Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:2 - Sindhi Bible

2 تنهنڪري اُتي سندس رات جي ماني ڪيائون: ۽ مارٿا خدمت ڪرڻ تي بيٺي هئي، ۽ مهمان جيڪي ساڻس هئا، تن مان لعزر بہ هڪڙو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 اتي يسوع لاءِ رات جي رسوئي تيار ڪئي ويئي. مارٿا سيوا پئي ڪئي، جڏهن تہ لعزر يسوع ۽ ٻين مهمانن سان گڏ رسوئي کائڻ لاءِ ويٺو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اتي عيسيٰ لاءِ رات جي ماني تيار ڪئي ويئي. مارٿا خدمت پئي ڪئي، جڏهن تہ لعزر عيسيٰ ۽ ٻين مهمانن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 اتي ھنن عيسيٰ لاءِ رات جي ماني تيار ڪئي. مارٿا خدمت پئي ڪئي، جڏھن تہ لعزر عيسيٰ ۽ مھمانن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:2
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي اُتر جا واءُ، جاڳ؛ ۽ اي ڏکڻ، تون اچ؛ منهنجي باغ تي لڳ تہ اُن جي مصالحن جي خوشبوءِ ٻاهر نڪري، ڀلي تہ منهنجو محبوب پنهنجي باغ ۾ اچي ۽ پنهنجا قيمتي ميوا کائي.


هاڻي جڏهن يسوع بيت عنياہ ۾ شمعون ڪوڙهيءَ جي گهر ۾ هو، ۽ ماني ويٺي کاڌائين،


۽ جڏهن بيت عنياہ ۾، هن شمعون ڪوڙهئي جي گهر ۾ ماني ويٺي کاڌي، تڏهن هڪڙي زال سنگ مرمر جي عطرداني کڻي آئي، جنهن ۾ تمام قيمتي جٽاماسي جو عطر هو؛ ۽ اُها عطرداني ڀڃي هن جي مٿان اوتيائين.


مبارڪ آهن اُهي نوڪر، جن کي سندن مالڪ اچڻ سان سجاڳ ٿو ڏسي: آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هو ڪمر ٻڌي کين کارائڻ لاءِ ويهاريندو، ۽ پاڻ اچي سندن خدمت ڪندو.


۽ جنهن کيس ڪوٺيو هو، تنهن کي پڻ چيائين، تہ جڏهن تون ڏينهن جي يا رات جي ماني ڪرين، تڏهن پنهنجن دوستن، يا ڀائرن، يا مٽن مائٽن، يا شاهوڪار پاڙيسرين کي نہ ڪوٺج، متان اُهي بہ وري توکي ڪوٺي بدر پاڙي ڇڏين.


ڇالاءِ جو وڏو ڪير آهي، جيڪو کائڻ ٿو ويهي، يا جيڪو خدمت ٿو ڪري؟ ڇا اهو ڪينهي جيڪو کائي ويٺو؟ پر آئون اوهان منجهہ انهيءَ وانگر آهيان جو خدمت ٿو ڪري.


۽ ليويءَ سندس لاءِ پنهنجي گهر ۾ وڏي مجلس ڪئي، ۽ ٺيڪيدارن ۽ ٻين جي، هڪ وڏي خلق اچي اُنهن سان گڏ مانيءَ تي ويٺي.


ڏس، آئون در تي بيهي کڙڪايان ٿو: جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجو آواز ٻُڌي در پَٽيندو، تہ آئون انهي وٽ لنگهي ايندس، ۽ انهي سان گڏ ماني کائيندس، ۽ اُهو مون سان گڏ کائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ