Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 16:17 - Sindhi Bible

17 تڏهن سندس شاگردن مان ڪي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ اسان کي ڇا ٿو چوي، تہ ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا، ۽ وري ٿوريءَ دير کانپوءِ مون کي ڏسندا: اهو انهي لاءِ جو آئون پيءُ وٽ ٿو وڃان؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 تڏهن سندس چيلن مان ڪي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”هن جو مطلب ڇا آهي جو هو اسان کي چوي ٿو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا‘؟ هو هيئن بہ چوي ٿو تہ ’اهو انهيءَ ڪري جو آءٌ پتا ڏانهن وڃي رهيو آهيان.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 تڏهن سندس شاگردن مان ڪي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”هن جو مطلب ڇا آهي جو هو اسان کي چوي ٿو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا‘؟ هو هيئن بہ چوي ٿو تہ ’اهو انهيءَ ڪري جو آءٌ پيءُ ڏانهن وڃي رهيو آهيان.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 تڏھن سندس شاگردن مان ڪي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”ھن جو مطلب ڇا آھي جو ھو اسان کي چوي ٿو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڪين ڏسندا ۽ وري ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڏسندا‘؟ ھو ھيئن بہ چوي ٿو تہ ’اھو انھيءَ ڪري جو آءٌ پنھنجي پيءُ وٽ وڃي رھيو آھيان.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 16:17
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن اها ڳالهہ دل تي رکي ڇڏي، ۽ پاڻ ۾ پئي بحث ڪيائون تہ مئلن مان جي اُٿڻ جي معنيٰ ڇا آهي؟


پر هن جو اهو چوڻ هنن کي سمجهہ ۾ ئي نٿي آيو، ۽ کانئس پڇڻ کان بہ ڊنا.


پر هنن کي انهن ڳالهين مان ڪابہ سمجهہ ۾ ڪين آئي، ۽ اها ڳالهہ کانئن ڳجهي رهي، ۽ جيڪي ڳالهيون چيون ويون، تن جي کين پروڙ ئي ڪانہ پيئي.


پر هنن اها ڳالهہ نہ سمجهي، ۽ اُها کانئن ڳجهي رهي، انهي لاءِ تہ اُها نہ سمجهن: ۽ اُنهي بابت کانئس پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.


سندس شاگردن کي پهريائين اهي ڳالهيون سمجهڻ ۾ ڪين ٿي آيون: پر جڏهن يسوع پنهنجي جلال کي رسيو، تڏهن اُنهن کي ياد آيو تہ اهي ڳالهيون هن بابت لکيل آهن، ۽ ائين ئي ماڻهن ساڻس ڪيو.


يهوداهہ (نہ اسڪريوتي) چيس، تہ اي خداوند، ڇا ٿيو آهي جو تون اسان کي پنهنجو پاڻ پڌرو ڪري ڏيکاريندين، ۽ دنيا کي نہ؟


توما چيس، تہ اي خداوند، اسان کي ايتري بہ خبر ڪانهي تہ تون ڪيڏانهن ٿو وڃين، سو وري واٽ جي خبر ڪيئن هونديسون؟


اهي ڳالهيون مون اوهان کي انهيءَ لاءِ چيون آهن، تہ اوهين گمراهہ نہ ٿيو.


ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا؛ ۽ وري ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڏسندا.


تڏهن چوڻ لڳا تہ هيءُ جو چوي ٿو تہ ٿوريءَ دير کانپوءِ سو ڇا آهي؟ اسين تہ سمجهون ئي نٿا تہ ڇا ٿو چوي؟


يسوع سهي ڪيو تہ هنن جي مرضي آهي تہ مون کان پڇن، تنهنڪري چيائين، تہ اوهين هن بابت ٿا پاڻ ۾ پڇو، جو مون چيو تہ ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا، ۽ وري ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڏسندا؟


پر هاڻي آئون انهيءَ وٽ ٿو وڃان، جنهن مون کي موڪليو آهي؛ ۽ اوهان مان ڪوبہ ڪونہ ٿو پڇيم تہ ڪيڏانهن ٿو وڃين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ