Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 16:16 - Sindhi Bible

16 ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا؛ ۽ وري ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڏسندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 يسوع وڌيڪ چيو تہ ”ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 ”ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڪين ڏسندا ۽ وري ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڏسندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 16:16
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو خداوند يسوع هنن سان ڳالهائڻ کانپوءِ آسمان ۾ چاڙهيو ويو، ۽ خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


تڏهن يسوع چين تہ اڃا ٿوري ساعت نُور اوهان وٽ آهي، جيسين نُور اوهان وٽ آهي، تيسين نُور ۾ هلو تہ متان اونداهي نہ اچي مٿان پئيوَ. ۽ جيڪو اونداهيءَ ۾ ٿو هلي، تنهن کي خبر ئي ڪانہ ٿي پوي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان.


جڏهن يسوع ڄاتو تہ پيءُ سڀ ڪجهہ منهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي، ۽ آئون آيو بہ خدا وٽان آهيان، ۽ وڃان بہ خدا وٽ ٿو،


اي ٻارو، آئون باقي ٿوري ساعت اوهان سان آهيان. اوهين مون کي ڳوليندا، ۽ جيئن مون يهودين کي چيو تہ جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اوڏانهن اوهين اچي ڪين سگهندا، تيئن هاڻي اوهان کي بہ ٿو چوان.


راستبازيءَ نسبت، جو آئون پيءُ وٽ ٿو وڃان ۽ اوهين مون کي وري نہ ڏسندا؛


سو هاڻي اوهان کي بہ ڏک ٿو ٿئي، پر آئون اوهان کي وري گڏبس، ۽ اوهان جي دل خوش ٿيندي، ۽ اوهان جي خوشي اوهان کان ڪوبہ ڪونہ کسيندو.


آئون پيءُ منجهان نڪري دنيا ۾ آيو آهيان، وري دنيا ڇڏي پيءُ وٽ ٿو وڃان.


پر هاڻي آئون انهيءَ وٽ ٿو وڃان، جنهن مون کي موڪليو آهي؛ ۽ اوهان مان ڪوبہ ڪونہ ٿو پڇيم تہ ڪيڏانهن ٿو وڃين؟


پر هاڻي آئون تو وٽ ٿو اچان؛ ۽ اهي ڳالهيون جي دنيا ۾ چوان ٿو، سي انهي لاءِ تہ انهن کي منهنجي پوري خوشي حاصل ٿئي.


هاڻي اي بابا، مون کي خود پاڻ سان اهو جلال ڏي، جو مون کي توسان دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳي هو.


تنهن تي يسوع چيو، تہ اڃا ٿوري ساعت آئون اوهان سان آهيان، پوءِ جنهن موڪليو اٿم، تنهن وٽ ويندس.


۽ هن کين پنهنجي ڏک سهڻ کان پوءِ ڪيترين ئي ثابتين سان پاڻ کي جيئرو ڏيکاريو، جيئن تہ چاليهن ڏينهن تائين هنن کي پاڻ ڏيکاريندو رهيو، ۽ خدا جي بادشاهت جون ڳالهيون ڪندو رهيو:


۽ يسوع، جو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي، تنهن ڏانهن نهاريندا رهون، جنهن انهيءَ خوشيءَ جي واسطي جا سندس لاءِ مقرر هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جو ڏک سَٺو، ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ