Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 11:37 - Sindhi Bible

37 پر اُنهن مان ڪن چيو تہ جنهن انڌي جون اکيون سڄيون ڪيون، سو ايترو ڪين ڪري سگهي ها جو هيءُ ماڻهو اصل مري ئي نہ ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

37 پر انهن مان ڪن چيو تہ ”ڇا هي، جنهن انڌي ماڻهوءَ کي ديد ڏني هئي سو ائين ڪري نہ ٿي سگھيو جو لعزر اصل مري ئي نہ ها؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

37 پر انهن مان ڪن چيو تہ ”ڇا هي، جنهن انڌي ماڻهوءَ کي ديد ڏني هئي سو ائين ڪري نہ ٿي سگھيو جو لعزر اصل مري ئي نہ ها؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

37 پر انھن مان ڪن چيو تہ ”ھن انڌي ماڻھوءَ جون اکيون کوليون ھيون نہ؟ ڇا ھو ائين نہ ٿي ڪري سگھيو جو لعزر اصل مري ئي نہ ھا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 11:37
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي نظر گهڻين شين تي پوي ٿي پر اهي ڏسين نٿو؛ هن جا ڪن کليل آهن، پر هو ٻڌي نٿو.


هاڻ ڀلي مسيح، اسرائيل جو بادشاهہ، صليب تان هيٺ لهي اچي، تہ اسين ڏسون ۽ ايمان آڻيون. ۽ جي ساڻس گڏ صليب تي چاڙهيا ويا هئا، تن بہ هن کي طعنا هنيا.


۽ خلق بيٺي ڏٺو: ۽ سردارن پڻ مٿس چٿرون ڪري پئي چيو تہ ٻين کي تہ بچايائين، هاڻ جي هيءُ خدا جو مسيح ۽ سندس چونڊيل آهي، تہ پاڻ کي بچائي.


۽ جن ڏوهارين کي ساڻس گڏ صليب تي چاڙهيو هئائون، تن مان هڪڙو مٿس ٽوڪبازي ڪري چوڻ لڳو، تہ تون اُهو مسيح آهين نہ؟ تڏهن پاڻ کي بہ بچاءِ ۽ اسان کي بہ بچاءِ.


تڏهن مارٿا يسوع کي چيو، تہ اي خداوند، جي تون هتي هجين ها، تہ منهنجو ڀاءُ مري ئي ڪين ها.


پوءِ مريم اتي آئي، جتي يسوع هو، ۽ کيس ڏسي سندس پيرن تي ڪِري چوڻ لڳيس، تہ اي خداوند، جي تون هتي هجين ها تہ منهنجو ڀاءُ جيڪر مري ئي ڪين ها.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ