Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:47 - Sindhi Bible

47 جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجون ڳالهيون ٻُڌي ٿو ۽ اُنهن تي نٿو هلي، تنهن جي عدالت آئون نٿو ڪريان، ڇالاءِ جو آئون انهيءَ لاءِ ڪونہ آيو آهيان تہ دنيا جي عدالت ڪريان: پر انهيءَ لاءِ تہ دنيا کي بچايان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

47 جيڪو منهنجيون ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل نہ ٿو ڪري، تنهن کي آءٌ پاپي قرار نہ ٿو ڏيان. آءٌ سنسار کي پاپي قرار ڏيڻ لاءِ نہ، بلڪ انهيءَ کي بچائڻ لاءِ آيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

47 جيڪو منهنجيون ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل نہ ٿو ڪري، تنهن کي آءٌ گنهگار قرار نہ ٿو ڏيان. آءٌ دنيا کي گنهگار قرار ڏيڻ لاءِ نہ، بلڪ انهيءَ کي بچائڻ لاءِ آيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

47 جيڪو منھنجون ڳالھيون ٻڌي انھن تي عمل نہ ٿو ڪري، تنھن جو آءٌ فيصلو نہ ڪندس. آءٌ دنيا ۾ فيصلو ڪرڻ لاءِ نہ آيو آھيان پر دنيا کي بچائڻ لاءِ آيو آھيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:47
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏسو متان هن ننڍڙن مان ڪنهن کي حقير ڪري ڄاڻو.


(ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ منهنجو پيءُ جو آسمان ۾ آهي، تنهن جو منهن هنن جا ملائڪ آسمان ۾ هميشہ پيا ڏسن).


جهڙيءَ طرح ڪ ابن آدم انهي لاءِ ڪونہ آيو تہ سندس خدمت ٿئي، پر انهي لاءِ تہ پاڻ خدمت ڪري، ۽ گهڻن جي بدران پنهنجي جان قربان ڪري.


ڇالاءِ جو ابن آدم جيڪي گمراهہ ٿي ويا آهن تن کي ڳولڻ ۽ بچائڻ آيو آهي.


ڇالاءِ جو ابن آدم ماڻهن جي جان برباد ڪرڻ لاءِ نہ، پر بچائڻ لاءِ آيو آهي.) پوءِ اُهي ٻئي ڳوٺ ڏانهن هليا ويا.


جيڪو مون کي نٿو مڃي، ۽ منهنجون ڳالهيون قبول نٿو ڪري، تنهن جي عدالت ڪرڻ وارو هڪڙو آهي: ڪلام جو مون ڪيو آهي، سو ئي پوئين ڏينهن سندس عدالت ڪندو.


ڇالاءِ تہ خدا فرزند کي جهان ۾ انهي لاءِ ڪين موڪليو تہ جهان جي عدالت ڪري؛ پر انهي لاءِ تہ ان جي وسيلي نجات ملي.


اوهين ائين نہ سمجهو تہ ڪو آئون پيءُ وٽ اوهان تي دانهن ڏيندس: اوهان تي دانهن ڏيڻ وارو تہ آهي، يعني موسيٰ، جنهن تي اوهين ڀاڙي ويٺا آهيو.


مون کي اوهان جي بابت گهڻو ڪي چوڻو آهي، ۽ فيصلو ڪرڻو آهي: پر جنهن مون کي موڪليو آهي سو سچو آهي، ۽ جيڪي کانئس ٻُڌو اٿم، سو ئي جهان کي ٻُڌايان ٿو.


۽ اسان جي خداوند جي گهڻي تحمل کي نجات سمجهو؛ جهڙيءَ طرح ڪ اسان جي پياري ڀاءُ پولس اوهان ڏانهن انهيءَ دانائيءَ موجب لکيو آهي جا کيس عطا ٿيل آهي؛


۽ اسان ڏٺو آهي ۽ شاهدي ٿا ڀريون، تہ پيءُ پٽ کي موڪليو آهي تہ جهان جو نجات ڏيندڙ ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ