Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 14:11 - Sindhi Bible

11 مون تي ايمان آڻيو تہ آئون پيءُ ۾ آهيان ۽ پيءُ مون ۾: نہ تہ هي ڪم جيڪي آئون ڪريان ٿو، تن جي ڪري ئي مون تي ايمان آڻيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 مون تي يقين ڪريو تہ آءٌ پتا ۾ آهيان ۽ پتا مون ۾ آهي. جيڪڏهن ائين يقين نہ ٿا ڪريو تہ هي ڪم جيڪي آءٌ ڪري رهيو آهيان، تن جي ڪري ئي يقين ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 مون تي يقين ڪريو تہ آءٌ پيءُ ۾ آهيان ۽ پيءُ مون ۾ آهي. جيڪڏهن ائين يقين نہ ٿا ڪريو تہ هي ڪم جيڪي آءٌ ڪري رهيو آهيان، تن جي ڪري ئي يقين ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 مون تي يقين ڪريو تہ آءٌ پيءُ ۾ آھيان ۽ پيءُ مون ۾ آھي. جيڪڏھن ائين يقين نہ ٿا ڪريو تہ ھي ڪم جيڪي آءٌ ڪري رھيو آھيان، تن جي ڪري ئي يقين ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 14:11
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع کين جواب ڏنو تہ مون اوهان کي ٻڌايو آهي، پر اوهين ايمان نٿا آڻيو. جيڪي ڪم آئون پنهنجي پيءُ جي نالي ڪريان ٿو، سي ئي منهنجي لاءِ شاهدي ٿا ڀرين.


يسوع کين جواب ڏنو، تہ مون پيءُ جي طرفان ڪيترائي چڱا ڪم اوهان کي ڏيکاريا آهن، پوءِ انهن مان ڪهڙو ڪم آهي، جنهن سبب اوهين مون کي سنگسار ٿا ڪريو؟


پر جي آئون اُهي ڪريان ٿو تہ جيتوڻيڪ اوهين مون تي ايمان نٿا آڻيو، تہ منهنجي ڪمن تي ايمان آڻيو: تہ اوهان کي خبر پوي ۽ سمجهو تہ پيءُ مون ۾ آهي ۽ آئون پيءُ ۾.


تون ايمان نٿو آڻين تہ آئون پيءُ ۾ آهيان، ۽ پيءُ مون ۾؟ جيڪي ڳالهيون آئون اوهان کي چوان ٿو، سي پاڻو ڪين ٿو چوان: پر پيءُ جو مون ۾ رهي ٿو، سو پنهنجا ڪم ٿو ڪري.


اُنهي ڏينهن اوهان کي خبر پوندي تہ آئون پنهنجي پيءُ ۾ آهيان، ۽ اوهين مون ۾ ۽ آئون اوهان ۾.


پر مون وٽ جا شاهدي آهي، سا يوحنا جي شاهدي کان بہ مٿي آهي: ڇالاءِ تہ جيڪي ڪم پيءُ مون کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن، يعني اُهي ساڳيا ڪم جي آئون پيو ڪريان، سي منهنجي بابت شاهدي ٿا ڀرين تہ پيءُ مون کي موڪليو آهي.


اي اسرائيليو، هي ڳالهيون ٻُڌو؛ يسوع ناصري هڪڙو شخص هو، ۽ جيڪي ڪرامتون ۽ نشانيون خدا سندس هٿان ڪيون، جن جي خود اوهان کي خبر آهي، تن مان ثابت ٿيو تہ هو خدا وٽان آيو آهي.


خدا بہ انهن سان گڏ پنهنجي مرضيءَ موافق، نشانين ۽ عجيب ڪمن ۽ طرح طرح جي قدرتن، ۽ پاڪ روح جي نعمتن جي وسيلي، انهن جي شاهدي ڏيندو رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ