Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:15 - Sindhi Bible

15 ”اي صيون جي ڌيءَ، ڊڄ نہ: ڏس، تنهنجو بادشاهہ کودڙي تي چڙهيو پيو اچي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 ”اي صيئون شهر جا رهاڪؤ! ڊڄو نہ، ڏسو، اوهان جو راجا اچي پيو، جيڪو کودڙي تي سوار آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 ”اي صيئون شهر جا رهاڪؤ! ڊڄو نہ، ڏسو، اوهان جو بادشاهہ اچي پيو، جيڪو کودڙي تي سوار آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 ”اي صيئون جا شھر! ڊڄ نہ، ڏس، تنھنجو بادشاھہ اچي پيو، جيڪو کودڙي تي سوار آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:15
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ ابي سلوم پنهنجي لاءِ گاڏي ۽ گهوڙا، ۽ پنجاهہ ماڻهو تيار ڪيا تہ هن جي اڳيان ڊوڙن.


۽ بادشاهہ ضيبا کي چيو تہ انهن شين مان تنهنجو مطلب ڪهڙو آهي؟ ۽ ضيبا چيو تہ گڏهہ بادشاهہ جي گهر جي ڀاتين جي سواري لاءِ آهن، ۽ ماني ۽ آرڙهہ وارا ميوا جوان ماڻهن جي کائڻ لاءِ آهن؛ ۽ شراب انهيءَ لاءِ آهي تہ جيڪي بيابان ۾ ٿڪجي پون سي پيئن.


۽ بادشاهہ انهن کي چيو تہ اوهين پنهنجي ڌڻيءَ جا نوڪر پاڻ سان وٺي وڃو، ۽ منهنجي پٽ سليمان کي، خود منهنجي خچر تي چاڙهي جيحون ڏي لاهي وٺي اچو:


اي ڪينئين جهڙا يعقوب، ۽ اي اسرائيل جا رهاڪو، اوهين نہ ڊڄو؛ خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ تنهنجي مدد ڪندس، ۽ تنهنجو ڇڏائيندڙ اسرائيل جو پاڪ خدا آهي.


ڏسو، خداوند زمين جي ڇيڙي تائين اهو ظاهر ڪيو آهي، اوهين صيون جي ڌيءَ کي چئو تہ ڏس، تنهنجي نجات اچي ٿي؛ ڏس هن جو انعام انهي سان آهي، ۽ هن جو عيوضو هنن جي اڳيان آهي.


اي ڌڻ جا ٺلهہ، اي صيون جي ڌيءَ جي ٽڪري، اهو تنهنجي لاءِ ٿيندو، يعني اها اڳين حڪومت جا يروشلم جي ڌيءَ جي بادشاهت آهي سا توکي ملندي.


اي صيون جي ڌيءَ خوشي ڪر؛ ۽ يروشلم جي ڌيءَ خوشيءَ وچان واڪا ڪر: ڏس، تنهنجو بادشاهہ تو وٽ اچي ٿو: هو سچار آهي ۽ هن وٽ نجات آهي؛ هو حليم آهي، ۽ گڏهہ تي، بلڪ کودڙي تي سوار آهي.


”اوهين صيون جي ڌيءَ کي چئو تہ ڏس، تنهنجو بادشاهہ تو وٽ ٿو اچي، نماڻو ۽ گڏهہ تي چڙهيل، بلڪ گڏهہ جي ٻچي، يعني کودڙي تي.“


۽ يسوع کي هڪڙو کودڙو مليو جنهن تي چڙهي ويٺو، جيئن ڪ لکيل آهي تہ،


۽ هو پاڻ وٽ گهڻا گهوڙا نہ رکي، نڪي پاڻ وٽ گهڻا گهوڙا گڏ ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي مصر ۾ موڪلي: ڇالاءِ جو خداوند اوهان کي چيو آهي، تہ اوهين اڳتي ڪڏهن بہ انهي رستي موٽي نہ وڃجو.


۽ انهيءَ کي چاليهہ پٽ ۽ ٽيهہ پوٽا هئا، جي ستر کودڙن تي چڙهندا هئا. ۽ انهيءَ اسرائيل جو اٺ سال انصاف ڪيو.


اوهين جي اڇن گڏهن تي ٿا چڙهو، اوهين جي قيمتي غاليچن تي ٿا ويهو، ۽ اوهين جي رستي تي پنڌ هلو ٿا، سڀ انهيءَ جو ذڪر ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ