Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 16:30 - Sindhi Bible

30 هاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ توکي سڀني ڳالهين جي خبر آهي، ۽ ضرور ئي ڪونہ اٿيئي تہ ڪو توکان پڇي، انهيءَ مان اسان کي ايمان آيو آهي تہ تون خدا وٽان آيو آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 هاڻي اسين سمجھون ٿا تہ اوهان کان ڪو سوال پڇڻ جي بہ ضرورت نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي سڀني ڳالهين جي ڄاڻ آهي. انهيءَ سبب اسين وشواس آڻيون ٿا تہ اوهين ايشور وٽان آيا آهيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 هاڻي اسين سمجھون ٿا تہ اوهان کان ڪو سوال پڇڻ جي بہ ضرورت نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي سڀني ڳالهين جي ڄاڻ آهي. انهيءَ سبب اسين ايمان آڻيون ٿا تہ اوهين خدا وٽان آيا آهيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 ھاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ اوھان کي سڀني ڳالھين جي خبر آھي ۽ ضروري نہ آھي تہ اوھان کان ڪو سوال جواب ڪيو وڃي. انھيءَ سبب جو اسان ايمان آندو آھي تہ اوھين خدا وٽان آيا آھيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 16:30
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اُنهيءَ زال ايلياہ کي چيو تہ هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿي تہ تون خدا جو ٻانهو آهين، ۽ تنهنجي وات ۾ جو خدا جو ڪلام آهي سو سچو آهي.


تڏهن سندس شاگردن مان ڪي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ اسان کي ڇا ٿو چوي، تہ ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا، ۽ وري ٿوريءَ دير کانپوءِ مون کي ڏسندا: اهو انهي لاءِ جو آئون پيءُ وٽ ٿو وڃان؟


۽ اُنهي ڏينهن اوهين مون کان ڪي ڪين پڇندا. آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ اوهين پيءُ کان جيڪي گهُرندا، سو هو اوهان کي منهنجي نالي ڏيندو.


اُنهي ڏينهن منهنجي نالي اوهين گهُرندا: ۽ آئون اوهان کي نٿو چوان تہ ڪو آئون اوهان لاءِ پيءُ کي سوال ڪندس؛


يسوع کين جواب ڏنو تہ تڏهن هاڻي اوهين ايمان آڻيو ٿا؟


ڇالاءِ تہ ڪلام جو تو مون کي ڏنو، سو مون کين ڏنو آهي، ۽ اُهو هنن قبول ڪيو آهي، ۽ سچ پچ ڄاتو اٿن تہ آئون تو وٽان آيو آهيان، ۽ ايمان آندو اٿن تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.


هيءَ سندس معجزن جي شروعات هئي، جا يسوع گليل جي قانا شهر ۾ ڪري، پنهنجو جلال ظاهر ڪيو، ۽ هن جي شاگردن مٿس ايمان آندو.


وري ٽيون گهُمرو چيائينس تہ شمعون بن يوحنا، تون مون کي چاهين ٿو؟ پطرس کي رنج ٿيو جو هن ٽيون گهُمرو چيس تہ تون مون کي چاهين ٿو؟ هن چيس تہ اي خداوند، توکي سڀني ڳالهين جي خبر آهي، تون ڄاڻين ٿو تہ آئون توکي چاهيان ٿو. يسوع چيس تہ منهنجين رڍن کي چارج.


ڇوتہ پيءُ پٽ کي پيار ٿو ڪري، ۽ جيڪي بہ ڪم پاڻ ٿو ڪري، سي سڀ هن کي ٿو ڏيکاري؛ بلڪ انهن کان بہ وڏا ڪم ڏيکاريندس، تہ اوهان کي عجب لڳي.


يسوع چين تہ جي خدا اوهان جو پيءُ هجي ها تہ اوهين هوند مون کي پيار ڪريو ها، ڇالاءِ تہ آئون خدا مان نڪري هت آيو آهيان؛ آئون پاڻهي ڪين آيو آهيان پر هن موڪليو اٿم.


اهڙي ڪابہ مخلوق ڪانهي جا هن کان ڳجهي آهي؛ بلڪ جنهن سان اسان جو واسطو آهي، انهي جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ