Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 13:33 - Sindhi Bible

33 اي ٻارو، آئون باقي ٿوري ساعت اوهان سان آهيان. اوهين مون کي ڳوليندا، ۽ جيئن مون يهودين کي چيو تہ جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اوڏانهن اوهين اچي ڪين سگهندا، تيئن هاڻي اوهان کي بہ ٿو چوان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

33 اي منهنجا ٻارؤ! آءٌ اوهان سان گھڻو وقت نہ رهندس. اوهين مون کي ڳوليندا، پر جتي آءٌ وڃي رهيو آهيان اتي اچي نہ سگھندا. آءٌ اوهان کي اهو ئي ٻڌايان ٿو، جيڪو مون يهودي اڳواڻن کي ٻڌايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 اي منهنجا ٻارؤ! آءٌ اوهان سان گھڻو وقت نہ رهندس. اوهين مون کي ڳوليندا، پر جتي آءٌ وڃي رهيو آهيان اتي اچي نہ سگھندا. آءٌ اوهان کي اهو ئي ٻڌايان ٿو، جيڪو مون يهودي اڳواڻن کي ٻڌايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

33 اي منھنجا ٻارؤ! آءٌ اوھان سان گھڻو وقت نہ رھندس. اوھين مون کي ڳوليندا، پر آءٌ اوھان کي ھاڻي ٻڌايان ٿو، جيئن مون يھودي اڳواڻن کي ٻڌايو ھو تہ اوھين اتي اچي نہ سگھندا جتي آءٌ وڃي رھيو آھيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 13:33
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شمعون پطرس چيس، تہ اي خداوند، تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ يسوع جواب ڏنو تہ جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اوڏانهن تون هينئر منهنجي پٺيان اچي ڪين سگهندين، پر پوءِ تون منهنجي پٺيان ايندين.


باقي گهڙي ساعت آهي، ۽ دنيا مون کي وڌيڪ نہ ڏسندي؛ پر اوهين مون کي ڏسندا: ڇالاءِ جو آئون جيان ٿو، تنهنڪري اوهين بہ جيئندا.


منهنجي پيءُ جي گهر ۾ گهڻيئي جايون آهن؛ جي ائين نہ هجي ها تہ آئون اوهان کي ٻُڌايان ها، ڇالاءِ جو آئون انهيءَ ڪري ٿو وڃان تہ وڃي اوهان لاءِ جاءِ تيار ڪريان.


اها ڳالهہ جا ڪيائين، تنهن جي معنيٰ ڇا، تہ اوهين مون کي ڳوليندا ۽ ڪين لهندا، ۽ جتي آئون آهيان، اُتي اوهين اچي ڪين سگهندا؟


اي منهنجا ٻار، اوهان جي ڪري مون کي وري ڄڻڻ جا سور لڳا آهن، جيسين ڪ اوهان ۾ مسيح جي صورت پيدا ٿئي!


اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، اهي ڳالهيون آئون اوهان ڏانهن انهي لاءِ ٿو لکان تہ اوهين گناهہ نہ ڪريو. ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو کڻي گناهہ ڪري تہ پيءُ وٽ اسان جو هڪڙو مددگار موجود آهي، يعني يسوع مسيح راستباز:


اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، اوهين خدا جا آهيو، ۽ اُنهن تي غالب پيا آهيو؛ ڇالاءِ جو جيڪو اوهان ۾ آهي سو اُنهي کان وڏو آهي جو دنيا ۾ آهي.


اي ننڍڙا ٻارو، پاڻ کي بُتن کان بچائجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ