Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:11 - Sindhi Bible

11 ڇالاءِ جو اُنهي جي ڪري يهودين مان گهڻن يسوع وٽ اچي مٿس ايمان آندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 ڇاڪاڻ تہ لعزر جي ڪري ڪيترائي ماڻهو انهن کي ڇڏي ويا هئا ۽ وڃي يسوع تي وشواس آندو هئائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 ڇاڪاڻ تہ لعزر جي ڪري ڪيترائي ماڻهو انهن کي ڇڏي ويا هئا ۽ وڃي عيسيٰ تي ايمان آندو هئائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 ڇالاءِ⁠جو لعزر جي ڪري ڪيترن ئي يھودين انھن کي ڇڏي عيسيٰ تي ايمان آندو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:11
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ مون کي خبر هئي تہ تون هميشہ منهنجي ٻُڌندو آهين، پر خلق جا چوڌاري بيٺي آهي، تنهن جي سبب ائين چيم تہ هنن کي ايمان اچي تہ تو مون کي موڪليو آهي.


تڏهن يهودي، جي مريم وٽ آيا هئا، تن مان گهڻن، جيڪي هن ڪيو هو سو ڏسي، مٿس ايمان آندو.


جي اسين ائين ئي ڇڏي ڏينداسونس تہ سڀ ماڻهو وڃي مٿس ايمان آڻيندا: پوءِ تہ رومي اچي اسان جي جڳهہ ۽ قوم تي قبضو ڪندا.


پر سردار ڪاهنن صلاح مصلحت ڪئي تہ لعزر کي بہ مارجي؛


۽ پڻ انهي سبب ڪري ڪيترا ماڻهو سندس استقبال لاءِ ويا هئا، ڇالاءِ جو هنن ٻُڌو تہ هن اهو معجزو ڪيو آهي.


تنهن هوندي بہ سردارن مان پڻ ڪيترن مٿس ايمان آندو، پر فريسين جي ڪري اقرار نٿي ڪيائون، تہ متان اسان کي عبادتخانن مان ڪڍي ڇڏين:


پر انهن مان گهڻن مٿس ايمان آندو، ۽ هو چوڻ لڳا تہ مسيح جڏهن ايندو، تڏهن جيڪي معجزا هن ڪيا آهن، تن کان وڌيڪ ڪندو ڇا؟


پر جڏهن يهودين هيترا ماڻهو ڏٺا، تڏهن ڏاڍا ساڙ لڳن، ۽ جيڪي ڳالهيون پولس پي ڪيون، تن جي برخلاف ڳالهائڻ ۽ ڪفر بڪڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ