Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 11:15 - Sindhi Bible

15 ۽ آئون اوهان جي خاطر خوش آهيان جو اتي نہ هوس، انهي لاءِ تہ اوهين ايمان آڻيو، پر هلو تہ وٽس هلون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 آءٌ اوهان جي خاطر خوش آهيان جو اتي نہ هئس تہ جيئن اوهين وشواس آڻيو. هاڻي هلو تہ وٽس هلون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 آءٌ اوهان جي خاطر خوش آهيان جو اتي نہ هئس تہ جيئن اوهين ايمان آڻيو. هاڻي هلو تہ وٽس هلون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 آءٌ اوھان جي خاطر خوش آھيان جو اتي نہ ھوس تہ جيئن اوھين ايمان آڻيو. ھاڻي ھلو تہ وٽس ھلون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 11:15
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ ساڳيءَ رات خداوند کيس ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ آءٌ تنهنجي پيءُ جو خدا آهيان: تون ڊپ نہ ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان. آءٌ توکي برڪت ڏيندس ۽ پنهنجي ٻانهي ابرهام جي ڪري، تنهنجو اولاد وڌائيندس.


۽ هيئن ٿيو تہ جنهن وقت کان هن کيس پنهنجي گهر جي مٿان ۽ جيڪي وٽس هو، تنهن سڀ جي مٿان مختيار مقرر ڪيو، تنهن وقت کان وٺي، يوسف جي ڪري، خداوند انهيءَ مصري جي گهر ۾ برڪت وڌي؛ ۽ جيڪي وٽس هو، گهر ۾، توڙي ٻنيءَ ۾، تنهن سڀ ۾ خداوند جي برڪت پيئي.


هن ڪنهن کي بہ مٿن ظلم ڪرڻ نہ ڏنو؛ بلڪ انهن جي خاطر بادشاهن کي ڇينڀيائين.


ڏس، اهي گڏ ٿيندا، پر مُنهنجي طرفان نہ: جيڪي بہ تنهنجي برخلاف گڏ ٿيندا سي تنهنجي ئي سببان ڪري پوندا.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيئن انگور جي ڇڳي ۾ رس هوندي آهي، ۽ ڪو چوي تہ هن کي برباد نہ ڪر ڇو تہ هن ۾ برڪت آهي، تيئن آءٌ پنهنجي بندن جي خاطر ڪندس، تہ آءٌ هنن سڀني کي برباد نہ ڪريان.


تڏهن يسوع صاف صاف چين تہ لعزر مري ويو آهي؛


تڏهن توما، جنهن کي جاڙو بہ چوندا هئا، تنهن پنهنجن سنگتين کي چيو تہ هلو تہ پاڻ بہ هلي ساڻس گڏ مرون.


پر يسوع ٻُڌي چيو تہ هيءَ بيماري موت جي نہ آهي، پر خدا جي جلال جي واسطي آهي، تہ انهي ڪري خدا جي فرزند جي وڏائي ٿئي.


يسوع جواب ڏيئي چيو، تہ هيءُ آواز منهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي لاءِ آيو آهي.


۽ انهن جي خاطر آئون پاڻ کي پاڪ ٿو ڪريان، تہ اهي پڻ سچ ۾ پاڪ ٿين.


هيءَ سندس معجزن جي شروعات هئي، جا يسوع گليل جي قانا شهر ۾ ڪري، پنهنجو جلال ظاهر ڪيو، ۽ هن جي شاگردن مٿس ايمان آندو.


ڇالاءِ جو سڀ شيون اوهان جي واسطي آهن، انهي لاءِ تہ فضل، جو گهڻن جي ڪري زيادہ ٿو ٿئي، سو خدا جي جلال جي لاءِ شڪرگذاري بہ وڌائي.


تنهنڪري آئون چونڊيلن جي خاطر سڀ ڪجهہ ٿو سهان، انهي لاءِ تہ جيڪا نجات مسيح يسوع ۾ آهي، سا هو بہ ابدي جلال سان حاصل ڪن.


اوهين جي خدا جي فرزند جي نالي تي ايمان ٿا رکو، تن ڏانهن مون هي ڳالهيون لکيون آهن، انهي لاءِ تہ اوهان کي معلوم ٿئي تہ اوهان کي هميشہ جي زندگي ملي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ