Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 16:25 - Sindhi Bible

25 اهي ڳالهيون مون اوهان کي مثالن ۾ ٻُڌايون آهن، پر اُها گهڙي اچي ٿي جنهن ۾ آئون اوهان سان وري مثالن ۾ ڪين ڳالهائيندس، پر پيءُ بابت صاف صاف ڪري ٻڌائيندوسانوَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 ”هن وقت تائين مون اوهان کي اهي ڳالهيون مثالن ۾ پئي ٻڌايون آهن. پر اهو وقت ايندو جڏهن آءٌ اوهان سان مثالن ۾ نہ ڳالهائيندس، بلڪ پتا بابت اوهان سان صاف صاف ڳالهيون ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 ”هن وقت تائين مون اوهان کي اهي ڳالهيون مثالن ۾ پئي ٻڌايون آهن. پر اهو وقت ايندو جڏهن آءٌ اوهان سان مثالن ۾ نہ ڳالهائيندس، بلڪ پيءُ بابت اوهان سان صاف صاف ڳالهيون ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 ”ھن وقت تائين مون اوھان کي اھي ڳالھيون مثالن ۾ پئي ٻڌايون آھي، پر اھو وقت ايندو جڏھن آءٌ اوھان سان مثالن ۾ نہ ڳالھائيندس، پر اوھان سان پيءُ بابت صاف صاف ڳالھائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 16:25
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ هڪڙي مثال تي ڪن ڏيندس: آءٌ بربط وڄائي پنهنجي ڳجهارت ڀڃندس.


آءٌ مثلن ۾ ڪلام ڪندس؛ ۽ قديم زماني جون ڳجهارتون ٻڌائيندس.


پهاڪي ۽ اشاري سمجهڻ لاءِ؛ ڏاهن جون ڳالهيون، ۽ انهن جون ڳجهيون چوڻيون.


تڏهن مون چيو تہ هاءِ، خداوند خدا! هو منهنجي نسبت ۾ چون ٿا تہ هي مثالن ٻڌائڻ وارو ناهي ڇا؟


۽ چيائين تہ هي مثال سمجهہ ۾ نٿو اچيوَ ڇا؟ تڏهن سڀيئي مثال ڪيئن سمجهندا؟


۽ مثالن کانسواءِ هو ساڻن ڳالهائيندو ئي ڪين هو: پر علحدگيءَ ۾ هو پنهنجن شاگردن کي سڀني ڳالهين جو مطلب سمجهائيندو هو.


اها ڳالهہ هن کُلي کُلائي ڪئي. پوءِ پطرس هن کي جهلي جهڻڪڻ لڳو.


تڏهن يهودي ويڙهي ويس، ۽ چيائونس تہ تون اسان کي ڪيستائين شڪ ۾ رکندين؟ جيڪڏهن تون مسيح آهين تہ اسان کي صاف چئي ڏي.


اهو مثال يسوع کين ٻُڌايو، پر هنن کي سمجهڻ ۾ ڪين آيو تہ هيءُ اسان سان ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪري.


مون کي اڃا بہ اوهان کي ڪيتريون ڳالهيون چوڻيون آهن، پر اهي اوهين هينئر سهي ڪين سگهندا.


هو اوهان کي عبادتگاهن مان لوڌي ڪڍندا، بلڪ اُها گهڙي اچي ٿي، تہ جيڪو ڪو اوهان کي ماري وجهندو، سو ڀائيندو تہ آئون خدا جي خدمت ٿو ڪريان.


ڏسو، اُها گهڙي اچي ٿي، بلڪ آئي آهي، جو اوهين ٽڙي پکڙي هرڪو پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويندو، ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيندا: تہ بہ آئون اڪيلو نہ آهيان، ڇالاءِ جو پيءُ مون سان آهي.


پر اسان بي شرميءَ ۽ ٺڳيءَ جون ڳالهيون ڇڏي ڏنيون آهن، ۽ مڪارن وانگر نٿا هلون، نڪي خدا جي ڪلام ۾ ملاوت ٿا ڪريون، پر سچ کي پڌرو ٿا ڪريون، تہ خدا جي اڳيان اسان لاءِ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي دل ۾ خاطري ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ