Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 11:47 - Sindhi Bible

47 تنهن تي سردار ڪاهن ۽ فريسي صدر مجلس گڏ ڪري چوڻ لڳا تہ اسين ڪريون ڇا ٿا؟ هيءُ ماڻهو تہ گهڻيئي معجزا پيو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

47 تنهن تي فريسي ۽ سردار ڪاهن پئنچائت گڏ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اسين هاڻي ڇا ڪريون؟ هي ماڻهو تہ گھڻا ئي چمتڪار پيو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

47 تنهن تي فريسي ۽ سردار ڪاهن ڪائونسل گڏ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اسين هاڻي ڇا ڪريون؟ هي ماڻهو تہ گھڻا ئي معجزا پيو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

47 تنھن تي فريسي ۽ سردار ڪاھن ڪائونسل گڏ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اسين ھاڻي ڇا ڪريون؟ ھي ماڻھو تہ گھڻا ئي معجزا پيو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 11:47
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن جا بزرگ قائفا نالي سردار ڪاهن جي ايوان ۾ اچي گڏ ٿيا؛


پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان ڪاوڙجي ٿو، سو عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو؛ ۽ جيڪو پنهنجي ڀاءُ کي چوندو تہ اي ديوانا، سو صدر عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو؛ ۽ جيڪو چوندو تہ اي احمق، سو جهنم جي باهہ جوڳو ٿيندو.


هاڻي ٻن ڏينهن کانپوءِ فسح ۽ فطيري مانيءَ جي عيد هئي، ۽ سردار ڪاهنن ۽ فقيهن وجهہ پئي ڳوليو تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي فريب سان ڦاسائي قتل ڪريون:


۽ سردار ڪاهنن ۽ فقيهن وجهہ پئي ڳوليو تہ هن کي ڪيئن ماري وجهون، ڇو جو اُهي خلق کان ڊنا ٿي.


هاڻي سردار ڪاهنن ۽ فريسين حڪم ڏيئي ڇڏيو هو، تہ جيڪڏهن ڪنهن کي بہ خبر پوي تہ ڪٿي آهي تہ اچي ٻُڌائي، تہ هن کي پڪڙيون.


تنهن تي فريسي پاڻ ۾ چوڻ لڳا، تہ خيال تہ ڪريو، اوهان جي ڪابہ ڪانہ ٿي هلي، ڏسو تہ سڄو جهان وڃي هن جي پٺيان لڳو آهي.


هيءَ سندس معجزن جي شروعات هئي، جا يسوع گليل جي قانا شهر ۾ ڪري، پنهنجو جلال ظاهر ڪيو، ۽ هن جي شاگردن مٿس ايمان آندو.


۽ ماڻهن جو وڏو ميڙاڪو سندس پٺيان آيو، ڇاڪاڻ تہ بيمارن تي جي معجزا ٿي ڪيائين، سي هنن پئي ڏٺا.


فريسين ٻُڌو تہ ماڻهو هن جي بابت انهن ڳالهين جي سُر پُر پيا ڪن، تڏهن سردار ڪاهنن ۽ فريسين، حوالدارن کي موڪليو تہ وڃي پڪڙي اچوس.


تنهن تي حوالدار سردار ڪاهنن ۽ فريسين وٽ موٽي آيا، ۽ اُنهن کين چيو تہ اوهين هن کي ڇو نہ وٺي آيا؟


۽ اها ڳالهہ ٻُڌي هو پرهہ ڦٽيءَ ڌاري هيڪل ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳا. پر جڏهن سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿي آيا، تڏهن صدر مجلس ۽ بني اسرائيل جي سڀني بزرگن کي گڏ ڪيائون، ۽ قيدخاني ۾ چوائي موڪليائون تہ انهن کي وٺي اچو.


هاڻي جڏهن هيڪل جي صوبيدار ۽ سردار ڪاهنن هي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن انهن بابت اچي ڏاڍي فڪر ۾ پيا، تہ هن جو نتيجو ڪهڙو ٿيندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ