Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:20 - Sindhi Bible

20 هاڻي جيڪي عيد تي عبادت لاءِ ويا هئا، تن مان ڪي يوناني هئا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 جيڪي ماڻهو يروشلم ۾ تهوار تي ڀڳتي ڪرڻ لاءِ آيا هئا، تن ۾ ڪي يوناني بہ هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 جيڪي ماڻهو يروشلم ۾ عيد تي عبادت ڪرڻ لاءِ آيا هئا، تن ۾ ڪي يوناني بہ هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 جيڪي ماڻھو يروشلم ۾ عيد تي عبادت ڪرڻ لاءِ آيا ھئا، تن ۾ ڪي يوناني بہ ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:20
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ يسيءَ جي پاڙ، جا قومن ۾ نشان جي بجاءِ کڙي ٿيندي، تنهن کي قومون ڳولينديون؛ ۽ هن جي آرام جي جاءِ جلال واري ٿيندي.


۽ اُها زال يونانڻ هئي، ۽ سور فينيڪي جي قوم جي هئي. تنهن نيزاري ڪري چيس، تہ منهنجي نياڻيءَ مان ڀوت ڪڍ.


پوءِ فسح کان ڇهہ ڏينهن اڳي يسوع بيت عنياہ ۾ آيو، جتي لعزر هو، جنهن کي يسوع مُئلن مان جيئاريو هو.


تنهن تي فريسي پاڻ ۾ چوڻ لڳا، تہ خيال تہ ڪريو، اوهان جي ڪابہ ڪانہ ٿي هلي، ڏسو تہ سڄو جهان وڃي هن جي پٺيان لڳو آهي.


تڏهن يهودي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ ڪيڏانهن وڃڻو آهي، جو اسين لهي ڪين سگهنداسونس؟ يونان منجهہ جي ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهن، تن وٽ وڃي يونانين کي تعليم ڏيندو ڇا؟


۽ اڪونيم ۾ هيئن ٿيو جو هو گڏجي يهودين جي عبادتخاني ۾ ويا، ۽ اهڙي تقرير ڪيائون جو يهودين توڙي يونانين جي هڪڙي وڏي جماعت ايمان آندو.


۽ هو دربي ۽ لسترہ ۾ بہ آيو: ۽ ڏسو، هڪڙو شاگرد تيمٿيس نالي اُتي هو. هو هڪڙيءَ يهودڻ جنهن ايمان آندو هو، تنهن جو پٽ هو، پر سندس پيءُ يوناني هو،


۽ منجهانئن ڪن مڃيو، ۽ پولس ۽ سيلاس سان اچي گڏيا؛ ۽ گهڻا ئي ديندار يوناني ۽ ڪيتريون ئي شريف زالون بہ ساڻن گڏ شامل ٿيون.


۽ يهودين توڙي يونانين وٽ اها شاهدي پئي ڏني اٿم، تہ خدا جي حضور ۾ توبهہ ڪريو، ۽ اسان جي خداوند يسوع مسيح تي ايمان آڻيو.


۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ اي اسرائيل جا رهاڪو، مدد ڪريو: هيءُ اُهو ماڻهو آهي جو جتي ڪٿي سڀني ماڻهن کي اُمت، ۽ شريعت، ۽ هن مڪان جي برخلاف سيکاريندو وتي. تنهن کانسواءِ هي يونانين کي بہ هيڪل ۾ وٺي آيو آهي ۽ هن پاڪ مڪان کي پليت ڪيو اٿس.


سو هو اُٿي روانو ٿيو: تہ ڏسو، حبش جو هڪڙو خوجو، جو حبشين جي راڻيءَ ڪنداڪيءَ جو هڪڙو وزير هو، ۽ سندس خزاني جو ناظر هو، ۽ يروشلم ۾ عبادت ڪرڻ آيو هو؛


ڇالاءِ جو مون کي انهيءَ خوشخبريءَ جي ڪري شرم نٿو اچي: انهي لاءِ تہ جيڪو بہ اُن تي ايمان ٿو آڻي، تنهن جي واسطي، يعني پهرين يهوديءَ جي واسطي، پوءِ يونانيءَ جي واسطي، نجات جي لاءِ اها خدا جي قدرت آهي.


ڇالاءِ جو يهوديءَ ۽ يونانيءَ ۾ ڪوبہ تفاوت ڪونهي، هن ڪري جو اهو ئي خداوند سڀني جو خداوند آهي، ۽ جيڪي کيس پڪارين ٿا، تن سڀني لاءِ فياض آهي.


پر طيطس جو مون سان گڏ هو، جيتوڻيڪ هو يوناني هو، تڏهن بہ هن کي ختني ڪرائڻ لاءِ زور نہ ڪيائون؛


پوءِ نڪو يهودي رهيو نہ يوناني، نڪو غلام نہ آزاد، نڪو مرد نہ زال، ڇالاءِ جو اوهين سڀ مسيح يسوع ۾ هڪ آهيو.


جتي نڪو يوناني آهي نہ يهودي، نڪو مختون آهي نڪو نامختون، نہ جهنگلي آهي نہ وحشي، نہ غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح سڀ ڪجهہ آهي ۽ سڀني ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ