Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 11:38 - Sindhi Bible

38 پوءِ يسوع کي وري بہ دل ۾ رنج ٿيو، ۽ قبر تي آيو. اُها هڪڙي غار هئي، ۽ ان جي آڏو هڪ پهڻ ڏنل هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

38 پوءِ يسوع کي وري بہ رنج پهتو ۽ هو قبر تي آيو. اها قبر هڪ غار هئي جنهن جي منهن تي پٿر ڏنل هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 پوءِ عيسيٰ کي وري بہ رنج پهتو ۽ هو قبر تي آيو. اها قبر هڪ غار هئي جنهن جي منهن تي پٿر ڏنل هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

38 پوءِ عيسيٰ جي دل وري بہ ڀرجي آئي ۽ ھو قبر تي آيو. اھا قبر ھڪ غار ھئي جنھن جي منھن تي پٿر ڏنل ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 11:38
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان پوءِ ابرهام پنهنجيءَ زال سارہ کي مڪفيلہ واريءَ ٻنيءَ جي غار ۾، جو ممري، يعني حبرون جي سامهون ڪنعان جي ملڪ ۾ آهي؛ اتي دفن ڪيو.


تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟ ۽ تو وٽ هتي ڪير آهي جو تو پنهنجي لاءِ ٽڪي قبر ٺاهي آهي؟ تون جو مٿانهينءَ تي پنهنجي لاءِ قبر ٿو ٽڪين، ۽ ٽڪريءَ تي پنهنجي لاءِ رهڻ جي جاءِ ٿو کوٽين!


تنهنڪري، اي آدمزاد، تون ٿڌو ساهہ کڻ؛ چيلهہ جي ڀڃڻ سان ۽ ڏک سان تون هنن جي اکين آڏو آهون ڪر.


۽ خداوند هن کي چيو تہ شهر جي وچان، يعني يروشلم جي وچان، لنگهي وڃ ۽ انهي منجهہ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ ۾ ٿا اچن، تن لاءِ جيڪي ماڻهو آهون ۽ دانهون ڪن ٿا، تن جي پيشانين تي نشان ڪر.


ٽڪر ۾ جا پنهنجي نئين قبر کوٽائي هئائين، تنهن ۾ اهو رکيائين؛ ۽ هن هڪڙو وڏو پهڻ ليٽائي آڻي قبر جي منهن تي رکيو ۽ هليو ويو.


تڏهن هو پهري وارن کي ساڻ ڪري قبر تي ويا، ۽ پهڻ تي مهر هڻي، قبر جي حفاظت ڪيائون.


۽ هن هڪڙي سنهي سڻيءَ جي چادر خريد ڪئي، ۽ هن کي لاهي انهيءَ سڻيءَ جي چادر ۾ ويڙهيائين، ۽ هڪڙيءَ قبر ۾ رکيائينس، جا هڪڙي ٽڪر ۾ کوٽيل هئي؛ ۽ هن هڪڙو پهڻ ليٽائي آڻي قبر جي منهن تي رکيو.


هن پنهنجي اندر ۾ ٿڌو ساهہ کڻي چيو، تہ هن زماني جا ماڻهو ڇو ٿا نشاني گهرن؟ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن زماني جي ماڻهن کي ڪابہ نشاني ڏيڻ ۾ نہ ايندي.


۽ اچي ڏسن تہ پهڻ ليٽيو قبر کان پاسي ٿيو پيو آهي.


پوءِ يسوع ڏٺو تہ هوءَ روئي پيئي، ۽ يهودي جي ساڻس گڏ آيا آهن سي بہ پيا روئن، تڏهن دل ۾ رنج ٿيس، ۽ ارمان ڪيائين،


هاڻي هفتي جي پهرئين ڏينهن اڃا اونداهي هئي، تہ ڍڪيءَ جو مريم مگدليني قبر تي آئي، ۽ ڏسي تہ قبر تان پهڻ هٽيو پيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ