Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:26 - Sindhi Bible

26 جيڪڏهن ڪو منهنجي خدمت ڪري، تہ منهنجي پٺيان اچي؛ ۽ جتي آئون آهيان، اتي منهنجو خدمتگار بہ هوندو: جيڪڏهن ڪو منهنجي خدمت ڪري تہ اُنهي کي پيءُ عزت ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 جيڪو منهنجي سيوا ڪرڻ چاهي سو منهنجي پيروي ڪري، تہ جيئن جتي آءٌ آهيان اتي منهنجو سيواداري بہ هجي. منهنجو پتا انهيءَ کي مان ڏيندو جيڪو منهنجي سيوا ڪندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 جيڪو منهنجي خدمت ڪرڻ چاهي سو منهنجي پيروي ڪري، تہ جيئن جتي آءٌ آهيان اتي منهنجو خدمتگار بہ هجي. منهنجو پيءُ انهيءَ کي عزت بخشيندو جيڪو منهنجي خدمت ڪندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 جيڪو منھنجي خدمت ڪرڻ چاھي سو منھنجي پٺيان اچي، تہ جيئن جتي آءٌ آھيان اتي منھنجو خدمتگار بہ ھجي. منھنجو پيءُ انھيءَ جي عزت ڪندو جيڪو منھنجي خدمت ڪندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:26
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

باقي آءٌ، سو سچائيءَ سان تنهنجو منهن ڏسندس: جڏهن آءٌ جاڳندس تڏهن تنهنجي صورت ڏسي ڍءُ ڪندس.


هو مون کي پڪاريندو ۽ آءٌ کيس جواب ڏيندس؛ مصيبت جي وقت آءٌ سندس ساڻي ٿيندس: آءٌ کيس ڇڏائيندس، ۽ کيس عزت ڏيندس.


جيڪو انجير جو وڻ ٿو سنڀالي سو انهي جو ميوو کائيندو، ۽ جيڪو پنهنجي ڌڻيءَ جي خدمت لاءِ تيار رهي ٿو سو مان پائيندو.


پر منهنجو ٻانهو ڪالب جنهن جي طبيعت ٻئي قسم جي آهي، ۽ جنهن پوريءَ طرح منهنجي پيروي ڪئي آهي، تنهن کي آءٌ انهي ملڪ ۾ وٺي ويندس، جنهن ۾ هو ويو هو، ۽ اهو ملڪ انهي جي اولاد جي قبضي ۾ ايندو.


جيڪي ماڻهو مصر مان نڪري آيا آهن، تن مان ڪوبہ، جنهن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هوندي، اهو ملڪ ڪين ڏسندو، جنهن بابت مون ابرهام سان، ۽ اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو؛ ڇالاءِ جو انهن منهنجي پوري تابعداري نہ ڪئي آهي:


تڏهن يسوع پنهنجن شاگردن کي چيو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجي پٺيان اچڻ گهري، تہ پنهنجي خوديءَ کي ماري، ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان اچي.


سندس ڌڻيءَ کيس چيو تہ شاباس اٿيئي اي نيڪ ۽ ايماندار نوڪر: تون ٿوري ۾ ايماندار رهيو آهين، سو آئون توکي گهڻي جو مختيار ڪندس: تون پنهنجي ڌڻيءَ جي خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيءُ.


۽ هو خلق کي پنهنجن شاگردن سوڌو پاڻ وٽ سڏي چوڻ لڳو، تہ جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو منهنجي پٺيان اچڻ گهري تہ پنهنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان اچي.


مبارڪ آهن اُهي نوڪر، جن کي سندن مالڪ اچڻ سان سجاڳ ٿو ڏسي: آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هو ڪمر ٻڌي کين کارائڻ لاءِ ويهاريندو، ۽ پاڻ اچي سندن خدمت ڪندو.


اوهين مون کي خداوند، خداوند، ڇو ٿا چئو، ۽ جيڪي ڳالهيون اوهان کي چوان ٿو سي نٿا ڪريو؟


۽ سڀني کي چيائين، تہ جيڪو منهنجي پٺيان اچڻ گهُري، سو پنهنجي خوديءَ کي ماري، ۽ ڏهاڙي پنهنجو صليب کڻي، ۽ منهنجي پٺيان اچي.


منهنجيون رڍون منهنجو آواز ٻُڌن ٿيون، ۽ آئون اُنهن کي سڃاڻان ٿو، ۽ اُهي منهنجي پٺيان ٿيون اچن.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ نوڪر پنهنجي ڌڻيءَ کان وڏو نہ آهي؛ نڪي وري موڪليل پنهنجي موڪلڻ واري کان.


جي اوهين مون کي پيار ٿا ڪريو، تہ منهنجن حڪمن تي هلو.


۽ جي آئون وڃي اوهان لاءِ جاءِ تيار ڪندس، تہ وري ايندس ۽ اوهان کي پاڻ سان وٺي ويندس، تہ جتي آئون آهيان، اُتي اوهين بہ هجو.


اها ڳالهہ جا مون اوهان کي ٻُڌائي آهي، تہ نوڪر پنهنجي ڌڻيءَ کان مٿي نہ آهي، سا ياد رکجو. جيڪڏهن اُنهن مون کي ستايو آهي، تہ اوهان کي بہ ستائيندا، جيڪڏهن منهنجين ڳالهين تي هليا آهن، تہ اوهان جي ڳالهين تي بہ هلندا.


اي بابا، منهنجي مرضي آهي تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن، سي پڻ جتي آئون آهيان، اُتي مون سان هجن؛ انهي لاءِ تہ جو جلال تو مون کي پنهنجي پيار سان دنيا جي شروع کان اڳي ڏنو آهي سو هو ڏسن.


يسوع چيس، تہ جيڪڏهن منهنجي مرضي هجي تہ جيستائين آئون اچان تيستائين هو رهي، تہ اُنهيءَ ۾ تنهنجو ڇا؟ تون منهنجي پٺيان اچ.


پولس، جو يسوع مسيح جو غلام آهي، ۽ رسول ٿيڻ جي لاءِ سڏيو ويو آهي، ۽ خدا جي انهيءَ خوشخبريءَ جي ڏيڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي،


۽ جيڪو انهيءَ طرح مسيح جي خدمت ٿو ڪري سو خدا کي پسند آهي، ۽ ماڻهن وٽ قبول پيل آهي.


ڇالاءِ جو اسين پنهنجي منادي نٿا ڪريون، پر مسيح يسوع جي منادي ٿا ڪريون تہ هو خداوند آهي، ۽ پنهنجي لاءِ هيئن ٿا چئون تہ يسوع جي خاطر اوهان جا خادم آهيون.


مطلب تہ اسان کي پوري همت آهي ۽ اسين بدن مان ڇُٽي خداوند وٽ رهڻ زيادہ پسند ٿا ڪريون.


ڇا آئون ماڻهن جي مهرباني ٿو چاهيان يا خدا جي؟ يا آئون ماڻهن کي خوش ڪرڻ ٿو گهُران ڇا؟ جيڪڏهن اڃا بہ ماڻهن کي خوش ڪندو رهان ها تہ مسيح جو خادم يا غلام نہ هجان ها.


پر آئون ٻنهي جي وچ ۾ ڦاٿل آهيان، جو منهنجي خواهش آهي تہ هتان رحلت ڪري وڃان ۽ وڃي مسيح سان گڏجان؛ ڇالاءِ جو اهو سڀ کان بهتر آهي:


ائين سمجهو تہ خداوند کان انهي جي عيوض ۾ اوهان کي ورثو ملندو: اوهين خداوند مسيح جي ٿا خدمت ڪريو.


اپفراس، جو اوهان مان هڪڙو آهي، ۽ مسيح يسوع جو غلام آهي، سو اوهان کي سلام ٿو چوي ۽ هميشہ اوهان جي لاءِ جانفشانيءَ سان دعا ٿو گهُري، انهي لاءِ تہ اوهين ڪامل ٿي پوري يقين سان خدا جي ساريءَ مرضيءَ تي قائم رهو.


يسوع مسيح جي بندي ۽ رسول شمعون پطرس جي طرفان انهن ڏانهن، جن اسان جي خدا ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي راستبازيءَ ڪري اسان جهڙو قيمتي ايمان حاصل ڪيو آهي:


ڇالاءِ جو خدا جو پيار اهو ئي آهي، تہ اسين سندس حڪمن جي تعميل ڪريون؛ ۽ هن جا حڪم سخت نہ آهن.


يهوداهہ، جو يسوع مسيح جو غلام ۽ يعقوب جو ڀاءُ آهي، تنهن جي طرفان انهن ڏانهن جيڪي سڏيل، ۽ خدا پيءُ جا پيارا، ۽ يسوع مسيح لاءِ حفاظت ۾ رکيل آهن،


هي اُهي ماڻهو هئا، جي زالن سان ناپاڪ نہ ٿيا؛ ڇالاءِ جو اُهي ڪنوارا هئا ۽ گهيٽي جي پٺيان جيڏانهن هو وڃي ٿو اوڏانهن ٿا وڃن. اُهي مخلوقات مان خريد ڪيا ويا هئا، تہ خدا لاءِ ۽ گهيٽي لاءِ پهريون ڦل ٿين.


تنهنڪري خداوند، اسرائيل جو خدا، فرمائي ٿو تہ مون برابر ائين چيو هو تہ تنهنجو گهراڻو، ۽ تنهنجي پيءُ جو گهراڻو هميشہ منهنجي اڳيان هلي: پر هاڻي خداوند فرمائي ٿو تہ مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو؛ ڇالاءِ جو جيڪي مون کي عزت ڏين ٿا، تن کي آءٌ عزت ڏيندس، ۽ جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا، سي بي آبرو ڪيا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ