Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 14:31 - Sindhi Bible

31 پر هيءُ انهي لاءِ ٿو ٿئي تہ دنيا کي خبر پوي تہ آئون پيءُ کي پيار ٿو ڪريان، ۽ جيئن پيءُ مون کي حڪم ڏنو آهي، تيئن ئي ٿو ڪريان. اُٿو، هلو تہ هتان هلون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

31 پر اهو انهيءَ لاءِ ٿئي ٿو تہ جيئن سنسار ڄاڻي وٺي تہ آءٌ پتا سان پيار ڪريان ٿو ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪريان ٿو جنهن جو پتا مون کي حڪم ڏنو آهي. هاڻي اٿو تہ هتان هلون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 پر اهو انهيءَ لاءِ ٿئي ٿو تہ جيئن دنيا ڄاڻي وٺي تہ آءٌ پيءُ سان پيار ڪريان ٿو ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪريان ٿو جنهن جو پيءُ مون کي حڪم ڏنو آهي. هاڻي اٿو تہ هتان هلون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 پر اھو انھيءَ لاءِ ٿئي ٿو تہ جيئن دنيا کي خبر پوي تہ آءٌ پيءُ سان پيار ڪريان ٿو ۽ جيئن پيءُ مون کي حڪم ڏنو آھي تيئن ئي ڪريان ٿو. ھاڻي ھلو تہ ھتان ھلون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 14:31
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجا خدا، تنهنجيءَ مرضيءَ موجب هلڻ تي آءٌ ڏاڍو خوش آهيان؛ هاڻي تنهنجي شريعت منهنجيءَ دل جي اندر آهي.


خداوند خدا منهنجو ڪن کوليو آهي تنهن ڪري آءٌ فسادي نہ ٿيس، نڪي پٺ تي موٽيس.


۽ هو ٿورو اڳڀرو هليو، ۽ منهن ڀر ڪِري ۽ دعا گهُري چوڻ لڳو، تہ اي منهنجا ابا، جي ٿي سگهي تہ هيءُ پيالو مون تان ٽري وڃي: انهي هوندي بہ منهنجي مرضي نہ پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.


اُٿو، هلو تہ هلون: ڏسو جيڪو مون کي جهلائي ٿو، سو اچي پهتو آهي.


پر مون کي هڪڙي بپتسما وٺڻي آهي؛ ۽ جيسين اُها پوري نہ ٿئي تيسين آئون ڪهڙي نہ سوڙهہ ۾ آهيان!


ڪوبہ ماڻهو مون کان اُها کسي نٿو، پر آئون اُها پاڻهي ئي ٿو ڏيان. مون کي اُنهيءَ جي ڏيڻ جي اختياري آهي، ۽ انهي جي وري وٺڻ جي بہ اختياري اٿم. هيءُ حڪم مون کي پنهنجي پيءُ وٽان مليو آهي.


هاڻي منهنجي جان پريشان ٿي ٿئي، ۽ آئون ڇا چوان؟ اي بابا، هن گهڙيءَ کان مون کي بچاءِ. پر انهيءَ سبب تہ آئون هن گهڙيءَ کي رسيو آهيان.


ڇالاءِ جو مون پاڻو ڪلام ڪونہ ڪيو آهي، پر پيءُ جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن ئي مون کي حڪم ڏنو آهي تہ ڇا چوان، ۽ ڇا ڳالهايان.


هاڻي فسح جي عيد کان اڳي جڏهن يسوع ڏٺو تہ منهنجي اُها گهڙي آئي آهي تہ دنيا مان لڏي پيءُ وٽ وڃان، تڏهن دنيا ۾ جيڪي پنهنجا هئس، تن تي جهڙو پيار هوس، تهڙو ئي توڙ تائين رکندو آيو.


جيئن پيءُ مون کي پيار ڪيو آهي، تيئن مون بہ اوهان کي پيار ڪيو آهي، منهنجي پيار ۾ رهندا اچجو.


تڏهن يسوع پطرس کي چيو، تہ ترار ورائي کپ ۾ وجهہ: پيالو جو پيءُ مون کي ڏنو آهي، سو آئون نہ پيان ڇا؟


يسوع چين تہ منهنجو کاڄ هيءُ آهي، تہ جنهن موڪليو اٿم، تنهن جي مرضي بجا آڻيان، ۽ سندس ڪم پورو ڪريان.


۽ انسان جي شڪل ۾ ظاهر ٿي پاڻ کي پست ڪيائين، ۽ اهڙو فرمانبردار رهيو جو موت بلڪ صليبي موت قبول ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ