Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 10:33 - Sindhi Bible

33 يهودين جواب ڏنس تہ اسين توکي ڪنهن چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ سنگسار نٿا ڪريون پر ڪفر بڪڻ ڪري؛ ڇالاءِ جو تون انسان ٿي پاڻ کي خدا ٿو ڪوٺين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

33 تنهن تي ماڻهن وراڻيس تہ ”اسين تو کي ڪنهن چڱي ڪم ڪرڻ جي ڪري نہ، پر ايشور جي نندا ڪرڻ ڪري سنگسار ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ تون انسان ٿي ڪري پاڻ کي ايشور سڏين ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 تنهن تي ماڻهن وراڻيس تہ ”اسين تو کي ڪنهن چڱي ڪم ڪرڻ جي ڪري نہ، پر ڪفر بڪڻ ڪري سنگسار ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ تون انسان ٿي ڪري پاڻ کي خدا سڏين ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

33 تنھن تي يھودين وراڻيس تہ ”اسين تو کي ڪنھن چڱي ڪم ڪرڻ ڪري سنگسار نہ ٿا ڪريون پر ڪفر بڪڻ ڪري، ڇالاءِ⁠جو تو انسان ٿي ڪري پاڻ کي خدا سڏايو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 10:33
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ٻہ خبيث ماڻهو، هن جي اڳيان حاضر ڪريو، ۽ اُهي سندس برخلاف شاهدي ڏيئي چون تہ هن خدا تي ۽ بادشاهہ تي لعنت وڌي آهي. ۽ پوءِ اُنهيءَ کي ٻاهر ڪڍي وڃو ۽ سنگسار ڪري ماريوس.


مون چيو تہ اوهين خدا آهيو، اوهين سڀيئي خدا تعاليٰ جا فرزند آهيو.


جنهن شخص لعنت ڪئي آهي، تنهن کي ڪڍي منزلگاهہ کان ٻاهر آڻ؛ ۽ جن جن اها ٻڌي آهي، سي سڀيئي پنهنجا هٿ انهي جي مٿي تي رکن، ۽ ساري جماعت انهي کي سنگسار ڪري.


۽ جيڪو خداوند جي نالي تي ڪفر بڪندو سو ضرور قتل ڪيو ويندو؛ ساري جماعت انهي کي سنگسار ڪندي: اهو پرديسي هجي توڙي ديسي هجي، پر جنهن وقت هو خداوند جي نالي تي ڪفر بڪندو، تنهن وقت هو ضرور قتل ڪيو ويندو.


تڏهن يهودي ويڙهي ويس، ۽ چيائونس تہ تون اسان کي ڪيستائين شڪ ۾ رکندين؟ جيڪڏهن تون مسيح آهين تہ اسان کي صاف چئي ڏي.


يسوع کين جواب ڏنو، تہ مون پيءُ جي طرفان ڪيترائي چڱا ڪم اوهان کي ڏيکاريا آهن، پوءِ انهن مان ڪهڙو ڪم آهي، جنهن سبب اوهين مون کي سنگسار ٿا ڪريو؟


يهودين جواب ڏنس تہ اسان جي شريعت آهي، ۽ اُنهيءَ شريعت موجب هو موت جي لائق آهي، ڇالاءِ جو هن پاڻ کي خدا جو فرزند بنايو آهي.


انهي سبب ڪري يهودي هيڪاري کيس مارڻ لاءِ وجهہ ڳولڻ لڳا، ڇالاءِ جو هن نہ رڳو سبت ٿي ڀڳو، پر خدا کي خاص پنهنجو پيءُ سڏي، پاڻ کي خدا جي برابر ٿي ڪيائين.


سڀڪو ماڻهو اعليٰ حڪومتن جو تابعدار رهي: ڇالاءِ جو اهڙي ڪابہ حڪومت ڪانهي جا خدا جي طرفان نہ هجي، جيڪي بہ حڪومتون آهن سي خدا جي طرفان مقرر ٿيل آهن.


جيتوڻيڪ هو خدا جي صورت ۾ هو، تہ بہ خدا سان برابر هئڻ جي درجي کي ڇڏڻ جو ڊپ نہ ڪيائين،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ