Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 11:44 - Sindhi Bible

44 پوءِ اُهو، جو مري ويو هو، سو هٿين پيرين ڪفن ۾ ٻَڌل نڪري آيو؛ ۽ سندس منهن رومال سان ويڙهيل هو. يسوع چين تہ ڇوڙيوس ۽ ڇڏيوس تہ وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

44 تنهن تي مئل ماڻهو جيوت ٿي ٻاهر نڪري آيو. هن جا هٿ ۽ پير ڪفن سان ٻڌل هئا ۽ سندس منهن رومال سان ويڙهيل هو. يسوع انهن ماڻهن کي چيو تہ ”هن کي کوليو تہ گھمي ڦري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

44 تنهن تي مئل ماڻهو جيئرو ٿي ٻاهر نڪري آيو. هن جا هٿ ۽ پير ڪفن سان ٻڌل هئا ۽ سندس منهن رومال سان ويڙهيل هو. عيسيٰ انهن ماڻهن کي چيو تہ ”هن کي کوليو تہ گھمي ڦري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

44 تنھن تي مئل ماڻھو ٻاھر نڪري آيو. ھن جا ھٿ ۽ پير ڪفن سان ٻڌل ھئا ۽ سندس منھن رومال سان ويڙھيل ھو. عيسيٰ انھن ماڻھن کي چيو تہ ”ھن کي کوليو ۽ ڇڏيوس تہ وڃي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 11:44
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا چيو تہ سوجهرو ٿئي: ۽ سوجهرو ٿيو.


جو اڃا هن فرمايو تہ اُها پيدا ٿي؛ هن حڪم ڏنو ۽ اُها قائم ٿي بيٺي.


آءٌ هنن کي پاتال جي هٿان ملهہ ڏيئي ڇڏائيندس، آءٌ هنن کي موت کان ڇڏائيندس: اي موت، تنهنجون مريون ڪٿي آهن؟ اي قبر، تنهنجي تباهي ڪٿي آهي؟ رحم منهنجين اکين کان لڪي ويندو.


پوءِ هن انهن کي سخت تاڪيد ڪئي تہ هن ڳالهہ جي ڪنهن کي بہ خبر نہ پوي: ۽ چيائين تہ ڪجهہ کائڻ لاءِ ڏيوس.


پوءِ هڪڙي ٻئي اچي چيو، تہ اي سائين، اِجهو تنهنجي مهر، جا مون رومال ۾ ٻَڌي رکي هئي؛


تنهن تي اُهو مڙدو اُٿي ويٺو، ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳو. پوءِ هن کي کڻي سندس ماءُ جي حوالي ڪيائين.


يسوع چيو تہ پهڻ کي هٽايو. اُهو جو گذري ويو هو، تنهن جي ڀيڻ مارٿا کيس چيو، تہ اي خداوند، هو تہ اڳيئي بانس ڪري ويو هوندو، ڇالاءِ تہ چار ڏينهن ٿي ويا اٿس.


ائين چئي وڏي سڏ پڪاري چيائين، تہ اي لعزر، نڪري اچ.


پوءِ جيئن يهودين ۾ دفن ڪرڻ جو دستور آهي، تنهن موافق اُنهن بہ يسوع جو لاش کڻي سرهاڻين سان گڏ سنهن ڪپڙن ۾ ويڙهي ٻَڌو.


۽ نِوڙي اندر نهاريائين ۽ ڏسي تہ اُهي سنها ڪپڙا پيا آهن؛ تہ بہ اندر ڪين گهڙيو.


۽ اُهو رومال جو مٿي تي هوس، سو اُنهن سنهن ڪپڙن سان پيل ڪونهي، پر جدا هڪڙي هنڌ ويڙهيو رکيو آهي.


ڇالاءِ جو جيئن پيءُ مُردن کي اُٿاري ٿو ۽ جيارين ٿو، تيئن پٽ بہ جن کي وڻيس، تن کي جياري ٿو.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ اُها گهڙي اچي ٿي، بلڪ هاڻي اچي سهڙي آهي، جنهن ۾ مُردا خدا جي فرزند جو آواز ٻُڌندا؛ ۽ جيڪي ٻُڌندا سي جيئندا.


تہ جنهن قدرت جي اثر سان هو سڀ شيون پنهنجي تابع ڪري سگهي ٿو، تنهن سان اسان جي حقير بدن کي بدلائي پنهنجي جلال واري بدن جي صورت جهڙو ڪندو.


۽ جيئرو آهيان؛ آئون مُئو هوس، ۽ ڏس، آئون هميشہ تائين جيئرو رهندس، ۽ مون وٽ موت ۽ مُئلن جي عالم جون ڪنجيون آهن.


خداوند ماري ٿو ۽ جياري ٿو: اهو قبر ۾ لاهي ٿو ۽ انهيءَ مان ڪڍي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ