Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 14:24 - Sindhi Bible

24 جيڪو مون کي پيار نٿو ڪري، سو منهنجي ڪلام تي نٿو هلي: ۽ ڪلام جو اوهين ٻُڌو ٿا، سو منهنجو نہ، پر پيءُ جو آهي، جنهن مون کي موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 جيڪو مون سان پيار نہ ٿو ڪري سو منهنجي ڳالهين تي عمل نہ ٿو ڪري. جڏهن تہ اهي ڳالهيون جيڪي اوهان ٻڌيون آهن، سي منهنجيون نہ پر پتا جون آهن، جنهن مون کي موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 جيڪو مون سان پيار نہ ٿو ڪري سو منهنجي ڳالهين تي عمل نہ ٿو ڪري. جڏهن تہ اهي ڳالهيون جيڪي اوهان ٻڌيون آهن، سي منهنجيون نہ پر پيءُ جون آهن، جنهن مون کي موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 جيڪو مون سان پيار نہ ٿو ڪري سو منھنجي ڪلام تي عمل نہ ٿو ڪري ۽ ڪلام جيڪو اوھان ٻڌو آھي، سو منھنجو نہ آھي پر اھو پيءُ جو آھي جنھن مون کي موڪليو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 14:24
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع چيس تہ جي ڀانئين تہ ڪامل ٿيان، تہ وڃي جيڪي تو وٽ آهي سو وڪڻي غريبن کي ڏي، تہ پوءِ توکي آسمان ۾ خزانو ملندو: ۽ اچي منهنجي پيروي ڪر.


تون ايمان نٿو آڻين تہ آئون پيءُ ۾ آهيان، ۽ پيءُ مون ۾؟ جيڪي ڳالهيون آئون اوهان کي چوان ٿو، سي پاڻو ڪين ٿو چوان: پر پيءُ جو مون ۾ رهي ٿو، سو پنهنجا ڪم ٿو ڪري.


جي اوهين مون کي پيار ٿا ڪريو، تہ منهنجن حڪمن تي هلو.


مون اهي ڳالهيون اوهان سان رهي اوهان کي ٻُڌايون آهن.


آئون توکي سچ سچ ٿو چوان تہ اسين جيڪي ڄاڻون ٿا، تنهن جي ڳالهہ ٿا ڪريون، ۽ جيڪي ڏٺو اٿئون، تنهن جي شاهدي ٿا ڀريون؛ ۽ اوهين اسان جي شاهدي قبول نٿا ڪريو.


ڇالاءِ تہ جنهن کي خدا موڪليو آهي، سو خدا جون ڳالهيون ٿو ڪري: ڪيئن جو هو روح مَئي نٿو ڏئي.


تڏهن يسوع جواب ڏيئي چين، تہ آئون سچ سچ ٿو چوان تہ پٽ پنهنجي سر ڪي بہ ڪري نٿو سگهي، پر جيڪي پيءُ کي ڪندو ٿو ڏسي، سو ئي ٿو ڪري: ڇالاءِ جو جيڪي بہ ڪم هو ڪري ٿو، سي ئي پٽ بہ ساڳيءَ طرح ٿو ڪري.


۽ اوهين هن جي ڪلام کي پنهنجي دل ۾ جاءِ نٿا ڏيو: ڇوتہ جنهن کي موڪليو اٿس، تنهن کي قبول نٿا ڪريو.


پوءِ يسوع جواب ڏيئي چين تہ منهنجي تعليم منهنجي نہ آهي، پر انهي جي آهي جنهن موڪليو اٿم.


پوءِ يسوع هيڪل ۾ تعليم ڏيندي وڏي آواز سان چيو، تہ اوهين مون کي سڃاڻو ٿا، ۽ خبر بہ اٿوَ تہ آئون ڪٿان جو آهيان؛ ۽ آئون پاڻو پاڻ نہ آيو آهيان، پر جنهن موڪليو اٿم، سو سچو آهي، جنهن کي اوهين نٿا سڃاڻو.


مون کي اوهان جي بابت گهڻو ڪي چوڻو آهي، ۽ فيصلو ڪرڻو آهي: پر جنهن مون کي موڪليو آهي سو سچو آهي، ۽ جيڪي کانئس ٻُڌو اٿم، سو ئي جهان کي ٻُڌايان ٿو.


تڏهن يسوع چيو، تہ جڏهن اوهين ابن آدم کي مٿانهين تي چاڙهيندا، تڏهن اوهان کي خبر پوندي تہ آئون اُهو ئي آهيان، ۽ پاڻو ڪي ڪين ٿو ڪريان، پر جيئن پيءُ سيکاريو اٿم، تيئن ئي ٿو ٻُڌايان.


جيڪي مون پنهنجي پيءُ وٽ ڏٺو آهي سو چوان ٿو: ۽ اوهان وري جيڪي پنهنجي پيءُ کان ٻُڌو آهي، سو ٿا ڪريو.


يسوع چين تہ جي خدا اوهان جو پيءُ هجي ها تہ اوهين هوند مون کي پيار ڪريو ها، ڇالاءِ تہ آئون خدا مان نڪري هت آيو آهيان؛ آئون پاڻهي ڪين آيو آهيان پر هن موڪليو اٿم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ