Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 16:3 - Sindhi Bible

3 ۽ اُهي ڳالهيون جو هو ڪندا، سو انهيءَ ڪري جو هنن نہ پيءُ کي سڃاتو آهي، ۽ نہ مون کي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 اهي هي ڪم انهيءَ ڪري ڪندا جو انهن نہ پتا کي ڄاتو آهي ۽ نہ مون کي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اهي هي ڪم انهيءَ ڪري ڪندا جو انهن نہ پيءُ کي ڄاتو آهي ۽ نہ مون کي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 اھي ھي ڪم انھيءَ ڪري ڪندا، ڇالاءِ⁠جو انھن نہ پيءُ کي ۽ نڪي مون کي سڃاتو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 16:3
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀيئي شيون مون کي منهنجي پيءُ سونپي ڇڏيون آهن: ۽ پيءُ کانسواءِ ڪوبہ ڪونہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آهي؛ نڪي پٽ کانسواءِ، ۽ انهي کانسواءِ جنهن تي پٽ اُهو ظاهر ڪري؛ ٻئي ڪنهن کي اها خبر آهي تہ پيءُ ڪير آهي؟


پر اهي سڀ ڳالهيون هو منهنجي نالي ڪري اوهان سان ڪندا، ڇالاءِ جو جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن کي نٿا سڃاڻن.


جيڪو مون سان نفرت ٿو ڪري، سو منهنجي پيءُ سان بہ نفرت ٿو ڪري.


اي سچا بابا، دنيا توکي نہ سڃاتو، پر مون توکي سڃاتو آهي؛ ۽ هنن پاڻ ڄاتو آهي تہ تو مون کي موڪليو آهي؛


۽ هميشہ جي زندگي هيءَ آهي، تہ هو تو هڪ سچي خدا کي، ۽ يسوع مسيح، جنهن کي تو موڪليو آهي، تنهن کي سڃاڻن.


تڏهن اُهي چوڻ لڳس تہ تنهنجو پيءُ ڪٿي آهي؟ يسوع جواب ڏنو تہ اوهين نڪي مون کي ٿا سڃاڻو، نڪي منهنجي پيءُ کي: جي مون کي سڃاڻو ها تہ جيڪر منهنجي پيءُ کي بہ سڃاڻو ها.


اوهان هن کي نہ سڃاتو آهي، پر آئون کيس ڄاڻان ٿو؛ ۽ جيڪڏهن چوان تہ آئون نٿو ڄاڻانس، تہ جيڪر اوهان جهڙو ڪوڙو ٿيان: پر آئون ڄاڻانس ٿو، ۽ سندس ڪلام تي هلان ٿو.


۽ هاڻي اي ڀائرو، آئون سمجهان ٿو تہ اوهان جو هي ڪيو، سو اڻ ڄاڻائيءَ جي ڪري؛ ۽ اوهان جي حاڪمن بہ ائين ئي ڪيو.


هن جهان جي حاڪمن مان ڪنهن کي انهي جي سمجهہ ڪانہ هئي؛ ڇالاءِ تہ جي کين انهي جي سمجهہ هجي ها، تہ جلال واري خداوند کي صليب تي ڪين چاڙهين ها.


۽ جيڪي خدا کي نٿا سڃاڻن ۽ جيڪي اسان جي خداوند يسوع جي خوشخبري نٿا مڃين، تن کان بدلو وٺندو.


جيتوڻيڪ اڳي آئون ڪفر بڪندڙ ۽ ستائيندڙ ۽ سندس بي عزتي ڪندڙ هوس: تنهن هوندي بہ مون تي رحم ڪيو ويو، ڇالاءِ جو مون بي ايمانيءَ جي حالت ۾ اڻ ڄاڻائي ڪري اهي ڪم ڪيا؛


جيڪو پٽ کي نٿو مڃي، تنهن وٽ پيءُ نہ آهي: جيڪو پٽ کي مڃي ٿو، تنهن وٽ پيءُ بہ آهي.


ڏسو، پيءُ اسان سان ڪهڙي نہ محبت ڪئي آهي، جو اسين خدا جا ٻار ٿا سڏجون: ۽ اسين آهيون بہ. دنيا اسان کي انهي ڪري نٿي سڃاڻي جو اها کيس بہ سڃاڻي نہ سگهي.


جيڪو پيار نٿو ڪري سو خدا کي نٿو سڃاڻي؛ ڇالاءِ جو خدا پيار آهي.


۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آهي، ۽ اسان کي سمجهہ ڏني اٿس، تہ جيڪو سچو آهي تنهن کي ڄاڻون؛ ۽ جيڪو سچو آهي تنهن ۾ اسين آهيون، يعني سندس فرزند يسوع مسيح ۾. اهوئي سچو خدا ۽ هميشہ جي زندگي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ