Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 13:14 - Sindhi Bible

14 هاڻي آئون جو خداوند ۽ اُستاد آهيان، تنهن جيڪڏهن اوهان جا پير ڌوتا آهن، تہ اوهان کي بہ هڪ ٻئي جا پير ڌوئڻ کپن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 هاڻي جڏهن مون گرو ۽ پرڀو هوندي بہ اوهان جا پير ڌوتا آهن، تڏهن اوهان کي بہ گھرجي تہ هڪٻئي جا پير ڌوئيندا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 هاڻي جڏهن مون استاد ۽ خداوند هوندي بہ اوهان جا پير ڌوتا آهن، تڏهن اوهان کي بہ گھرجي تہ هڪٻئي جا پير ڌوئيندا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 ھاڻي مون استاد ۽ خداوند ھوندي بہ اوھان جا پير ڌوتا آھن، سو اوھان کي بہ ھڪٻئي جا پير ڌوئڻ گھرجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 13:14
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مريم اُها هئي، جنهن خداوند کي عطر مکي سندس پير پنهنجي وارن سان اُگهيا هئا، تنهن جو ڀاءُ لعزر بيمار پيو هو.


سڀني ڳالهين بابت مون اوهان کي نمونو ڏيئي ڏيکاريو تہ ڪهڙيءَ طرح محنت ڪري، جيڪي ضعيف آهن تن جي مدد ڪرڻ گهُرجي ۽ خداوند يسوع جو ڪلام ياد رکڻ گهُرجي، جنهن پاڻ چيو، تہ ”وٺڻ کان ڏيڻ مبارڪ آهي.“


برادراني محبت سان هڪ ٻئي کي گهڻو پيار ڪريو؛ هڪ ٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڏيو؛


پاڻ ۾ يڪدل ٿي رهو. وڏن وڏن خيالن تي پنهنجي دل نہ ڄمايو، پر جيڪي نماڻا آهن تن سان سنگت رکو. پاڻ کي عقل وارا نہ سمجهو.


تنهنڪري آئون اوهان کي چتايان ٿو تہ جيڪو خدا جي روح جي هدايت سان ٿو ڳالهائي، سو ائين نٿو چوي تہ يسوع لعنتي آهي، نہ وري ڪو ماڻهو پاڪ روح کان سواءِ چئي سگهي ٿو تہ يسوع خداوند آهي.


تنهنڪري جي کاڌو منهنجي ڀاءُ کي گمراهہ ٿو ڪري تہ آئون ڪڏهن بہ گوشت نہ کائيندس، تہ متان آئون پنهنجي ڀاءُ کي گمراهہ ڪريان.


هاڻي آئون پولس، جو اوهان جي روبرو اوهان سڀني ۾ نوڙت وارو آهيان، پر اوهان جي پرپٺ اوهان ڏانهن چڱي همت وارو آهيان، سو مسيح جي حليميءَ ۽ نرميءَ جو واسطو وجهي پاڻ اوهان کي عرض ٿو ڪريان:


ڇالاءِ جو اوهان کي اسان جي خداوند يسوع مسيح جي فضل جي خبر آهي، تہ جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تہ بہ اوهان جي خاطر غريب ٿي ويو، انهي لاءِ تہ اوهين سندس غريبيءَ جي ڪري دولتمند ٿي وڃو.


ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، اوهين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا هئا، پر ائين نہ ٿئي جو آزاديءَ کي جسماني ڳالهين جي لاءِ ڪم ۾ آڻيو؛ پر محبت جي رستي هڪ ٻئي جي خدمت ڪريو.


۽ سڀڪا زبان قبول ڪري تہ يسوع مسيح خداوند آهي، جنهنڪري خدا پيءُ جو جلال ظاهر ٿئي.


جا چڱن ڪمن جي ڪري مشهور هجي؛ ٻارن کي پاليو هجيس، مسافرن جي مهمان نوازي ڪئي هجيس، پاڪ ٿيلن جا پير ڌوتا هجنس، ڏکويلن جي مدد ڪئي هجيس، سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ سعيي سان لڳي هجي.


۽ يسوع، جو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي، تنهن ڏانهن نهاريندا رهون، جنهن انهيءَ خوشيءَ جي واسطي جا سندس لاءِ مقرر هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جو ڏک سَٺو، ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو آهي.


تنهنڪري جڏهن مسيح جسم ۾ ڏک سَٺا، تڏهن اوهين بہ ساڳي طبيعت اختيار ڪريو، ڇالاءِ تہ جنهن جسم ۾ ڏک سَٺا، سو گناهن کان ڇُٽي پيو؛


ساڳيءَ طرح، اي جوانو، اوهين وڏن جا تابعدار ٿيو. هائو، اوهين سڀ هڪٻئي جي خدمت ڪرڻ لاءِ نماڻائيءَ سان پنهنجي ڪمر ٻَڌو؛ ڇالاءِ جو ”خدا مغرورن جو مقابلو ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ