Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:46 - Sindhi Bible

46 آئون نُور ٿي جهان ۾ آيو آهيان، تہ جيڪو مون تي ايمان آڻي، سو اونداهيءَ ۾ نہ رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

46 آءٌ روشني آهيان ۽ هن سنسار ۾ انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ جيڪو بہ مون تي وشواس آڻي سو اونداهيءَ ۾ نہ رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

46 آءٌ روشني آهيان ۽ هن دنيا ۾ انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي سو اونداهيءَ ۾ نہ رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

46 آءٌ روشني آھيان ۽ ھن دنيا ۾ انھيءَ لاءِ آيو آھيان تہ جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي سو اونداھيءَ ۾ نہ رھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:46
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇو جو تو وٽ زندگيءَ جو چشمو آهي: ۽ اسين تنهنجي سوجهري ۾ سوجهرو ڏسنداسين.


اوهان جو خداوند فرمائي ٿو تہ تسلي ڏيو، منهنجي اُمت کي تسلي ڏيو.


آءٌ جبلن ۽ ٽڪرين کي ويران ڪندس، ۽ انهن جو سڀ گاهہ ٻوٽو سڪائي ڇڏيندس؛ آءٌ ندين کي ٻيٽ ڪندس، ۽ ڍنڍن کي سڪائي ڇڏيندس.


تہ تون انڌن جون اکيون کولين، قيدين کي قيد مان ڪڍين، ۽ جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺا آهن، تن کي قيد خاني مان ڪڍين.


پر اوهين جي منهنجي نالي جي تعظيم ٿا ڪريو، تن جي لاءِ صداقت جو آفتاب اُڀرندو، ۽ انهيءَ جي ڪرڻن ۾ شفا هوندي، ۽ اوهين وٿاڻ جي گابن وانگي ايندا ۽ نچندا ٽپندا.


تنهن جا ماڻهو جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺل هئا، تن هڪڙي وڏي روشني ڏٺي، ۽ جيڪي موت جي ملڪ ۽ پاڇي ۾ ويٺا هئا، تن تي روشني اچي چمڪي.“


تہ هو غير قومن کي روشني ڏيڻ لاءِ نور، ۽ تنهنجي اُمت اسرائيل جي وڏائي ٿئي.“


سچو نُور جو هرهڪ انسان کي روشن ٿو ڪري، سو جهان ۾ اچڻو هو.


۽ عدالت جو سبب هيءُ آهي، جو نُور جهان ۾ آيو، ۽ ماڻهن اوندهہ کي نُور کان وڌيڪ پسند ڪيو، جو سندن ڪم بڇڙا هئا.


وري يسوع کين چيو تہ جهان جو سوجهرو آئون آهيان، جيڪو منهنجي پيروي ٿو ڪري، سو اونداهيءَ ۾ ڪين هلندو، بلڪ زندگيءَ جو سوجهرو ملندس.


يسوع چيو تہ آئون هن جهان ۾ عدالت جي لاءِ آيو آهيان، تہ جيڪي نٿا ڏسن سي ڏسي سگهن؛ ۽ جيڪي ڏسن وائسن ٿا سي انڌا ٿين.


جيسين آئون جهان ۾ آهيان، تيسين آئون جهان جو سوجهرو آهيان.


تہ تون سندن اکيون کولين، تہ هو اونداهيءَ کان سوجهري ڏانهن، ۽ شيطان جي اختياريءَ کان خدا ڏانهن ڦرن؛ ۽ انهيءَ لاءِ تہ مون تي ايمان آڻڻ ڪري گناهن جي معافي ملين، ۽ جيڪي پاڪ ٿيا آهن، تن سان گڏ ورثو ملين.


تنهنڪري هو چوي ٿو تہ، ”تون جو سُتو پيو آهين، سو جاڳ ۽ مُئلن منجهان جي اُٿ، تہ مسيح تو تي نور چمڪائي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ