Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 13:4 - Sindhi Bible

4 تڏهن مانيءَ تان اُٿي، ڪپڙا لاهي، ٽوال چيلهہ سان ٻَڌائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 اهو سڀ ڄاڻيندي يسوع رسوئيءَ تان اٿيو ۽ پنهنجو جبو لاهي ٽوال چيلهہ سان ٻڌائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 اهو سڀ ڄاڻيندي عيسيٰ مانيءَ تان اٿيو ۽ پنهنجو جبو لاهي ٽوال چيلهہ سان ٻڌائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 تڏھن عيسيٰ مانيءَ تان اٿيو ۽ پنھنجو جبو لاھي ٽوال چيلھہ سان ٻڌائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 13:4
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يهوسفط چيو تہ هتي ڪو خداوند جو نبي ڪونهي ڇا، جنهن جي وسيلي اسين خداوند کان پڇا ڪريون؟ ۽ اسرائيل جي بادشاهہ جي نوڪرن مان هڪڙي ورندي ڏيئي چيو تہ سافط جو پٽ اليشع هتي آهي، جو ايلياہ جا هٿ ڌوئندو هو.


مبارڪ آهن اُهي نوڪر، جن کي سندن مالڪ اچڻ سان سجاڳ ٿو ڏسي: آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هو ڪمر ٻڌي کين کارائڻ لاءِ ويهاريندو، ۽ پاڻ اچي سندن خدمت ڪندو.


پر اوهان ۾ اُهو ڪير آهي جنهن کي ڪو نوڪر هجي، جو هر پيو ڪاهيندو هجي، يا ڌڻ پيو چاريندو هجي، تہ اُن کي ٻنيءَ مان اچڻ شرط چوي تہ يڪدم اچي کائڻ تي ويهہ؛


پر اُٽلندو هيئن ڪين چوندس، تہ منهنجي رات جي ماني تيار ڪر، ۽ جيسين آئون کائي پي وٺان، تيسين ڪمر ڪشي منهنجو ڪم ڪار ڪر، ۽ پوءِ وڃي تون کاءُ پيءُ؟


ڇالاءِ جو وڏو ڪير آهي، جيڪو کائڻ ٿو ويهي، يا جيڪو خدمت ٿو ڪري؟ ڇا اهو ڪينهي جيڪو کائي ويٺو؟ پر آئون اوهان منجهہ انهيءَ وانگر آهيان جو خدمت ٿو ڪري.


پوءِ جڏهن سندن پير ڌوئي چڪو، ۽ ڪپڙا پائي وري اچي ويٺو، تڏهن چيائين تہ سمجهو ٿا تہ مون اوهان سان ڇا ڪيو آهي؟


ڇالاءِ جو اوهان کي اسان جي خداوند يسوع مسيح جي فضل جي خبر آهي، تہ جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تہ بہ اوهان جي خاطر غريب ٿي ويو، انهي لاءِ تہ اوهين سندس غريبيءَ جي ڪري دولتمند ٿي وڃو.


ڇالاءِ جو هي اهوئي پيغام آهي جو شروعات کان وٺي اوهان ٻُڌو، تہ اوهان کي گهرجي تہ هڪٻئي کي پيار ڪريو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ