Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:1 - Sindhi Bible

1 پوءِ فسح کان ڇهہ ڏينهن اڳي يسوع بيت عنياہ ۾ آيو، جتي لعزر هو، جنهن کي يسوع مُئلن مان جيئاريو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 فصح جي تهوار کان ڇهہ ڏينهن اڳ يسوع بيت‌عنياہ ڳوٺ ويو جتي لعزر رهندو هو، جنهن کي يسوع مئلن مان جيوت ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 عيد فصح کان ڇهہ ڏينهن اڳ عيسيٰ بيت‌عنياہ ڳوٺ ويو جتي لعزر رهندو هو، جنهن کي عيسيٰ مئلن مان جيئرو ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 عيد فصح کان ڇھہ ڏينھن اڳ عيسيٰ بيت⁠عنياہ ڏانھن ويو جتي لعزر رھندو ھو، جنھن کي عيسيٰ مئلن مان جيئرو ڪيو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:1
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو انهن کي ڇڏي شهر مان نڪري بيت عنياہ ڏانهن ويو، ۽ اُتي وڃي ٽڪيو.


۽ هو يروشلم ۾ آيو، ۽ هيڪل ۾ ويو؛ ۽ جڏهن چوڌاري سڀني شين تي نظر گهمائي رهيو، ۽ اچي سانجهي ٿي، تڏهن ٻارهن سان بيت عنياہ ڏانهن روانو ٿيو.


۽ هو کين ٻاهر بيت عنياہ جي سامهون وٺي آيو ۽ هٿ کڻي کين برڪت ڏنائين.


تہ ڏسو اُنهي شهر جي هڪڙي زال جا گنهگار هئي، تنهن کي جڏهن سُڌ پئي تہ هو فريسيءَ جي گهر ماني ويٺو کائي، تڏهن سنگ مرمر جي عطردانيءَ ۾ عطر کڻي آئي.


هاڻي لعزر نالي هڪڙو شخص، مريم ۽ سنديس ڀيڻ مارٿا جي ڳوٺ بيت عنياہ جو ويٺل، بيمار ٿي پيو.


ائين چئي وڏي سڏ پڪاري چيائين، تہ اي لعزر، نڪري اچ.


پوءِ اُهو، جو مري ويو هو، سو هٿين پيرين ڪفن ۾ ٻَڌل نڪري آيو؛ ۽ سندس منهن رومال سان ويڙهيل هو. يسوع چين تہ ڇوڙيوس ۽ ڇڏيوس تہ وڃي.


هاڻي يهودين جي عيد فسح ويجهي هئي: ۽ ٻهراڙيءَ مان گهڻيئي پاڻ کي پاڪ ڪرڻ لاءِ فسح کان اڳي يروشلم ۾ ويا.


ٻئي ڏينهن هڪ وڏي خلق، جا عيد تي آئي هئي، تنهن جڏهن ٻُڌو تہ يسوع يروشلم ۾ ٿو اچي،


هاڻي جيڪي عيد تي عبادت لاءِ ويا هئا، تن مان ڪي يوناني هئا:


پوءِ يهودين جي عام خلق کي خبر پيئي تہ هو اُتي آهي، سو اُهي نہ رڳو يسوع جي ڪري آيا، پر انهي لاءِ تہ لعزر، جنهن کي مُئلن مان جيئاريو هئائين، تنهن کي بہ هلي ڏسن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ