Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:6 - Sindhi Bible

6 هاڻي ائين جو چيائين سو انهي ڪري نہ، جو غريبن جو ڪو فڪر هوس؛ پر ڇالاءِ جو هو چور هو، ۽ ڳوٿري وٽس رهندي هئي، تنهنڪري جيڪي منجهس پوندو هو، سو پاڻ کڻندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 هن اها ڳالهہ غريبن جي همدرديءَ لاءِ نہ چئي، پر هو پاڻ بي‌ايمان هو ۽ انهيءَ لاءِ چيائين تہ هو انهن پئسن مان بہ ڪجھہ چورائي ها، ڇاڪاڻ تہ پئسن جي ڳوٿري وٽس هوندي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 هن اها ڳالهہ غريبن جي همدرديءَ لاءِ نہ چئي، پر هو پاڻ بي‌ايمان هو ۽ انهيءَ لاءِ چيائين تہ هو انهن پئسن مان بہ ڪجھہ چورائي ها، ڇاڪاڻ تہ پئسن جي ڳوٿري وٽس هوندي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 ھن اھي لفظ غريبن جي ھمدرديءَ لاءِ نہ چيا، پر ھو پاڻ چور ھو ۽ انھيءَ لاءِ چيائين تہ ھو انھن پئسن مان ڪجھہ چورائي، ڇالاءِ⁠جو پئسن جي ڳوٿري وٽس رھندي ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:6
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

احمق پنهنجي دل ۾ چيو آهي تہ خدا آهي ئي ڪونہ. اهي خراب ٿيا آهن، انهن ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن؛ نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي.


سچو ماڻهو غريبن جي معاملي جي پوري خبر لهي ٿو، شرير ماڻهوءَ کي انهي جي خبر لهڻ جي سمجهہ ڪانهي.


هو تو وٽ ائين اچن ٿا جيئن اُمت جا ماڻهو ايندا آهن، ۽ منهنجي قوم وانگر تنهنجي اڳيان ويهن ٿا ۽ تنهنجون ڳالهيون ٻُڌن ٿا، پر انهن تي عمل نٿا ڪن: ڇالاءِ جو هو پنهنجي وات سان محبت ڏيکارين ٿا، پر سندن دل سندن نفعي جي پٺيان ٿي وڃي.


۽ انهن کي چيائين تہ لکيل آهي تہ ”منهنجو گهر دعا جو گهر سڏبو:“ پر اوهان انهي کي ڌاڙيلن جي پاٿاري بنائي آهي.


۽ هيروديس جي ديوان، خوزيءَ جي زال يونانہ، ۽ سوسنا، ۽ ٻيون بہ ڪيتريون هيون، جن پنهنجي مال سان سندس خدمت پئي ڪئي.


هو ڀڄي ٿو وڃي، ڇالاءِ تہ هو مزور آهي، ۽ رڍن جو ڪو فڪر ڪونهيس.


تہ هيءُ عطر ٽن سون دينارن تي وڪڻي غريبن کي ڇو نہ ڏنو ويو؟


ڇالاءِ جو ڪن ڀانئيو ٿي تہ يهوداهہ وٽ ڳوٿري رهندي آهي، تنهنڪري يسوع چويس ٿو تہ عيد لاءِ جيڪي شيون اسان کي کپن سي ڳنهہ؛ يا تہ ڪجهہ غريبن کي ڏي.


نڪي چور، نڪي لالچي، نڪي شرابي، نڪي گارگند ڏيندڙ، نڪي ظالم خدا جي بادشاهت جا وارث ٿيندا.


رڳو هنن اها خواهش ڏيکاري تہ اسان کي غريبن جي يادگيري رکڻ گهرجي. پر انهي ساڳئي ڪم ڪرڻ ۾ آئون اڳيئي سرگرم هوس.


هر طرح جي بديءَ کان پاسو ڪريو.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو سوني مُنڊي پائي ۽ عمدي پوشاڪ ڍڪي اوهان جي جماعت ۾ اچي، ۽ ٻيو هڪڙو غريب ماڻهو ميرن ڪپڙن وارو بہ اچي؛


پر اوهان انهي غريب ماڻهوءَ کي بي آبرو ڪيو آهي. دولتمند اوهان تي ظلم نٿا ڪن ڇا، ۽ اهي اوهان کي گهلي ڪچهريءَ ۾ نٿا وٺي وڃن ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ