Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 13:9 - Sindhi Bible

9 شمعون پطرس چيس تہ اي خداوند، تڏهن نہ رڳو منهنجا پير، پر منهنجا هٿ ۽ مٿو بہ ڌوءُ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 تنهن تي شمعون پطرس چيس تہ ”اي پرڀو! پوءِ منهنجا رڳو پير نہ ڌوئو، بلڪ منهنجا هٿ ۽ مٿو بہ ڌوئو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 تنهن تي شمعون پطرس چيس تہ ”اي خداوند! پوءِ منهنجا رڳو پير نہ ڌوئو، بلڪ منهنجا هٿ ۽ مٿو بہ ڌوئو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 تنھن تي شمعون پطرس چيس تہ ”اي خداوند! پوءِ منھنجا رڳو پير نہ ڌوئو، بلڪ منھنجا ھٿ ۽ مٿو بہ ڌوئو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 13:9
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ بيگناهيءَ ۾ پنهنجا هٿ ڌوئيندس؛ اي خداوند، آءٌ تنهنجيءَ قربانگاهہ کي گهيري رهندس.


منهنجيءَ بڇڙائيءَ کان مون کي چڱيءَ طرح ڌوءِ، ۽ منهنجي گناهہ کان مونکي صاف ڪر.


زوفا سان مون کي صاف ڪر تہ آءٌ پاڪ ٿيان: مون کي ڌوءِ آءٌ برف کان بہ اڇو ٿي پوان.


اي يروشلم، پنهنجي دل شرارت کان ڌوئي صاف ڪر تہ ڇوٽڪارو لهين. ڪيستائين تنهنجا خراب خيال تو منجهہ رهندا.


تنهنڪري جڏهن پلاطس ڏٺو تہ منهنجي نٿا مڃين، اُٽلندو گوڙ ٿو مچي، تڏهن پاڻي کڻي ماڻهن جي اڳيان هٿ ڌوتائين، ۽ چيائين تہ آئون هن راستباز ماڻهوءَ جي خون کان بي ڏوهو آهيان: اوهين پاڻ ڄاڻو.


يسوع چيس تہ جو وهنجيل آهي، تنهن کي پيرن ڌوئڻ کان سواءِ ٻي گهُرج ڪونهي، پر سڄو ئي پاڪ آهي: ۽ اوهين بہ پاڪ آهيو، پر سڀيئي نہ.


پطرس چيس، تہ آئون پنهنجا پير توکي ڪڏهن بہ ڌوئڻ ڪين ڏيندس. يسوع جواب ڏنس، تہ جي پير نٿو ڌوئارين، تہ تنهنجو مون سان ڪو حصو ڪونهي.


تڏهن اچو تہ اسين سچيءَ دل سان ۽ پوري ايمان سان دل جي الزام کان پاڪ ٿيڻ لاءِ پنهنجين دلين تي ڇڻڪار ڪري، ۽ پنهنجي بدن کي صاف پاڻيءَ سان ڌوئي، سندس ويجها وڃون.


انهي جو سچو نمونو، يعني بپتسما، جنهن جي مراد اها نہ آهي تہ بدن جو مير صاف ڪري پر خالص نيت سان خدا جو طالب ٿئي، سا هاڻي بہ يسوع مسيح جي جيئري ٿيڻ جي وسيلي اوهان کي بچائي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ