Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:28 - Sindhi Bible

28 اي بابا، پنهنجي نالي کي جلال ڏي. تنهن تي آسمان مان آواز آيو تہ مون جلال ڏنو اٿس، ۽ وري بہ ڏيندوسانس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

28 سو اي پتا! تون پنهنجي نالي جي مهانتا ظاهر ڪر.“ تنهن تي آڪاش مان آواز آيو تہ ”مون پنهنجي نالي جي مهانتا ظاهر ڪئي آهي ۽ وري بہ ڪندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 سو اي بابا! تون پنهنجي نالي جي عظمت ظاهر ڪر.“ تنهن تي آسمان مان آواز آيو تہ ”مون پنهنجي نالي جي عظمت ظاهر ڪئي آهي ۽ وري بہ ڪندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

28 اي بابا! تون پنھنجي نالي کي جلوو ڏي.“ تنھن تي آسمان مان آواز آيو تہ ”مون پنھنجي نالي کي جلوو ڏنو آھي ۽ وري بہ ڏيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:28
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهي مهل يسوع ورندي ڏيئي چوڻ لڳو، تہ اي بابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ، آئون تنهنجو شڪرگذار آهيان، جو تو هي ڳالهيون ڏاهن ۽ سمجهہ وارن کان ڳجهيون رکيون آهن، ۽ ٻارڙن کي ظاهر ڪري ڏنيون اٿيئي،


هائو، بابا، ڇالاءِ جو تنهنجي نظر ۾ ائين چڱو آيو.


هن اڃا ڳالهايو ئي پئي، تہ ڏسو، هڪڙي چمڪندڙ ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي: ۽ انهي ڪڪر مان آواز آيو، تہ هي منهنجو پيارو پٽ آهي، جنهن مان آئون گهڻو خوش آهيان، اوهين هن جي ٻڌو.


وري ٻيو ڀيرو هو هليو ويو، ۽ دعا گهري چوڻ لڳو، تہ اي منهنجا ابا، جي هي منهنجي پيئڻ ڌاران ٽري نٿو سگهي، تہ جيئن تنهنجي مرضي آهي تيئن ٿئي.


۽ ڏسو، آسمان مان هڪڙو آواز آيو تہ هيءُ منهنجو پيارو پٽ آهي، جنهن مان آئون ڏاڍو خوش آهيان.


۽ آسمان مان آواز آيو، تہ تون منهنجو پيارو فرزند آهين، ۽ آئون تو مان گهڻو خوش آهيان.


۽ چيائين، تہ اي ابا، اي پيءُ، تون سڀ ڪجهہ ڪري ٿو سگهين؛ هي پيالو مون تان ٽار، اِنهي هوندي بہ منهنجي مرضي نہ، پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.


۽ هڪڙي ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي: ۽ انهي ڪڪر مان آواز آيو، تہ هي منهنجو پيارو فرزند آهي، سندس ٻڌو.


۽ پاڪ روح ڪبوتر جي شڪل ۾ مٿس اچي لٿو، ۽ آسمان مان آواز آيو، تہ تون منهنجو پيارو فرزند آهين؛ تو مان آئون گهڻو خوش آهيان.


۽ ڪڪر مان آواز آيو، تہ هيءُ منهنجو فرزند آهي، منهنجو چونڊيل، اوهين سندس ٻُڌو.


پر يسوع ٻُڌي چيو تہ هيءَ بيماري موت جي نہ آهي، پر خدا جي جلال جي واسطي آهي، تہ انهي ڪري خدا جي فرزند جي وڏائي ٿئي.


تڏهن يسوع پطرس کي چيو، تہ ترار ورائي کپ ۾ وجهہ: پيالو جو پيءُ مون کي ڏنو آهي، سو آئون نہ پيان ڇا؟


يسوع جواب ڏنو، تہ نڪي هن گناهہ ڪيو آهي، نڪي هن جي ماءُ پيءُ: پر اهو انهي ڪري ٿيو آهي، تہ خدا جا ڪم هن ۾ پڌرا ٿين.


انهي لاءِ تہ پنهنجي انهيءَ مهربانيءَ جي وسيلي جا مسيح يسوع ۾ اسان تي آهي، ايندڙ زمانن ۾ پنهنجي فضل جي بي انداز دولت ظاهر ڪري:


انهي لاءِ تہ هاڻي ڪليسيا جي وسيلي خدا جي طرح طرح جي حڪمت، آسماني جاين ۾ حڪومت ۽ اختياريءَ وارن کي معلوم ٿي وڃي،


تنهن جو جلال ڪليسيا ۾ ۽ مسيح يسوع ۾، پشت بپشت ۽ هميشہ تائين رهي. آمين.


ڇالاءِ جو هن کي خدا پيءُ کان عزت ۽ جلال مليو، جنهن وقت نهايت اعليٰ جلال مان کيس هي آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي، جنهن سان آئون گهڻو خوش آهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ