Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 11:3 - Sindhi Bible

3 تڏهن ڀينرن کيس چوائي موڪليو، تہ اي خداوند، جنهن کي تون پيار ٿو ڪرين سو بيمار آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 ٻنهي ڀينرن يسوع کي چوائي موڪليو تہ ”اي پرڀو! اوهان جو پيارو دوست بيمار آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ٻنهي ڀينرن عيسيٰ کي چوائي موڪليو تہ ”خداوند! اوهان جو پيارو دوست بيمار آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 ٻنھي ڀينرن عيسيٰ کي چوا ئي موڪليو تہ ”خداوند! اوھان جو پيارو دوست بيمار آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 11:3
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هن چيو تہ تنهنجو پٽ، تنهنجو سڪيلڌو پٽ اسحاق، جنهن کي تون پيار ٿو ڪرين، تنهن کي وٺي مورياہ جي ملڪ ۾ وڃ، ۽ اتي جيڪو جبل آءٌ توکي ڏيکاريان، تنهن تي هن کي سوختني قربانيءَ لاءِ چاڙهہ.


ملڪ ۾ جيڪي پاڪ آهن، اُهي ئي وڏا آهن، انهن ۾ ئي منهنجي پوري خوشي آهي.


۽ جڏهن خداوند هن کي ڏٺو، تڏهن مٿس ڪهل آيس ۽ چيائينس تہ روءُ نہ.


هاڻي لعزر نالي هڪڙو شخص، مريم ۽ سنديس ڀيڻ مارٿا جي ڳوٺ بيت عنياہ جو ويٺل، بيمار ٿي پيو.


اهي ڳالهيون ڪري رهيو، تنهن کان پوءِ هنن کي چيائين تہ اسان جو دوست لعزر سمهي رهيو آهي؛ پر آئون هلان ٿو تہ هلي ننڊ مان جاڳايانس.


مريم اُها هئي، جنهن خداوند کي عطر مکي سندس پير پنهنجي وارن سان اُگهيا هئا، تنهن جو ڀاءُ لعزر بيمار پيو هو.


تڏهن مارٿا يسوع کي چيو، تہ اي خداوند، جي تون هتي هجين ها، تہ منهنجو ڀاءُ مري ئي ڪين ها.


تڏهن يهودي چوڻ لڳا تہ ڏسو، تہ هن سان ڪهڙي نہ دل هيس!


هاڻي يسوع جو مارٿا ۽ سنديس ڀيڻ ۽ لعزر تي پيار هو.


اوهين مون کي اُستاد ۽ خداوند ڪري ٿا سڏيو: سو برابر ٿا چئو، ڇالاءِ جو آئون آهيان.


۽ سندس شاگردن مان هڪڙو، جنهن تي يسوع جو پيار هو، تنهن يسوع جي ڇاتيءَ تي ليٽي ويٺي کاڌو.


اراستس ڪرنٿس ۾ رهيو: پر تروفيمس کي مون مليتس ۾ بيمار ڇڏيو.


جيترن کي آئون پيار ٿو ڪريان، اوترن کي آئون ڇينڀيان ٿو ۽ سيکت ٿو ڏيان؛ تنهنڪري سرگرم ٿي ۽ توبهہ ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ