي ٿو ڄاڻين. ۽ هن مون کي چيو تہ هي اُهي آهن، جي انهيءَ وڏيءَ مصيبت مان نڪري آيا آهن، ۽ انهن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا ۽ گهيٽي جي رت ۾ اڇا ڪيا آهن.


تڏهن، اي ڀائرو، اسان کي پنهنجي سڀ تڪليف ۽ مصيبت ۾، اوهان جي ايمان جي سببان، اوهان جي نسبت تسلي ملي.


۽ هو گهيٽي جي رت جي وسيلي ۽ پنهنجي شاهديءَ جي ڪلام ڪري مٿس غالب پيا، ڇالاءِ جو هنن موت تائين پنهنجو ساهہ پيارو نہ سمجهيو.


۽ سندس رت جو صليب تي وهايو ويو، تنهن جي وسيلي صلح ڪري سندس معرفت سڀني شين جو پاڻ سان ميل ميلاپ ڪري، پوءِ اُهي شيون زمين تي هجن خواهہ آسمان ۾.


اسان جي خداوند يسوع مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي تعريف هجي، جو رحمتن جو پيءُ ۽ سڀ ڪنهن تسلي جو خدا آهي.


آخر ۾، اي ڀائرو، شل خوش هجو. ڪامل ٿيو؛ دلجاءِ ڪريو؛ يڪ دلا ٿيو؛ اطمينان ۾ رهو؛ ۽ خدا، جو محبت ۽ اطمينان جو چشمو آهي، سو اوهان سان هجي.


بلڪ جڏهن اسين اوهان وٽ هئاسين، تڏهن اسان اوهان کي اڳيئي چيو هو تہ اسان کي مصيبت سَهڻي پوندي؛ جيئن ڪ سچ پچ ٿي چڪو، ۽ اوهان کي خبر بہ آهي.


پر شل ائين نہ ٿئي تہ آئون ڪنهن ڳالهہ تي بہ فخر ڪريان، سواءِ پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي صليب تي، جنهن جي وسيلي جهان منهنجي نسبت صليب تي چڙهيو آهي، ۽ آئون جهان جي نسبت.


آئون اوهان سان وڏي جرئت ڪري ٿو ڳالهايان، آئون اوهان تي وڏو فخر ٿو ڪريان: مون کي پوري تسلي آهي؛ ۽ آئون پنهنجين سڀني مصيبتن ۾ نهايت خوش ٿو رهان.


تنهنڪري اي صاحبو، دلجاءِ ڪريو، جو منهنجو خدا تي پورو يقين آهي، تہ جيئن مون کي چيو اٿس تيئن ئي ٿيندو،


۽ هو اسان جي سلامتي ٿيندو: جڏهن اسوري اسان جي زمين ۾ ايندا، ۽ جڏهن هو اسانجن محلاتن ۾ پير گهمائيندا، تڏهن اسين ست ڌنار بلڪ اٺ سردار مٿن چاڙهي آڻينداسين.


تون مٿي چڙهي ويو آهين، ۽ قيدين کي ساڻ وٺي ويو آهين؛ توکي ماڻهن کان، بلڪ فسادين کان نذرانا مليا آهن؛ تہ خداوند خدا انهن منجهہ رهي.


جنهن اسان جي گناهن جي لاءِ پاڻ کي ڏيئي ڇڏيو، انهي لاءِ تہ اسان جي خدا ۽ پيءُ جي مرضيءَ موجب، هو اسان کي هن هاڻوڪي خراب زماني مان ڇڏائي؛


تنهن کانپوءِ ساري يهوديہ، ۽ گليل، ۽ سامريہ ۾ ڪليسيا کي امن مليو، ۽ اُها قائم ٿيندي ويئي؛ ۽ خداوند جي ڊپ ۾ هلندي ۽ پاڪ روح جي تسلي ۾ وڌندي ويئي.


هاڻي هن دنيا جي عدالت ٿيندي: هاڻي هن دنيا جي سردار کي لوڌي ڪڍندا.


تہ ”آسمان ۾ خدا جي وڏائي، ۽ زمين تي اُنهن ماڻهن منجهہ صلح، جن سان هو راضي آهي.“


هاڻي منهنجي صلاح اٿوَ تہ دلجاءِ ڪريو: ڇالاءِ جو اوهان مان ڪنهن جيءَ بہ جان جو نقصان نہ ٿيندو، پر رڳو جهاز ويندو.


مبارڪ آهي اُهو بادشاهہ جو خداوند جي نالي ٿو اچي: آسمان ۾ صلح، ۽ عالم بالا ۾ جلال.


جڏهن رات ٿي، تڏهن خداوند وٽس اچي بيٺو ۽ چيائينس تہ دلجاءِ ڪر، ڇالاءِ جو جيئن تو يروشلم ۾ منهنجي بابت شاهدي ڏني آهي، تيئن روما ۾ بہ توکي شاهدي ڏيڻي پوندي.


۽ ابراهيم هن کي سڀني شين جو ڏهون حصو ورهائي ڏنو. هو پنهنجي نالي جي معنيٰ موجب پهرين راستبازيءَ جو بادشاهہ آهي ۽ پوءِ شاليم يعني سلامتيءَ جو بادشاهہ بہ آهي؛


عدالت نسبت جو هن دنيا جي سردار جي عدالت ٿي چڪي آهي.


۽ ڏسو، هڪڙو ماڻهو کٽولي تي پيل وٽس کڻي آيا، جنهن کي اڌ رنگ جي بيماري هئي: ۽ يسوع سندن ايمان ڏسي اڌرنگيءَ کي چيو تہ پٽ دلجاءِ ڪر، تنهنجا گناهہ معاف ٿيا.


پر خدا جو شڪر آهي، جو مسيح ۾ اسان کي هميشہ فتحمند ڪري ٿو ۽ اسان جي وسيلي پنهنجي علم جي خوشبوءِ جتي ڪٿي ڦهلائي ٿو،


پر اهو خزانو اسان وٽ مٽيءَ جي ٿانوَن ۾ رکيل آهي، انهي لاءِ تہ معلوم ٿئي تہ اها وڏي قدرت خدا جي آهي، نہ اسان جي.


پر سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾ پاڻ کي خدا جا خادم ڄاڻائي، پنهنجي نيڪي ظاهر ٿا ڪريون: ڏاڍي صبر ۾، مصيبتن ۾، ضرورتن ۾، تنگ حالتن ۾؛


اي بزرگو، آئون اوهان ڏانهن هن ڪري ٿو لکان جو جيڪو شروعات کان وٺي آهي تنهن کي اوهين سڃاڻو ٿا. اي جوانو، آئون اوهان ڏانهن هن ڪري ٿو لکان، جو اوهين انهي شرير تي غالب پيا آهيو. اي ننڍڙا ٻارو، مون اوهان ڏانهن هن ڪري لکيو آهي، جو اوهين پيءُ کي سڃاڻو ٿا.


تہ بني اسرائيل جي پيڙهين کي خبر پوي، ۽ جن کي اڳي جنگ جي واقفيت نہ هئي، تن کي جنگ ڪرڻ سيکاري؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ