Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:37 - Sindhi Bible

37 پر جيتوڻيڪ سندن اڳيان هيترا معجزا ڪيا هئائين، تہ بہ اُنهن مٿس ايمان نہ آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

37 جيتوڻيڪ يسوع ماڻهن جي اڳيان هيترا چمتڪار ڪيا هئا تہ بہ گھڻن ئي مٿس وشواس نہ آندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

37 جيتوڻيڪ عيسيٰ ماڻهن جي اڳيان هيترا معجزا ڪيا هئا تہ بہ گھڻن ئي مٿس ايمان نہ آندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

37 جيتوڻيڪ عيسيٰ يھودين جي اڳيان ھيترا معجزا ڪيا ھئا تہ بہ انھن مٿس ايمان نہ آندو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:37
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کانپوءِ جن شهرن ۾ هن گهڻا معجزا ڪيا هئا، تن کي ڏوراپو ڏيڻ لڳو، ڇالاءِ جو هنن توبهہ نہ ڪئي هئي.


هن چيس، تہ جيڪڏهن هو موسيٰ ۽ نبين جي نٿا ٻُڌن، تہ جي ڪو مئلن منجهان جي اُٿندو، تہ اُنهي جي بہ ڪين مڃيندا.


هو پنهنجن وٽ آيو، ۽ پنهنجن کيس قبول نہ ڪيو.


۽ مون کي خبر هئي تہ تون هميشہ منهنجي ٻُڌندو آهين، پر خلق جا چوڌاري بيٺي آهي، تنهن جي سبب ائين چيم تہ هنن کي ايمان اچي تہ تو مون کي موڪليو آهي.


جيسين نُور اوهان وٽ آهي، تيسين نُور تي ايمان آڻيو، تہ اوهين نُور جا ٻار ٿيو. جڏهن اهي ڳالهيون چئي چڪو، تنهن کانپوءِ يسوع اُتان روانو ٿيو، ۽ پوءِ انهن وٽ پاڻ کي پڌرو نہ ڪيائين.


انهي لاءِ تہ يسعياہ نبيءَ جيڪو ڪلام ڪيو هو، سو پورو ٿئي تہ ”اي خداوند، اهو ڪير آهي جنهن اسان جي چوڻ تي اعتبار ڪيو آهي، ۽ اهو ڪير آهي جنهن تي خداوند جو هٿ ظاهر ٿيو آهي؟“


جيڪڏهن آئون منجهن اهڙا ڪم نہ ڪريان ها، جي ٻئي ڪنهن بہ نہ ڪيا آهن، تہ مٿن ڏوهہ ڪونہ هجي ها: پر هاڻي تہ مون کي ۽ منهنجي پيءُ کي ڏٺو بہ اٿن، ۽ اسان ٻنهي سان نفرت ڪئي اٿن.


هيءَ سندس معجزن جي شروعات هئي، جا يسوع گليل جي قانا شهر ۾ ڪري، پنهنجو جلال ظاهر ڪيو، ۽ هن جي شاگردن مٿس ايمان آندو.


۽ ماڻهن جو وڏو ميڙاڪو سندس پٺيان آيو، ڇاڪاڻ تہ بيمارن تي جي معجزا ٿي ڪيائين، سي هنن پئي ڏٺا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ