Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 10:8 - Sindhi Bible

8 سڀ جيڪي مون کان اڳي آيا، سي چور ۽ ڌاڙيل آهن: پر رڍن اُنهن جي نہ ٻُڌي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 ٻين جن بہ مون کان اڳ ۾ اهڙي قسم جي دعويٰ ڪئي سي چور ۽ ڌاڙيل هئا، جڏهن تہ رڍن انهن جي نہ ٻڌي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 ٻين جن بہ مون کان اڳ ۾ اهڙي قسم جي دعويٰ ڪئي سي چور ۽ ڌاڙيل هئا، جڏهن تہ رڍن انهن جي نہ ٻڌي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 ٻيا جيڪي ⁠بہ مون کان اڳ ۾ آيا ھئا سي چور ۽ ڌاڙيل ھئا، پر رڍن انھن جي نہ ٻڌي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 10:8
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند ٿو فرمائي تہ افسوس انهن تي جي منهنجي چراگاهہ جي رڍن کي ماري ڇڙ وڇڙ ڪري ٿا ڇڏين:


اي آدمزاد، اسرائيل جي ڌنارن جي برخلاف نبوت ڪر؛ نبوت ڪري انهن کي، يعني انهن ڌنارن کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ويل آهي اسرائيل جي ڌنارن سان، جي پاڻ کي چارين ٿا! ڌنارن کي ائين نہ ڪرڻ گهرجي ڇا تہ رڍن کي چارين؟


سندس امير انهن جي وچ ۾ گجندڙ شينهن آهن؛ ان جا قاضي رات جي بگهڙ وانگر آهن: اُهي صبح تائين ڪي بہ ڪين ٿا ڇڏين.


ڇالاءِ جو ڏس، تہ آءٌ ملڪ ۾ اهڙو ريڍار اُٿاريندس، جو گمراهہ ٿيلن جي خبر نہ لهندو، ۽ جي پکڙيل آهن، تن کي بہ نہ ڳوليندو، ۽ نڪي ڏکين جو علاج ڪندو؛ نہ هو چڱن کي چاريندو، پر دُنبن جو گوشت کائيندو ۽ سندن ٽنگون چيري ڦاڙيندو.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪو رڍن جي واڙي ۾ دروازي کان نٿو گهڙي، پر ٻئي ڪنهن رستي کان ٽپي ٿو اچي، سو چور ۽ ڌاڙيل آهي.


منهنجيون رڍون منهنجو آواز ٻُڌن ٿيون، ۽ آئون اُنهن کي سڃاڻان ٿو، ۽ اُهي منهنجي پٺيان ٿيون اچن.


۽ ڌارئي جي پٺيان ڪين وينديون، پر کانئس ڀڄنديون: ڇالاءِ تہ اُهي ڌارين جي تنوار نٿيون سڃاڻن.


ڇالاءِ جو ڪجهہ وقت ٿيو جو ٿيوداس اها دعويٰ ڪرڻ لڳو تہ آئون بہ ڪي آهيان؛ پوءِ ڪيترائي ماڻهو، اٽڪل چار سؤ ڄڻا وڃي ساڻس گڏيا. پر اهو بہ مارجي ويو؛ ۽ جيڪي سندس پوئلڳ هئا، سي سڀ ٽڙي پکڙي ويا، ۽ منجهانئن ڪي بہ ڪين ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ