Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 13:36 - Sindhi Bible

36 شمعون پطرس چيس، تہ اي خداوند، تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ يسوع جواب ڏنو تہ جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اوڏانهن تون هينئر منهنجي پٺيان اچي ڪين سگهندين، پر پوءِ تون منهنجي پٺيان ايندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

36 شمعون پطرس يسوع کان پڇيو تہ ”اي پرڀو! تون ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟“ يسوع وراڻيس تہ ”جتي آءٌ وڃي رهيو آهيان اتي تون مون سان هاڻي نہ ٿو هلي سگھين، پر پوءِ تون اتي ايندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 شمعون پطرس عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي خداوند! تون ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”جتي آءٌ وڃي رهيو آهيان اتي تون مون سان هاڻي نہ ٿو هلي سگھين، پر پوءِ تون اتي ايندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

36 شمعون پطرس عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي خداوند! تون ڪيڏانھن وڃي رھيو آھين؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”جتي آءٌ وڃي رھيو آھيان اتي تون مون سان ھاڻي نہ ٿو ھلي سگھين، پر پوءِ تون اتي ايندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 13:36
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي ٻارو، آئون باقي ٿوري ساعت اوهان سان آهيان. اوهين مون کي ڳوليندا، ۽ جيئن مون يهودين کي چيو تہ جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اوڏانهن اوهين اچي ڪين سگهندا، تيئن هاڻي اوهان کي بہ ٿو چوان.


منهنجي پيءُ جي گهر ۾ گهڻيئي جايون آهن؛ جي ائين نہ هجي ها تہ آئون اوهان کي ٻُڌايان ها، ڇالاءِ جو آئون انهيءَ ڪري ٿو وڃان تہ وڃي اوهان لاءِ جاءِ تيار ڪريان.


تڏهن سندس شاگردن مان ڪي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ اسان کي ڇا ٿو چوي، تہ ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا، ۽ وري ٿوريءَ دير کانپوءِ مون کي ڏسندا: اهو انهي لاءِ جو آئون پيءُ وٽ ٿو وڃان؟


پر هاڻي آئون انهيءَ وٽ ٿو وڃان، جنهن مون کي موڪليو آهي؛ ۽ اوهان مان ڪوبہ ڪونہ ٿو پڇيم تہ ڪيڏانهن ٿو وڃين؟


جو آئون ڄاڻان ٿو تہ منهنجي جسم ڇڏڻ جو وقت جلد اچڻو آهي، جيئن ڪ اسان جي خداوند يسوع مسيح مون کي چتايو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ