Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:27 - Sindhi Bible

27 هاڻي منهنجي جان پريشان ٿي ٿئي، ۽ آئون ڇا چوان؟ اي بابا، هن گهڙيءَ کان مون کي بچاءِ. پر انهيءَ سبب تہ آئون هن گهڙيءَ کي رسيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 پوءِ يسوع چوڻ لڳو تہ ”منهنجي دل ڏکويل آهي، هاڻي آءٌ ڇا چوان؟ ڇا آءٌ ائين چوان تہ ’اي پتا! مون کي هن گھڙيءَ کان بچاءِ‘؟ پر هن گھڙيءَ لاءِ ئي تہ آءٌ آيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 پوءِ عيسيٰ چوڻ لڳو تہ ”منهنجي دل ڏکويل آهي، هاڻي آءٌ ڇا چوان؟ ڇا آءٌ ائين چوان تہ ’اي بابا! مون کي هن گھڙيءَ کان بچاءِ‘؟ پر هن گھڙيءَ لاءِ ئي تہ آءٌ آيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 ”منھنجي دل ڏکويل آھي، ھاڻي آءٌ ڇا چوان؟ ڇا آءٌ ائين چوان تہ ’اي بابا! مون کي ھن گھڙيءَ کان بچاءِ‘؟ پر ھن گھڙيءَ لاءِ ئي تہ آءٌ آيو آھيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:27
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجو روح بہ گهڻو بيچين آهي؛ پر تون اي خداوند، ڪيستائين؟


ڇالاءِ جو منهنجي جان ڏکن سان ڀرجي ويئي آهي، ۽ منهنجي ڄمار قبر کي ويجهي پوندي وڃي.


آءٌ ڇا چوان؟ هن مون سان ڳالهايو بہ آهي ۽ پاڻ ائين بہ ڪيو اٿس: آءٌ پنهنجي روح جي ڪَڙائيءَ جي ڪري، پنهنجيءَ عمر جا باقي ورهيہ خبرداريءَ سان گذاريندس.


هو ماڻهن ۾ حقير، ۽ رد ٿيل هو؛ هو ڏکن ڀريو ماڻهو، ۽ غم جو واقف، اهڙو ڌڪاريل ماڻهو هو جنهن کان هو پنهنجو منهن ڦيرائين، اسان هن جو قدر نہ ڪيو.


انهي مهل يسوع ورندي ڏيئي چوڻ لڳو، تہ اي بابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ، آئون تنهنجو شڪرگذار آهيان، جو تو هي ڳالهيون ڏاهن ۽ سمجهہ وارن کان ڳجهيون رکيون آهن، ۽ ٻارڙن کي ظاهر ڪري ڏنيون اٿيئي،


هائو، بابا، ڇالاءِ جو تنهنجي نظر ۾ ائين چڱو آيو.


وري ٻيو ڀيرو هو هليو ويو، ۽ دعا گهري چوڻ لڳو، تہ اي منهنجا ابا، جي هي منهنجي پيئڻ ڌاران ٽري نٿو سگهي، تہ جيئن تنهنجي مرضي آهي تيئن ٿئي.


تنهن کانپوءِ هو شاگردن وٽ آيو ۽ چيائين، تہ هاڻي ڀلي سمهي ننڊون ڪريو ۽ آرام وٺو: ڏسو اُها گهڙي ويجهي آهي جو ابن آدم کي جهلي گنهگارن جي حوالي ڪندا.


۽ هو ڏاڍي تڪليف ۾ هئڻ سبب زيادہ گرميءَ سان دعا گهُرڻ لڳو، ۽ سندس پگهر رت جي وڏن ڦڙن وانگر ٿي زمين تي ٽمڻ لڳو.


جڏهن آئون هر روز اوهان سان هيڪل ۾ هوندو هوس، تڏهن اوهان مون کي هٿ ئي ڪونہ لاتو، پر هينئر اوهان جي گهڙي آهي، ۽ اونداهيءَ جو زور آهي.


تڏهن هنن پهڻ هٽايو، ۽ يسوع اکيون مٿي کڻي چيو تہ اي بابا، آئون تنهنجا شڪرانا ٿو ڪريان جو تو منهنجي ٻُڌي آهي.


۽ يسوع جواب ڏيئي چيو، تہ اُها گهڙي آئي آهي جنهن ۾ ابن آدم جو جلال ظاهر ٿيندو.


پوءِ جڏهن يسوع ائين چئي چڪو، تڏهن اندر ۾ پريشان ٿيڻ لڳو، ۽ شاهدي ڀري چيائين تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ اوهان مان هڪڙو مون کي جهلائيندو.


تنهن تي پلاطس چيس، تہ تڏهن تون بادشاهہ آهين ڇا؟ يسوع جواب ڏنو، تہ تون خود ٿو چئين تہ آئون بادشاهہ آهيان. انهي لاءِ ئي آئون ڄائو آهيان، ۽ انهي لاءِ دنيا ۾ آيو آهيان، تہ سچ جي شاهدي ڀريان. جيڪو سچ جي پاسي آهي، سو منهنجو آواز ٻُڌي ٿو.


اها ڳالهہ سچي ۽ هر طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي تہ مسيح يسوع گنهگارن کي نجات ڏيڻ لاءِ دنيا ۾ آيو؛ جن مان آئون سڀني کان وڏو آهيان.


تنهنڪري جڏهن ٻار گوشت ۽ رت ۾ شريڪ آهن، تڏهن هو پاڻ بہ ساڳيءَ طرح انهي ۾ ڀائيوار آهي، تہ جنهن کي موت تي اختيار هو تنهن کي، يعني شيطان کي، موت جي وسيلي نيست ڪري؛


پنهنجي جسماني زندگيءَ ۾ يسوع زار زار روئي دانهون ڪري انهي کان دعائون گهُريون، جو کيس موت کان بچائي ٿي سگهيو، ۽ سندس خدا ترسيءَ جي ڪري اهي دعائون قبول پيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ