Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 15:26 - Sindhi Bible

26 پر جڏهن اُهو مددگار ايندو، جنهن کي آئون پيءُ وٽان اوهان وٽ موڪليندس، يعني سچ جو روح، جو پيءُ مان ٿو نڪري، تڏهن اُهو منهنجي بابت شاهدي ڀريندو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 جڏهن اهو مددگار ايندو جيڪو آءٌ پتا وٽان اوهان ڏانهن موڪليندس، يعني سچ جي آتما جيڪا پتا مان نڪري ٿي، تڏهن اهو مون بابت شاهدي ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 جڏهن اهو مددگار ايندو جيڪو آءٌ پيءُ وٽان اوهان ڏانهن موڪليندس، يعني سچ جو روح جيڪو پيءُ مان نڪري ٿو، تڏهن اهو مون بابت شاهدي ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 پر اھو مددگار ايندو جيڪو آءٌ پيءُ وٽان اوھان ڏانھن موڪليندس، يعني سچ جو پاڪ روح، جيڪو پيءُ مان نڪري ٿو سو مون بابت شاھدي ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 15:26
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏسو، تہ جنهن جو منهنجي پيءُ انجام ڪيو آهي، سو اوهان تي نازل ڪندس؛ پر جيسين ڪ اوهان کي مٿان طاقت نہ ملي، تيسين شهر ۾ رهجو.


پر مددگار يعني پاڪ روح، جنهن کي پيءُ منهنجي نالي موڪليندو، سو اوهان کي سڀ ڳالهيون سيکاريندو، ۽ جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي چيون آهن، سي سڀ اوهان کي ياد ڏياريندو.


تنهن هوندي بہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ اوهان جي لاءِ فائدي واري ڳالهہ هيءَ آهي تہ آئون وڃان، ڇالاءِ تہ جيڪڏهن آئون نہ ويندس تہ اُهو مددگار اوهان وٽ ڪين ايندو؛ پر جي ويندس تہ وڃي اوهان ڏانهن موڪليندوسانس.


يسوع چين تہ جي خدا اوهان جو پيءُ هجي ها تہ اوهين هوند مون کي پيار ڪريو ها، ڇالاءِ تہ آئون خدا مان نڪري هت آيو آهيان؛ آئون پاڻهي ڪين آيو آهيان پر هن موڪليو اٿم.


۽ ساڻن گڏجي کين تاڪيد ڪيائين تہ يروشلم کان ٻاهر نہ وڃجو پر ابي جو واعدو، جيڪو اوهان مون کان ٻُڌو، تنهن جو انتظار ڪجو:


۽ خدا، جو دلين جو ڄاڻڻ وارو آهي، تنهن هنن کي بہ اسان وانگر پاڪ روح ڏيئي سندن لاءِ شاهدي ڏني؛


اسين انهيءَ ڳالهہ جا شاهد آهيون؛ ۽ پاڪ روح بہ، جو خدا انهن کي ڏنو آهي جي سندس حڪم ٿا مڃين.


جيئن مسيح جي شاهدي اوهان ۾ قائم آهي،


خدا بہ انهن سان گڏ پنهنجي مرضيءَ موافق، نشانين ۽ عجيب ڪمن ۽ طرح طرح جي قدرتن، ۽ پاڪ روح جي نعمتن جي وسيلي، انهن جي شاهدي ڏيندو رهيو.


۽ هن مون کي آبِ حيات جي هڪڙي ندي ڏيکاري، جا بلور وانگر پئي چمڪي، ۽ انهي شهر جي سڙڪ جي وچ ۾ خدا ۽ گهيٽي جي تخت مان ٿي نڪتي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ