Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 15:6 - Sindhi Bible

6 جيڪڏهن ڪو مون ۾ نہ رهندو، تہ ٽاريءَ وانگر اُن کي ڪڍي ڦٽو ڪبو، ۽ اُهو سُڪي ويندو؛ ۽ پوءِ اُنهن کي ميڙي چونڊي باهہ ۾ ٿا وجهن، ۽ اُهي سڙي ڀسم ٿا ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 جيڪو مون ۾ نہ رهندو سو ٽاريءَ وانگر وڍي اڇلايو ويندو. اهڙيون ٽاريون سڪي وينديون آهن ۽ اهي ميڙي گڏ ڪري باهہ ۾ اڇلائي ساڙيون وينديون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 جيڪو مون ۾ نہ رهندو سو ٽاريءَ وانگر وڍي اڇلايو ويندو. اهڙيون ٽاريون سڪي وينديون آهن ۽ اهي ميڙي گڏ ڪري باهہ ۾ اڇلائي ساڙيون وينديون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 جيڪو مون ۾ نہ رھندو سو ٽاريءَ وانگر وڍي اڇلايو ويندو، جيڪو سڪي ويندو. پوءِ اھڙيون ٽاريون ميڙي گڏ ڪري باھہ ۾ وڌيون وينديون ۽ اھي سڙي وينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 15:6
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪو ماڻهو انهن کي هٿ لائيندو، تنهن کي ضرور لوهہ يا نيزي جي لٺ گهرجي؛ ۽ اهي پنهنجي جاءِ تي باهہ سان بلڪل ساڙيا ويندا.


هو اونداهيءَ مان نڪري ٻاهر نہ ويندو؛ شعلو هن جون ٽاريون سڪائي ڇڏيندو، ۽ پنهنجي وات جي پساهہ سان هو هليو ويندو.


هي ٻوٽو جو تنهنجي ساڄي هٿ لڳايو آهي، ۽ هيءَ شاخ جا تو پنهنجي لاءِ مضبوط ڪئي آهي.


پر تون پنهنجي قبر مان ائين اُڇلايو ويو آهين، جيئن ڪا ڪراهت جهڙي ٽاري هجي، يا جيئن ڪا ڪُٺلن جي پوشاڪ هجي، جنهن کي ترار سان قتل ڪيو هجين، تہ هيٺ کڏ جي پٿرن ۾ وڃي ڪرن؛ جيئن ڪو ڍونڍ پيرن هيٺ لتاڙبو آهي.


ڇالاءِ جو ڪوٽ وارو شهر خالي آهي، ۽ رهڻ جو هنڌ بيابان جهڙو ويران ۽ سڃو آهي: اتي گابو چرندو، ۽ اتي ئي سمهي رهندو، ۽ انهي جون ٽاريون کائي کپائيندو.


تون چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اهو ڪو وڌندو ڇا؟ ۽ هو انهي جون پاڙون پٽي ۽ انهي جو ڦر وڍي نہ ڇڏيندا ڇا، تہ اهو ڪومائجي وڃي، ۽ ان جا تازا نڪرندڙ پن سُڪي سڙي وڃن؟ ۽ پاڙن کان وٺي انهي کي پَٽي ڪڍڻ لاءِ وڏي زور يا گهڻن ماڻهن جي ضرورت نہ ٿيندي.


ابن آدم پنهنجا ملائڪ موڪليندو، ۽ اُهي سندس بادشاهت مان جيڪي شيون گمراهہ ٿيون ڪن، ۽ جيڪي بڇڙائي ڪن ٿا، تن سڀني کي ميڙي ڪٺو ڪندا،


۽ هو اُهي روپيا هيڪل ۾ اُڇلائي هليو ويو، ۽ وڃي پاڻ کي ڦاسي ڏنائين.


بلڪ هينئر ئي وڻن جي پاڙ تي ڪهاڙي رکي ويئي آهي، تنهنڪري جيڪو وڻ چڱو ڦل نٿو ڏئي، سو وڍي باهہ ۾ وجهبو.


جيڪو وڻ چڱو ڦل نٿو ڏئي، سو وڍي باهہ ۾ وجهبو آهي.


مون ۾ جيڪا ٽاري ڦل نٿي جهلي، تنهن کي هو ڪڍي ٿو ڇڏي: ۽ جيڪا ڦل جهلي ٿي، تنهن کي ڇانگي ٿو، تہ وڌيڪ ڦل ڏئي.


پر عدالت جو هڪڙو خوفناڪ انتظار ۽ هيبت جهڙي باهہ سا باقي آهي، جا مخالفن کي کائي ويندي.


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اُهي خداوند ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي سڃاڻپ جي ڪري دنيا جي ناپاڪائيءَ کان ڇُٽن ٿا، پر وري بہ انهيءَ ۾ ڦاسي مغلوب ٿا ٿين، تہ انهن جي پوئين حالت پهرينءَ کان خراب ٿي ٿئي.


اهي نڪتا تہ اسان منجهان ئي آهن، مگر اُهي اسان جا ڪين هئا؛ ڇالاءِ جو جي هو اسان منجهان هجن ها، تہ اسان سان گڏ ٿي رهندا اچن ها: پر هو نڪري ويا آهن، انهي لاءِ تہ ظاهر ٿئي تہ هو سڀ اسان منجهان ناهن.


۽ جي ڪنهن جو نالو زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ ڏٺو ويو تہ انهي کي بہ باهہ جي ڍنڍ ۾ اُڇلائي وڌائون.


پر جيڪي ڊڄڻا، بي ايمان، ناپاڪ، خوني، زناڪار، جادوگر، بُت پرست ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جو حصو انهيءَ ڍنڍ ۾ ٿيندو، جا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ٻري؛ اهو ٻيو موت آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ