Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 13:27 - Sindhi Bible

27 ۽ گرهہ وٺڻ کانپوءِ شيطان اچي منجهس گهڙيو. تڏهن يسوع چيس تہ جيڪي ڪرين ٿو، سو سگهو ڪري وٺ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 جيئن ئي يهوداہ گرهہ ورتو تيئن ئي شيطان منجھس سمائجي ويو. يسوع کيس چيو تہ ”جيڪو تو کي ڪرڻو آهي سو جلدي ڪري وٺ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 جيئن ئي يهوداہ گرهہ ورتو تيئن ئي شيطان منجھس سمائجي ويو. عيسيٰ کيس چيو تہ ”جيڪو تو کي ڪرڻو آهي سو جلدي ڪري وٺ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 جيئن ئي يھوداہ گرھہ ورتو تيئن ئي شيطان منجھس گھڙيو. عيسيٰ کيس چيو تہ ”جيڪو تو کي ڪرڻو آھي سو جلدي ڪري وٺ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 13:27
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ٻن پهرن جو هيئن ٿيو تہ ايلياہ هنن تي ٺٺولي ڪري چيو تہ وڏي آواز سان سڏيوس: ڇالاءِ جو هو تہ معبود آهي؛ يا هو پنهنجي منهن پيو ڳالهائي، يا ڪنهن پاسي ويو آهي، يا ڪنهن سفر ۾ آهي، يا شايد سُتو پيو آهي، ۽ اُنهيءَ کي جاڳائڻ گهرجي.


تون ڪنهن بڇڙي ماڻهوءَ کي انهي جي مٿان مقرر ڪر: ۽ ڀلي تہ ڪو دشمن سندس ساڄي هٿ بيٺو رهي.


ڇالاءِ جو هنن جا پير برائيءَ ڏانهن ٿا ڊوڙن، ۽ هو رت هارڻ لاءِ تڪڙ ٿا ڪن.


سڀني ۾ اها خرابي آهي جا سج هيٺان آهي، تہ سڀني سان هڪڙي حالت لاڳو آهي: هائو، هيءَ بہ تہ انسان جي دل بديءَ سان ڀريل آهي، ۽ جيستائين هو جيئي ٿو تيستائين چريائي سندس دل ۾ آهي، ۽ تنهن کان پوءِ هو مئلن ۾ داخل ٿئي ٿو.


۽ بادشاهہ جي پهري وارن جي سردار اريوڪ کي چيائين، تہ اهڙو ضروري تڪڙو حڪم بادشاهہ وٽان ڪهڙي سبب نڪتو آهي؟ تڏهن اريوڪ سڄي حقيقت داني ايل کي ٻڌائي.


تڏهن هو وڃي پاڻ کان بڇڙا ست ٻيا ڀوت پاڻ سان وٺي ٿو اچي، ۽ اُهي اندر گهڙي اتي وڃي رهن ٿا؛ ۽ انهي ماڻهو جي پوئين حالت پهرينءَ کان بہ خراب ٿي ٿئي. هن بڇڙي زماني وارن سان بہ ساڳيو اهڙو ئي حال ٿيندو.


تڏهن يسوع چيس، تہ اي شيطان، هتان ٽري وڃ، ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”تون خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر، ۽ رڳو انهي جي ئي عبادت ڪر.“


سو يڪدم هوءَ تڪڙي تڪڙي اندر بادشاهہ وٽ آئي، ۽ عرض ڪري چيائينس تہ منهنجي مرضي آهي، تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي سسي هڪڙيءَ ٿالهيءَ ۾ وجهي هينئر جو هينئر مون کي ڏين.


۽ يهوداهہ جنهن کي اسڪريوتي ڪري سڏيندا هئا، ۽ جو ٻارهن مان هڪڙو هو، تنهن ۾ شيطان اچي گهڙيو.


۽ شيطان اڳيئي شمعون جي پٽ يهوداهہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ وڌو هو تہ هن کي وڃي جهلائي.


هاڻي جن ويٺي کاڌو، تن مان ڪنهن کي بہ سماءُ ڪونہ پيو تہ ڪهڙي مطلب سان هن کي ائين چيائين،


يسوع کين جواب ڏنو، تہ مون اوهان ٻارهن ئي کي ڪين چونڊيو آهي، ۽ اوهان مان هڪڙو شيطان آهي؟


پر پطرس چيو تہ اي حننياہ، شيطان ڇو تنهنجي دل ۾ اهڙو خيال ڀريو آهي، جو تو پاڪ روح سان ڪوڙ ڳالهايو، ۽ زمين جي قيمت مان ڪجهہ رکي ڇڏيئي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ