Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 13:31 - Sindhi Bible

31 پوءِ جڏهن هو ٻاهر ويو، تڏهن يسوع چيو، تہ هاڻي ابن آدم جو جلال ظاهر ٿيو، ۽ منجهس خدا جو بہ جلال ظاهر ٿيو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

31 يهوداہ جي وڃڻ کان پوءِ يسوع چيو تہ ”هاڻي منش‌پتر جي جوت ظاهر ٿيڻ واري آهي ۽ هن مان ايشور جي جوت ظاهر ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 يهوداہ جي وڃڻ کان پوءِ عيسيٰ چيو تہ ”هاڻي ابنِ آدم جو جلوو ظاهر ٿيڻ وارو آهي ۽ هن مان خدا جو جلوو ظاهر ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 يھوداہ جي وڃڻ کان پوءِ عيسيٰ چيو تہ ”ھاڻي ابن⁠آدم جو جلوو ظاھر ٿيو آھي ۽ خدا جو جلوو بہ ھن جي معرفت ظاھر ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 13:31
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع هن کي چيو تہ لومڙين کي ڏريون آهن، ۽ آسمان جي پکين کي آکيرا، پر ابنِ آدم کي اُها جاءِ ڪانهي جتي کڻي مٿو رکي.


پر مون کي هڪڙي بپتسما وٺڻي آهي؛ ۽ جيسين اُها پوري نہ ٿئي تيسين آئون ڪهڙي نہ سوڙهہ ۾ آهيان!


پر يسوع ٻُڌي چيو تہ هيءَ بيماري موت جي نہ آهي، پر خدا جي جلال جي واسطي آهي، تہ انهي ڪري خدا جي فرزند جي وڏائي ٿئي.


۽ يسوع جواب ڏيئي چيو، تہ اُها گهڙي آئي آهي جنهن ۾ ابن آدم جو جلال ظاهر ٿيندو.


اي بابا، پنهنجي نالي کي جلال ڏي. تنهن تي آسمان مان آواز آيو تہ مون جلال ڏنو اٿس، ۽ وري بہ ڏيندوسانس.


۽ جيڪي اوهين منهنجي نالي گهُرندا، سو آئون ڪندس تہ پٽ ۾ پيءُ کي جلال ملي.


هو منهنجو جلال ظاهر ڪندو: ڇالاءِ تہ هو منهنجيون ڳالهيون وٺي اوهان کي کولي ٻُڌائيندو.


پر هن اها ڳالهہ روح بابت ڪئي، جو انهن کي جن مٿس ايمان آندو، ملڻو هو: ڇالاءِ جو روح اڃا نہ مليو هو، انهي ڪري جو يسوع اڃا پنهنجي جلال کي ڪين رسيو هو.


تنهنڪري اسرائيل جو سارو گهراڻو اهو يقين ڪري، تہ خدا انهي يسوع کي، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهيو، خداوند ۽ مسيح بہ ڪيو آهي.


ابراهيم، ۽ اسحاق ۽ يعقوب جي خدا، اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا، پنهنجي بندي يسوع کي جلال بخشيو، جنهن کي اوهان جهلايو، ۽ جڏهن پلاطس هن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن سندس اڳيان انڪاري ٿيا.


پر اسين سڀيئي بي نقاب چهري سان خداوند جو جلال ڏسي، درجي بدرجي خداوند جي روح جي وسيلي سندس جلالي صورت ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون.


انهي لاءِ تہ اسين، جن اڳيئي مسيح ۾ اُميد رکي هئي، سي انهي جي جلال جي تعريف جو سبب ٿيون.


انهي لاءِ تہ پنهنجي انهيءَ مهربانيءَ جي وسيلي جا مسيح يسوع ۾ اسان تي آهي، ايندڙ زمانن ۾ پنهنجي فضل جي بي انداز دولت ظاهر ڪري:


انهي لاءِ تہ هاڻي ڪليسيا جي وسيلي خدا جي طرح طرح جي حڪمت، آسماني جاين ۾ حڪومت ۽ اختياريءَ وارن کي معلوم ٿي وڃي،


۽ سڀڪا زبان قبول ڪري تہ يسوع مسيح خداوند آهي، جنهنڪري خدا پيءُ جو جلال ظاهر ٿئي.


هن جي وسيلي اوهان خدا تي ايمان آندو آهي، جنهن هن کي مُئلن مان جياريو ۽ جلال ڏنائينس؛ انهي لاءِ تہ اوهان جو ايمان ۽ آسرو خدا تي هجي.


۽ غير قومن ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جن ڳالهين ڪري هو اوهان کي بدڪار ڄاڻي اوهان جي گلا ٿا ڪن، تن ۾ اوهان جا چڱا ڪم ڏسي عدالت جي ڏينهن خدا جي وڏائي ظاهر ڪن.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو منادي ڪري تہ اهو خدا جي ڪلام موجب ڪري؛ جيڪڏهن ڪو خدمت ڪري تہ اهڙي ڪري جهڙي خدا طاقت ڏني هجيس، انهي لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ يسوع مسيح جي وسيلي خدا جو جلال ظاهر ٿئي، جنهن جي وڏائي ۽ بادشاهي هميشہ تائين قائم آهي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ