Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 11:55 - Sindhi Bible

55 هاڻي يهودين جي عيد فسح ويجهي هئي: ۽ ٻهراڙيءَ مان گهڻيئي پاڻ کي پاڪ ڪرڻ لاءِ فسح کان اڳي يروشلم ۾ ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

55 يهودي قوم جو فصح وارو تهوار ويجھو هو، سو ڪيترائي ماڻهو فصح جي تهوار کان اڳ ٻهراڙيءَ کان يروشلم ۾ آيا هئا تہ جيئن هو پاڻ کي پوِتر ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

55 يهودي قوم جي عيد فصح ويجھي هئي، سو ڪيترائي ماڻهو عيد فصح کان اڳ ٻهراڙيءَ کان يروشلم ۾ آيا هئا تہ جيئن هو پاڻ کي پاڪ ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

55 يھودي قوم جي عيد فصح ويجھي ھئي، سو ڪيترائي ماڻھو ٻھراڙيءَ کان يروشلم ۾ آيا ھئا تہ جيئن ھو عيد فصح کان اڳ پاڻ کي پاڪ ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 11:55
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يعقوب پنهنجي خاندان ۽ ٻيا جيڪي ساڻس هئا، تن سڀني کي چيو تہ اوهان وٽ جيڪي ڌاريا معبود آهن، تن کي ڇڏي ڏيو، ۽ پاڻ کي پاڪ صاف ڪري پنهنجا ڪپڙا بدلايو:


۽ هيئن ٿيندو هو تہ جڏهن انهن جي مجلس ڪرڻ جا ڏينهن لنگهي ويندا هئا تڏهن ايوب هنن کي پاڪ ڪندو هو، ۽ هو سوير اُٿي انهن سڀني جي شمار موجب سوختني قربانيون چاڙهندو هو: ڇالاءِ جو ايوب چوندو هو تہ متان منهنجن پٽن گناهہ ڪيو هجي، ۽ پنهنجي دل ۾ خدا کي ڇڏي ڏنو هجي. انهيءَ طرح هميشہ ايوب ڪندو هو.


آءٌ بيگناهيءَ ۾ پنهنجا هٿ ڌوئيندس؛ اي خداوند، آءٌ تنهنجيءَ قربانگاهہ کي گهيري رهندس.


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ماڻهن وٽ وڃي اڄ ۽ سڀاڻي انهن کي مخصوص ڪر، ۽ هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي صاف ڪن،


بني اسرائيل کي چئُہ تہ جيڪڏهن اوهان مان يا اوهان جي اولاد مان ڪو ماڻهو مردي کي ڇهڻ ڪري ناپاڪ ٿئي، يا ڪنهن ڏورانهينءَ مسافريءَ ۾ هجي، تہ بہ هو خداوند جي لاءِ فسح جي عيد ملهائي.


۽ اتي ڪي ماڻهو مردي کي ڇهڻ ڪري ناپاڪ ٿيا هئا، جنهنڪري هو انهي ڏينهن فسح ڪري نہ سگهيا. تنهنڪري هو انهي ڏينهن موسيٰ ۽ هارون وٽ آيا،


۽ هيئن ٿيو جو جڏهن يسوع هي ڳالهيون ڪري چڪو، تڏهن پنهنجن شاگردن کي چوڻ لڳو تہ


اوهان کي خبر آهي تہ ٻن ڏينهن کانپوءِ فسح جي عيد ايندي، ۽ ابن آدم کي صليب تي چاڙهڻ لاءِ جهلائيندا.


هاڻي ٻن ڏينهن کانپوءِ فسح ۽ فطيري مانيءَ جي عيد هئي، ۽ سردار ڪاهنن ۽ فقيهن وجهہ پئي ڳوليو تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي فريب سان ڦاسائي قتل ڪريون:


هاڻي فطيري عيد، جنهن کي فسح ٿا چون، سا ويجهي آئي.


پوءِ فسح کان ڇهہ ڏينهن اڳي يسوع بيت عنياہ ۾ آيو، جتي لعزر هو، جنهن کي يسوع مُئلن مان جيئاريو هو.


هاڻي فسح جي عيد کان اڳي جڏهن يسوع ڏٺو تہ منهنجي اُها گهڙي آئي آهي تہ دنيا مان لڏي پيءُ وٽ وڃان، تڏهن دنيا ۾ جيڪي پنهنجا هئس، تن تي جهڙو پيار هوس، تهڙو ئي توڙ تائين رکندو آيو.


پوءِ قائفا وٽان يسوع کي محلات ۾ وٺي ويا: ۽ اڃا وڏو صبح هو ۽ هو پاڻ محلات ۾ نہ گهڙيا، انهي لاءِ تہ متان ڇپي نہ پون، پر فسح کائڻ جهڙا ٿين.


پوءِ يهودين جي عيد فسح ويجهي هئي، ۽ يسوع يروشلم ڏانهن ويو.


اتي يهودين جي طهارت جي رسم موجب پٿر جا ڇهہ مَٽ، (هرهڪ اٽڪل ٻہ يا ٽي مڻو) رکيل هئا.


هنن ڳالهين کانپوءِ يهودين جي هڪڙي عيد ٿي؛ ۽ يسوع يروشلم ۾ ويو.


۽ يهودين جي عيد فسح ويجهي هئي.


اُنهن کي وٺي وڃ، ۽ پاڻ کي وڃي هنن سان گڏ پاڪ ڪر، ۽ هنن جو اُجورو ڏي تہ هو پنهنجا مٿا ڪوڙائين. پوءِ سڀني کي سُڌ پوندي تہ جيڪي ڳالهيون تنهنجي نسبت ٻُڌيون اٿن، سي سچيون ناهن؛ بلڪ تون پاڻ بہ شريعت تي عمل ڪرين ٿو ۽ پوريءَ طرح هلين ٿو.


تنهن تي پولس اُنهن ماڻهن کي وٺي، ٻئي ڏينهن پاڻ کي هنن سان گڏ پاڪ ڪري هيڪل ۾ ويو، ۽ خبر ڏنائين تہ جڏهن پاڪ ٿيڻ جا ڏينهن پورا ٿيندا، تڏهن اُنهن مان هڪڙي هڪڙي جي لاءِ قرباني چاڙهي ويندي.


جڏهن ائين پي ڪيم، ۽ هيڪل ۾ پاڪ حالت ۾ هوس، تڏهن هنن مون کي ڪو گوڙ يا دنگو ڪندو ڪونہ ڏٺو؛ پر آسيہ جا ڪي يهودي هئا،


تنهنڪري هرڪو ماڻهو پاڻ کي پرکي ۽ خيال سان انهيءَ مانيءَ مان کائي ۽ انهيءَ پيالي مان پيئي.


خدا جي ويجهو وڃو تہ هو بہ اوهان جي ويجهو ايندو. اي گنهگارو، پنهنجا هٿ صاف ڪريو؛ ۽ اوهين جي ٻِہ چِتيا آهيو، سي پنهنجيون دليون پاڪ ڪريو.


۽ هن چيو تہ خير مان: آءٌ خداوند جي لاءِ قرباني چاڙهڻ آيو آهيان. پاڻ کي پاڪ ڪريو، ۽ مون سان قربانيءَ تي هلو. ۽ هن يسيءَ ۽ سندس پٽن کي پاڪ ڪيو، ۽ هنن کي قربانيءَ تي سڏيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ