Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:23 - Sindhi Bible

23 ۽ يسوع جواب ڏيئي چيو، تہ اُها گهڙي آئي آهي جنهن ۾ ابن آدم جو جلال ظاهر ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 تنهن تي يسوع چيو تہ ”اها گھڙي اچي پهتي آهي، جڏهن منش‌پتر جي جوت ظاهر ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 تنهن تي عيسيٰ چيو تہ ”اها گھڙي اچي پهتي آهي، جڏهن ابنِ آدم جو جلوو ظاهر ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 عيسيٰ کين چيو تہ ”اھا گھڙي اچي پھتي آھي، جڏھن ابن⁠آدم جو جلوو ظاھر ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:23
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏس، تون انهيءَ قوم کي سڏيندين جنهن کي تون نٿو سڃاڻين، ۽ اها قوم جا توکي نٿي سڃاڻي سا تو وٽ ڊوڙندي ايندي، اهو خداوند تنهنجي خدا، ۽ اسرائيل جي قدوس جي ڪري ٿيندو؛ ڇالاءِ جو انهي توکي جلال بخشيو آهي.


يقين آهي تہ ٻيٽ مون لاءِ منتظر ٿيندا، ۽ ترسيس جا جهاز پهرين تنهنجن پٽن کي سندس سون ۽ روپي سميت، خداوند تنهنجي خدا جي نالي لاءِ، ۽ اسرائيل جي قدوس لاءِ، پري کان آڻيندا، ڇالاءِ جو هن توکي جلال بخشيو آهي.


پر جڏهن ابن آدم پنهنجي جلال ۾ ايندو، ۽ سڀ ملائڪ بہ ساڻس هوندا، تڏهن هو پنهنجي جلال جي تخت تي اچي ويهندو.


تنهن کانپوءِ هو شاگردن وٽ آيو ۽ چيائين، تہ هاڻي ڀلي سمهي ننڊون ڪريو ۽ آرام وٺو: ڏسو اُها گهڙي ويجهي آهي جو ابن آدم کي جهلي گنهگارن جي حوالي ڪندا.


۽ هو ٿورو اڳڀرو هليو ۽ زمين تي ڪِري دعا گهرڻ لڳو، تہ جي ٿي سگهي تہ هيءَ گهڙي مون کان ٽري وڃي.


۽ هو ٽيون دفعو آيو، ۽ هنن کي چوڻ لڳو تہ هاڻي ڀلي سمهي ننڊون ڪريو، ۽ آرام وٺو: بس اُها گهڙي اچي پهتي آهي؛ اِجهو ابن آدم گنهگارن جي هٿن ۾ ڏنو ٿو وڃي.


سندس شاگردن کي پهريائين اهي ڳالهيون سمجهڻ ۾ ڪين ٿي آيون: پر جڏهن يسوع پنهنجي جلال کي رسيو، تڏهن اُنهن کي ياد آيو تہ اهي ڳالهيون هن بابت لکيل آهن، ۽ ائين ئي ماڻهن ساڻس ڪيو.


هاڻي منهنجي جان پريشان ٿي ٿئي، ۽ آئون ڇا چوان؟ اي بابا، هن گهڙيءَ کان مون کي بچاءِ. پر انهيءَ سبب تہ آئون هن گهڙيءَ کي رسيو آهيان.


هاڻي فسح جي عيد کان اڳي جڏهن يسوع ڏٺو تہ منهنجي اُها گهڙي آئي آهي تہ دنيا مان لڏي پيءُ وٽ وڃان، تڏهن دنيا ۾ جيڪي پنهنجا هئس، تن تي جهڙو پيار هوس، تهڙو ئي توڙ تائين رکندو آيو.


پر هن اها ڳالهہ روح بابت ڪئي، جو انهن کي جن مٿس ايمان آندو، ملڻو هو: ڇالاءِ جو روح اڃا نہ مليو هو، انهي ڪري جو يسوع اڃا پنهنجي جلال کي ڪين رسيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ